اَرڏا بابت
معنيٰ
ايذاءَ ڏيندڙ، ڏکوئيندڙ، عذاب ڏيندڙ، ڪھندڙ، اڙٻنگ، اهنڊ، اڻاوا. ڏکيا، زوراور، شوخ، ضدي، ڪرڙا، کھرا.
Rough, hard, thorny.
بيتن ۽ وائين ۾
- ھَلَندي ھاڙھو مَڻِي، ڪَرَڻُ ڪوھَ پِئامِ، اَرڏا آرِيءَ ڄامَ ري گُوندَرَ گُذَرِئامِ، لَڪِيُون لَڪَ لَطِيفُ چئَي، اپرانگهَڻُ آيامِ، پُرڻُ پُنهونءَ…[ سُر معذوري - ھاڙھو پنڌ ]
- ڇَپَرُ ۽ ڇَمَرُ، ٿا لَڳَھَ لَڳَنِ پاڻَ ۾، آئُون پِيادِي پَٽِيين، نِماڻِي نِڌَرَ، اَرڏا ڏُونگَرَ ڪَرڪِرا، ويڌَ وِنگايُون وَرَ، سوڙِھا…[ سُر ديسي - واٽُون ۽ سُور ]