جَتُ بابت
معنيٰ
اُٺ هڪليندڙ، اُٺ ڌاريندڙ يا چاريندڙ، اوٺِي، اوٺار، شُتربان.
A class of Asian people who are rear camels and drive them, a camel man.
بيتن ۽ وائين ۾
- ويچارِيءَ وَڻِڪارُ، اَڳُ نَہ ڏِٺو ڪَڏِھِين، مِھرَ نَہ ھُئِي ماڻُهين، ھو سَڀُ ھِندُوڪارُ، جَتُ ڪِيائين يارُ، سُورَنِ ڪارَڻِ سَرَتِيُون.[ سُر آبڙي - واقف وڻڪار، وڏا وڻ ]
- ڪافُون ڪاھِيندِياسِ، موٽان تَہ ڪُرَ ميھَڻو، ٻانِهي ٻاروچَنِ سين، سَڱُ نَہ ساھِيندِياسِ، اَلفِراقُ اَشَدُّ مِنَ المَوتِ ، ھِتي نَہ ھُوندِياسِ،…[ سُر آبڙي - سڀ ڪجهہ سندي اندر ]
- ڀاياڻِي ٿِي ڀورِ، پُٺِيءَ ڪيچِيَنِ ڪَڪِرا، لانچي لَڪُ لَطِيفُ چئَي، اُٿِي ڏُونگَرُ ڏورِ، رائو مِڙيوئِي رَتَ سين، ڪارَڻِ ڪانڌَ ڪَڪورِ،…[ سُر آبڙي - ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ ]
- اَدا ڙي ڏوٿِي پُڇان تو ٿِي، ڪيچَ رَسَندِيَسِ ڪِيئَن، ڪو ڏَسُ مُون ڏي، نَہ آئُون سَمِي نَہ سُومَرِي، نَہ آئُون…[ سُر آبڙي - وايون ]
- جاران جَتُ ڏِٺومِ، عَينَنِ سين آمِينَ اَلا، سَڄين نيڻين سوجِهرو، پِريان جو پِيومِ، اُونداھو اَندَرَ جو، تَهِين ويرَ وِئومِ، سَرَھو…[ سُر ديسي - جت، اُٺ ۽ ڌاريا ]
- ديسِ وِجهي جَتُ دامُ، ساھُ ٻَجهائي ساڻُ وِئو، تَنھِن ڪَڍَ ويندِيَسِ ڪيچَ ڏي، آھي اِيءُ اَنجامُ، ڇالَ ڇَپَرَ جو ڄامُ،…[ سُر ديسي - وديسي وَرُ ]
- ڪاڏي مُنھُن مَڪرانَ جو، ڪيڏانھَن ڪيچُ ٿِئو، ھِھَڙو ساٿُ ڀَنڀورَ تان، ڪَڏِھِين ڪونَہ پِئو، ڪوھِيارو ڪامَ ھَڻِي، چوري چِتُ وِئو،…[ سُر ديسي - اوٺي اُٻھرا ]
- وِئو جاڳائِي جَتُ، ويرِي ڪَنھِن وِلاتَ جو، سَندو سُورَنِ خَطُ، ڏِنُمِ ھوتَ ھَٿَنِ سين.[ سُر حسيني - سُور ۽ ڏکن ماري ]