ڏُئِلِي بابت
معنيٰ
ڏولِي، پالڪي، محافو. هِندورو. محلات.
A small palanquin, a kind of sedan. Palace.
بيتن ۽ وائين ۾
- ڇِپُون ڇَپَرَ کَٽَ، پَھَڻَ پَٿِراڻِيُون ڀايان، جِتي رَھان راتِڙِي، مِرُون مُون مائِٽَ، سيڻَنِ جِيءَ سَھَٽَ، ڏُونگَرُ مُون ڏُئِلِي ٿِئو.[ سُر حسيني - ٻاروچا، فراق ۽ وصال ]
- اللهَ جِي آسَ ڪَري، ھَلِئو ھِئائِين، چارَڻَ ٻَڌا چَنۡگَ کي، جُهوڙا ۽ جهائِين، ڏُئِلِي راءِ ڏِياچَ جِي، ڏُوران ڏِٺائِين، وينَتِيُون…[ سُر سورٺ - سائل در آئيو ]
- ڏَڏُ وَڏو ڏَڏُ، پاڻُ ڪوٺائي مَڱِڻو، نَہ ڪَنھِن نِيو پاڻَ سين، نَہ ڪَنھِن ڪِئو گَڏُ، سَٻَڙَ ڪَري سَڏُ، کَڻِي ڏَڏُ…[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]