روضي بابت
معنيٰ
مقدس مقبري، قُبي (ڪُٻو)، ڪنھن بزرگ جي قَبَر مٿان سھڻي گنبذ، تُربت مٿان سھڻي قُبي. درگاھ. آستاني، مَزارَ.
Shrine, mausoleum, tomb, dome
بيتن ۽ وائين ۾
- ڪَري ھَڪَلَ ھُوءِ، اُتَران ٿِي آيُون، ڀَري تَڙَ تَرايُون، جوڙي ھَلِيو جُوءِ، پَسو جا پَٽَنِ ۾، کَٿُورِيءَ خُوشِبُوءِ، وَڃِي رُوبَرُوءِ،…[ سُر سارنگ - آگمجڻ ]
- روضي تان رَسُولَ جي، ڪِئو وِڄَڙِيُنِ وارو، ھادِي ڀَرِ حُڪُمَ سين، ھِيءُ تَڙُ تاسارو، ڀَرِيائِين ڀيرَ پَئِي، نَظَرَ سين نارو،…[ سُر سارنگ - آگمجڻ ]
- مَڪي کان ٿِي موٽِيُون، اُٺِيُون تي عَرَفاتِ، روضي پاسِ رَسُولَ جي، ريجَهہ ڪِيائُون راتِ، وِڄَڙِيُون پِرِڀاتِ، موٽِي مِصِرِ آيُون.[ سُر سارنگ - آگمجڻ ]
- پِرھَ پَکِي آيو، ڪَربَلان ڪَھِي، روضي پاسِ رَسُولَ جي، تَنھِن ھَلِي ھاڪَ ھَنئي، ڏِٺِيَمِ رُڪَ رَئِي، چَڙُھ مِيرَ مُحَّمَدَ عَرَبِي.[ سُر ڪيڏارو - پرھ پکي آيو ]
- پِرِھَ پَکِي آيو، صُبحِ سَوارو، روضي پاسِ رَسُولَ جي، جَنھِن ھَنيو ھاڪارو، مانجِهيُنِ ڪِئو مارو، چَڙُھُ مِيرَ مُحَّمَدُ عَرَبِي.[ سُر ڪيڏارو - پرھ پکي آيو ]