ڪورِينِ بابت
معنيٰ
ڪپي ڇڏينِ، وَڍَينِ. هڏي وغيرہ تان ڪپ سان ماسُ لاهِڻ، ڇِلَڻ، کُرڙڻ، کَلَ لاهڻ. وڍَڻ، ڪَپَڻ، ڪاٽڻ، ڪَٽڻ. لَسو ڪرڻ، سِڌائي ڪرڻ.
To scrape out, to hake out, to cut
بيتن ۽ وائين ۾
- وَحدَہٗ جٖي وَڍِئا، الاللهَ سين اورِينِ، ھِنيُون حَقِيقَتَ گَڏِئو، طَرِيقَتَ تورِين، مَعرِفَتَ جِيءَ ماٺِ سين، ڏيساندَرَ ڏورِيِن، سُکَ نَہ سُتا…[ سُر ڪلياڻ - يڪتائي ]
- پَنوَھارَنِ پاٻُوھِيو، ڪِي وَسَ واھُوندَنِ، لَٿو سِيءُ لَطِيفُ چئَي، ٻَڌو ڦَنُ ڦَرَنِ، پائُرِ ڏِنِيُون پُٺِيُون، نَنڍَن نوراپَنِ، عُمَرَ اُنَ اَگُوندَرِي،…[ سُر مارئي - مارُن ريت، پنھوارن پاٻوھيو ]