زَنجِيرَنِ بابت
معنيٰ
لوھَ جي ڪَڙين جون ڳُتيل قطارون، سَنڪِلِين، چينون، سَنگرن، نِئَرن، واگهن. ٻيڙين، اشڪولن. ڏاوڻن. ڪڙين، قطارن. ڳچيءَ ۾ پائڻ جا ڳھ.
Chains, shackles, fetters.
بيتن ۽ وائين ۾
- اَڱَڻَ مَٿي اوپِرا، جَڏھِن ڏاگها ڏِٺَئِي ڏِينھَن، وَٺِي سَڙَڪَ سَسُئِي، ويھُ وِھاڻِيءَ سِينءَ، چوٽِي سين چانگَن کي، جَڙِ زَنجِيرَنِ جِيئَن،…[ سُر ديسي - اڱڻ مٿي اوپرا ]
- اللهَ اِيئَن مَ ھوءِ، جِيئَن آئُون مَران بَندَ ۾، جُسو زَنجِيرَنِ ۾، راتو ڏِينھان روءِ، پھرِين وَڃان لوءِ، پوءِ مَرُ…[ سُر مارئي - بندياڻي واجهائي وطن کي ]
- مارُنِ پاسي مِينھَن اُٺا، لَڏي ويندَڙي لوءِ، اللهَ ڪو ھِتِ آڻِيين، پانڌِي پائُرَ جو، ڪانَہ ٻُڌِيسُون ڪَڏِھِين، زَنجِيرَنِ ۾ جوءِ،…[ سُر مارئي - وايون ]
- جِتي مارُو تِتي پانڌِي اَلو! عُمَرَ او اِيندو، پُڇان ڪوءِ عُمَرَ مِيان ويندو پُڇان لوءِ، پَنڌان کارِئو پَھِيڙا، ڪِي جو…[ سُر مارئي - وايون ]