آدِمِي بابت
معنيٰ
آدم زادو، ماڻهو، بشر، انسان، آدَمُ. سمجهو ساهوارو، ذهني. جيءُ وارو.
Men. A man.
بيتن ۽ وائين ۾
- آدِمِيَنِ اِخلاصُ، مَٽائي ماٺو ڪِئو، ڪَڏِھِين کائي ڪو نَڪو، سَندو ماڻُهوءَ ماسُ، دِلبَرَ ھِنَ دُنِيا ۾، وَڃِي رَھندو واسُ، ٻِئو…[ سُر بروو سنڌي - دل جو دلبر ]
- ڪَلمي مُون کي ڪِينَ ڪِئو، مُوران مُسلِمانُ، اَحمَدَ ڪونَہ آندو، عَرَبَ کان اِيمانُ، اِيءُ سِرُ آھي سُبحانُ، آدَمَ ليکي آدِمِي.[ سُر آسا - ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو ]