آلو بابت
معنيٰ
پُسيل، ڀڳِل، ڀنل، تَر.
Wet, moist.
بيتن ۽ وائين ۾
- پِرھَ پَکِي آيو، ڪَربَلا مان ڪالَهہ، آيو آلودو رَتَ ۾، ھئَي ھئَي مَنجهان حالَ، گهوٽَ وَناھِيا ڪالَهہ، ٻيلِي مِيرَ حُسينَ…[ سُر ڪيڏارو - پرھ پکي آيو ]
- آلوڙو اَکِيُنِ، آيَمِ نِنڊَ اَڀاڳُ کي، ھاڻي ھِنَ ڀَنڀورَ ۾، گهارِيان ڪارَڻِ ڪَنِ، اَدِيُون اوٺِيَڙِنِ، مُون ھِنيَين سين ھاڃو ڪِئو.[ سُر ڪوھياري - نِدورِي نِنڊ ]
- سَدا سَناسِيَنِ جُون، اَکِيُون آلو ماھُ، واري نيڻَ نِنڊان، جانۡ ڪي جَهلِئا جوڳِيين.[ سُر رامڪلي - آديسي ۽ مونا طور سينا ]
- داتا سَندي دَرَ تي، وِڳَندُ ويٺو پَسُ، تَنھِن روڳِيءَ کي رَسُ، جو آلودو آزارَ سين.[ سُر بلاول - وڳند ]