دانُ بابت
معنيٰ
ڏاڻُ، بخشش، خيرات، بيکَ، بِکيا، پُنُ، پُڃُ، عطا. عَطيو، اِمداد، اِنعام، تُحفو. ڏَنُ، نَذرانو، سوکڙي، سوغات.
A gift, grant, charity, alms.
بيتن ۽ وائين ۾
- ڪَرِڙا ڏُونگَرَ ڪَھَ گهَڻِي، جِتِ بَرَ پَٽَ بَيابانُ، ڏاھَنِ ڏاھَپَ وِسَرِي، ٿِئا حَرِيفَ حَيرانُ، سَسُئِيءَ لَنگِهئو سَيِّدُ چئَي، مَحَبتَ سين…[ سُر ديسي - ڪرڙا ڏُونگر ]
- پُنهون پِريشانُ، ھئَي ھئَي حالُ مُنھِنجو، مُون کي بُکَ بوتَنِ جِي، نَڪِي ڀايان نانُ، شَھَرُ صَحرا ڀانيان، مُون ليکي مَيدانُ،…[ سُر حسيني - وايون ]
- پَرَديسان پَنڌُ ڪَري، سُڻِي آيُسِ شانُ، مَڱان ڪِھَڙِيءَ مَتِ سين، آئُون نِسورو نادانُ، سو ڪو ڏِيارِيھُون ڏانُ جو طَمَعَ کي…[ سُر سورٺ - سائل در آئيو ]
- تَندُ تُمارِيءَ تانُ، جو ڪَھِيو سو قَبُولُ ٿِئو، سِرُ تَہ آھي سَٽِ ۾، ٻِئو ڪو مَڱِجِ دانُ، اِيءُ خاڪِ مِٽِي…[ سُر سورٺ - ماتام ۽ موڪلاڻي ]
- گُذَرِ گَئِي گُذرانُ، ڪِينَ قَبُولِجِ ڪاپَڙِي. عَلِيءَ جو مَيدانُ، سَکَرَ سَناسِينِ کي.[ سُر رامڪلي - سڳا سيلهيون ۽ نااميدي ]