اُلُوھيَتَ بابت
معنيٰ
ڌڻيءَ جي ذات. وحدت. ڌڻيءَ جي حقيقت، هيڪڙائي حق.
Divine, deity, Godhead, the divine essence.
بيتن ۽ وائين ۾
- لَڙَڪي لَنئُن نَہ سُڃاتو، راندِ ڀانيائِين رازَ کي، اَنڌو اُلُوھيَتَ کان، آھي اِيءُ اُماتو، صُباحَ سو نَہ شُمارَ ۾، جَو…[ سُر سھڻي - وايون ]
- پايو مُنھُن مُونَنِ ۾، ويٺا ئِي وِھسَنِ جوڳِي جاٽُون ڪَنِ، جُھ آيا اُلُوھيَتَ ۾.[ سُر رامڪلي - آديسي ۽ مونا طور سينا ]
- آيا اُلُوھيَتَ ۾، لاھُوتُ لَنگِهئو جَنِ، مَنجهان تَنِ جُسَنِ، حَرَفُ نَہ سُڄي ھيڪِڙو.[ سُر رامڪلي - آديسي ۽ مونا طور سينا ]
- ٻي دَرِ وانءُ مَ ڪيڏانھِين، جو تُون ڄامُ مَڱَندين مَڱڻا، ڦيرِ مَ ڪَنڌُ ڪِياڙِي، ٿِيندِي حاجَ ھِنئائِين، ماڻِڪَ موتِي مالَ…[ سُر جاجڪاڻي - وايون ]