اُھوئِي بابت
معنيٰ
اُهو ساڳيو.
That very, identical, same.
بيتن ۽ وائين ۾
- حَبِيبَنِ ھيڪارَ، مَنجهان مِھرَ سَڏُ ڪِئو، سو مُون سَڀَ ڄَمارَ، اورَڻُ اُھوئِي ٿِئو.[ سُر ڪلياڻ - عشق ۽ معشوق ]
- تِھَڙا چالِيھا نَہ چالِيھَ، جِھَڙو پَسَڻُ پِرِينءَ جو، ڪِھَڙِي ڪاتِبَ تُون ڪَرِيين، مَٿي پَنَنِ پِيھَ، جَي وَرَقَ وَرائِيين وِيھَ، تَہ…[ سُر يمن ڪلياڻ - پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ ]
- تُون چَنڊُ اُھوئِي، جَو ھُتي پَسِين پِرِينءَ کي، آڏِتَ چَئِجِ عَجِيبَ کي، ڏِيان جَي روئِي، ھيڪانديءَ ھوئِي، سانگُ نَہ پوئي…[ سُر کنڀات - چنڊ ]
- چورُ اُڀو اِيئَن چوءِ، آئُون اُھوئِي آھِيان، جَي اَسِي اَکِيُنِ ھوءِ، تَہ لِڪي کي ڪو نَہ لَھي.[ سُر سريراڳ - صراف ۽ جوھري ]
- گِهڙِي گهَڙو ھَٿِ ڪَري، ٻَھُون نِھاري ٻَنگُ، سِرُ دَرِ قَدَم يار فِدا شُدِ چہِ بَجا شُدِ ، وَصُلَ اُھوئِي وَنگُ،…[ سُر سھڻي - پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو ]
- سَختِي شَھادَتَ جِي، مَلارُ مِڙيوئِي، ذَرو ناھِ يَزِيدَ جو، آثارُ اُھوئِي، ڪُسڻُ ھو ڪوئِي، اَصلِ اِمامَنِ سين.[ سُر ڪيڏارو - ڏٺو محرم ماھ ]
- ڪُڄاڙو ڏيئِي، آئُون مِڙَندِي پِرِينءَ کي، سِرُ ٿِي سُنَتَ ڀانيان، سَڃِينديَس سوئِي، اوڙَڪِ اُھوئِي، وِجَهندِيَسِ پيشِ پُنهونءَ جي.[ سُر آبڙي - ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ ]
- آدَمُ ڪَلَ اللهَ جِي، آھي جَلِيلَ سَندِي جاءِ، ڪَعبو اُھوئِي آھِ، پُوڄِئو ڪوھُ نَہ پُوڄِيين.[ سُر رامڪلي - الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي ]
- کَڻُ بورائُو بازَ کي، ڳِجَهہ مَ ڳَري لاءِ، آھي اِنَ اَنڌِيءَ جِي، جِيفي پاسي جاءِ، کاڄُ اُھوئِي کاءِ، ھُو جو…[ سُر ڪيڏارو - داستان پھريون ]