رَکَنِ بابت
معنيٰ
ڇڏينِ، ڌَرنِ، ٽِڪائينِ، رکي ڇڏنِ. بچائينِ، سنڀالينِ، محفوظ ڪنِ، سانڍينِ. گڏ ڪنِ.
To keep, put, place, have, reserve, retain, preserve, lie by, save, engage or entertain a sevant, defer, postpone, defend, put off.
بيتن ۽ وائين ۾
- ڇَپَرِ اوتارا ڪَري، سينڌِي ٿِي مِرُنِ، ڪامُون ھَڻِئو ڪَرَھا، ڪاھِيو ڪيچِ وَڃَنِ، مُون سين ڪيرَ ھَلَنِ، مَدِي رَکَنِ مَنَ ۾.[ سُر معذوري - ڪتا ۽ ڪوھ ]
- رِڃُنِ ۾ رَڙِ ٿِي، ڪَرَ سارَنگِيءَ سازُ، اِيءَ عِشقَ جو آوازُ، ماڻُهو رَکَنِ مُنڌَ تي.[ سُر معذوري - نڱي بي بوجهہ ]
- مُئا مَنجِهہ مُقامَ، سِڪَنِ ٿا سَلامَ کي، اَنگِ نَہ اوڍِين ڪَپِڙو، طَلَبَ نَہ رَکَنِ طَعامَ، اللهَ آڻِ قِيامَ، تَہ ڏِسُون…[ سُر بروو سنڌي - صُورت فانِي ۽ مڙه مقام ]
- بُکَ وِڌائُون بَگرِيين، جوڳِي ڪَندا جُڃَ، طَلَبَ نَہ رَکَنِ طَعامَ جِي، اوتِئو پِيَنِ اُڃَ، لاھُوتِيَنِ لَطِيفُ چئَي، مَنُ ماري ڪِئو…[ سُر رامڪلي - بُک، طعام، گدا ۽ گبري ]
- جَا بَرادَ بُتَنِ جِي، سا اُڃَ بُکَ آديسيَنِ، روزو رِندَ رَکَنِ، عِيدَ نَہ اوڏا ڪاپَڙِي.[ سُر رامڪلي - بُک، طعام، گدا ۽ گبري ]
- سامِي چائِيين سُکُ طَلَبِيين، ھو مَ ھُوندَنِ جِيئَن، لاھُوتِي لَطِيفُ چئَي، ھُونِ نَہ آديسِي اِيئَن، سي ڪاپَڙِي ڪِيئَن، جٖي تَعلَقَ…[ سُر پورب - سامي سنياسي ]
- ڪاجا پَرِ پَنوَھارَ، ڪَنِ ويڙِھِيچا وَڻَنِ سين، ڪَپِئو ڪُھاڙَنِ سين، ڏارِئو رَکَنِ ڏارَ، تَنِ سُڪَنِ ڪِھَڙِي سارَ، تَہ ڪي اُٺا…[ سُر مارئي - مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو ]