ٻانھوٽِي بابت
معنيٰ
ننڍڙي ٻانهي، ڪنيزڪ. غلامن جي غلام. گولِي.
A junior slave girl.
بيتن ۽ وائين ۾
- ٻانِهي ٻانھوٽِي، ڪَنِيزَڪَ ڪيچِيَنِ جِي، ٻَئِي ٻاروچي ھَٿَ ۾، چَڳُنِ سِر چوٽِي، مَعذُورِ کي موٽِي، شالَ پُڇَندو پَٻَ ڌَڻِي.[ سُر ڪوھياري - اُڊڪا ۽ ايلاز ]
- ٻانھوٽِي ٻانِهي، زرِ خَرِيدَ جَتَنِ جي، سي ڪِيئَن وَڃَنِ وِسَرِي، جي جِيءَ سَندا جانِي، اَڱَڻِ اَمانِي، شَلَ ڪيچِيَنِ جي ڪامَ…[ سُر ڪوھياري - اُڊڪا ۽ ايلاز ]