بادَلُ بابت
معنيٰ
ڪَڪر، اَبرُ، جهُڙ.
A cloud.
بيتن ۽ وائين ۾
- عَجَبُ نَينَ تَيرَي، سَرَسُ نَينَ تَيرَي، جَلَ وِچ ڪَنوَلُ ڪَنوَلَ وِچ مُدُوئا، جُون چاند ڪُون بادَلُ گَهيرَي، چُڻِ ڀُڻِ ڪَلِيان…[ سُر ڪلياڻ - وايون ]
- وَسي سارِي راتِ، صُبوحَ جو ساھُ کَڻي، مَنجهيئِي مِينھُن پِرِيَنِ جو، جَي تَنَ ۾ ھوئي تاتِ، وِھاڻِيءَ پِرِڀاتِ، بادَلُ بَسِ…[ سُر سارنگ - بادل نيڻ ۽ مينھن ]
- مِينھان ۽ نِينھان، ٻَئِي اَکَرِ ھيڪَڙي، جي تُون وَسَڻَ جا ويسَ ڪَرِين، تَہ ڪَڪَرَ ڪَنَ ڪِيھان، بادَلُ ٿِي بِيھان، جي…[ سُر سارنگ - بادل نيڻ ۽ مينھن ]
- مِلجان مِلجان مِلجان، سَڄَڻَ سانُون چورِي چورِي، بادَلُ بَرَسي وِڄُڙِي جا چَمڪي، بُوندَ پَڙِي ٿوڙِي ٿوڙِي، صاحِبُ دانا بي نِشانا،…[ سُر سارنگ - وايون ]