اولادَ بابت
معنيٰ
وياءُ، ٻار ٻچا، عيال، ڄڻيا. سنڌيءَ ۾ واحد طور مشتعمل لفظ (پيٽ ڄائو پٽ يا ڌيءَ).
Children, offspring.
بيتن ۽ وائين ۾
- سَختِي سِيادَتَ جِي، سُڻُ شادِيءَ جو ڏِينھُن، ذَرو ناھِ يَزِيدَ جو، نِسورو ئِي نيِنھُن، مَرَگِ اُٺو مِينھُن، عَلِيءَ جي اولادَ…[ سُر ڪيڏارو - ڏٺو محرم ماھ ]
- جهيڙو لاھِ يَزِيدَ، عَلِيءَ جي اولادَ سين، ڪانَہ پَسندين عِيدَ، حَسَنَ مِيرَ حُسينَ ري.[ سُر ڪيڏارو - عليءَ جو اولاد ]
- جَنِي جهيڙئو ڪالَهہ، عَلِيءَ جي اولادَ سين، ھاءِ تَنِي جي حالَ، جي جَماعِتِي يَزِيدَ جا.[ سُر ڪيڏارو - عليءَ جو اولاد ]
- جَنِي جهيڙئو اَڄُ، عَلِيءَ جي اولادَ سين، ڀاءَ تنِي کان ڀَڄُ، جي جَماعِتِي يَزِيدَ جا.[ سُر ڪيڏارو - عليءَ جو اولاد ]
- جَنِي جهيڙِئو ھاڻِ، عَلِيءَ جي اولادَ سين، مَهِندان پييَنِ ڪاڻِ، ٿِئا جَماعِتِي يَزيدَ جا.[ سُر ڪيڏارو - عليءَ جو اولاد ]