سَخاوَتَ بابت
معنيٰ
سخا، بخشش، دان، خيرات، فياضي، فراخ دلي، درياه دلي، ڪشاده دلي.
Generosity, liberality.
بيتن ۽ وائين ۾
- ڏَڏُ وَڏو گهُري، ھوتاڻِيءَ ھَٿان، سَمي سَخاوَتَ جو، گِيرَبُ نَہ گاءُ، جاءُ وَھِلو آءُ، ڏي ڏانُ ڏَڏَنِ کي.[ سُر بلاول - جکرو جوان ]
- سَمُو سَخاوَتَ جِي، اُڀو پُڇي پَرِ، ڪوٺي ڪَنگالَنِ کي، ڏي دِلاسو دَرِ، مَٿي وِلَهنِ وَرِ، ڏِھاڙِي ڏاتارَ جِي.[ سُر بلاول - مجوسِي، ڄام ۽ جادم ]
- جَي تُون آسائو آھِين، وانءُ پانڊَپَ پاسِ، گهوڙا ھِيرَوَ ھَٿِيا، وَٺِي آءُ وَٽانسِ، پَريندي پِئاسِ، سُتِي سَخاوَتَ جِي.[ سُر بلاول - مجوسِي، ڄام ۽ جادم ]