اِيمانُ بابت
معنيٰ
دل جو يقين، اعتقاد، عقيدو. اعتبار، ڀَروسو، ويساھ. پَت.
Faith, belief, religion, integrity.
بيتن ۽ وائين ۾
- ڪَلِمي گو ڪوٺائِيين، اِنَ پَرِ نَہ اِيمانُ، دَغا تُنھِنجي دِلِ ۾، شِرڪُ ۽ شيطانُ، مُنھَن ۾ مُسلِمانُ، اَندَرِ آذَرُ آھِين.[ سُر آسا - ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو ]
- ڪَلمي مُون کي ڪِينَ ڪِئو، مُوران مُسلِمانُ، اَحمَدَ ڪونَہ آندو، عَرَبَ کان اِيمانُ، اِيءُ سِرُ آھي سُبحانُ، آدَمَ ليکي آدِمِي.[ سُر آسا - ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو ]