آجِي بابت
معنيٰ
آزاد، ڇُٽل. بي تعلق. واندي.
Free, at liberty, emancipated, disengaged.
بيتن ۽ وائين ۾
- راڻا راتِ گهَڙِي، مُون گهَرِ اَچِي جي ٿِيين، عَيبَنِ کان آجِي ٿِيان، اَچين جي چَڙِهي، راڻا تو لَئي رَڙِي، ويئِي…[ سُر راڻو - ڏِيئا، تيل ۽ مھمان ]
- سَمُو تَنِ سَڏَ ڪَري، جَنِ تي وَڏو ويرُ، اُٿِي تَہ آجِي ٿِيان، پاءِ پاڳوڙي پيرُ، تو ريءَ ٻِئو ڪيرُ، سَرَڻِنِ…[ سُر بلاول - سمو سلطان ۽ ابڙو ]
- نيڻَ نِھاري مُنھِنجا، روئِي رَتُ ٿِئا، جي ھَٿان ھوتَ وِئا، سي اَچَنِ تَہ آجِي ٿِيان.[ سُر ڏھر - اڱڻ، ڌڻي ۽ مدينو ]
- ماندِي ٿِيءُ نَه مارُئِي، وَرَقَ وَرَندا پَسُ، جُسو زَنجِيرُنِ ۾، جالَڻُ آهي جَسُ، مارُو آڻي مَسُ، آجِي ڪَندا ڪوٽَ کان.[ سُر مارئي - سيئي سارئان سومرا ]