جاڳي بابت
معنيٰ
ننڊ مان اٿي ڪري، بيدار ٿي ڪري
May awake.
بيتن ۽ وائين ۾
- پاڻِهين لوڙائُو ٿِئي، پاڻهيِن دانھُون ڏي، گهَرَ وارو جاڳي، چوَرَنِ بَڇَ ڪَري.[ سُر سريراڳ - صراف ۽ جوھري ]
- مَتان گِهڙِين سُهڻِي، اَڄُ دَرياھَ ۾ دَمُ، ڪارِيءَ راتِ ڪُنَنِ ۾، ڪِھَڙو اَٿَئِي ڪَمُ، مَتان جاڳي ڏَمُ، پُڇي پاڙي وارِيُون.[ سُر سھڻي - جيئري، ساھڙ ڌاران ]
- ڏَمُ مَ جاڳي لو، مَ پاڙيچِي سارَ، آئُون جَا ويندِي مُلِ ميھارَ، آڻي ڪِيرَ کوڙِئا، سانڀارَ سَنگهارَ، گهَرِ گهَرِ گِلا…[ سُر سھڻي - وايون ]
- جاڳي جاڳي سَسُئِي، جان ھيجان ھَٿَ وِڌاءِ، سيڄَ سُڃِي پِرِينءَ ريءَ، پُنهون پَٿَرِ ناھِ، اُٿِيندي چَياءِ، گهوڙا گهَرِ نَہ سُپِرِين.[ سُر ديسي - جبل ڏي نہ جواب ]
- نائين ڏِينھِن نيڻانِ، اوجاڳي اُجارِئا، سَٻاجهي ٻاجَهہ ڪِي، سُڃاڻِي سيڻانِ، جِتي نَظَرُ ناٿَ جو، اُتِي اوتارانِ، اِھي اُھڃاڻانِ، لِڪا ڀُوڻَنِ…[ سُر رامڪلي - ڏھاڙي وارتا ]
- مَرَڻُ مُسَلِم جَنِ، واحِدُ تَنِ نَہ وِسَرِي، مَٿي سَڳَرَ ڪاپَڙِي، نانگا نِنڊَ نَہ ڪَنِ، نيڻَ سَندا ئِي تَنِ، اوجاڳي اُجارِئا.[ سُر رامڪلي - سڳا سيلهيون ۽ نااميدي ]