بَحرَ بابت
معنيٰ
درياھ، سمونڊ، وڏو پاڻي. (اصل ٺيٺ سنڌي ٻول ”ٻار“. حوالو: مون کي مون پرين ٻڌي وڌو ٻار ۾.“)
River, sea, ocean.
بيتن ۽ وائين ۾
- سِڙَه ٿي سِبِيائُون، بَندَرَ جَنِ تَڙَنِ تي، سِڙَه سِبِي ساڄا ڪَري، کُوھا کَنيائُون، بيرَقُون بَحرَنِ ۾، چوڙي ڇَڏِيائُون، لَهرِيُون لَنگِهيائُون،…[ سُر سامونڊي - وايون وڃڻ جون ]
- دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جِتِ سَٽاڻا سيسارَ، بيحَد واڳُو بَحرَ ۾، ھيبَتَ نانگَ ھَزارَ، سارِيان ڪانَہ سَرِيرَ ۾، طاقَتَ توھِيان…[ سُر سھڻي - دھشت دام درياھَ ]