وِرِچِئو بابت
معنيٰ
ڪڪ ٿيو، بيزار ٿيو، ٿڪجيو، خفا ٿي، ڏمرجي، چڙيو، رنج ٿيو، ڪلپجي.
Wearied, jaded, harassed, angry, annoyed.
بيتن ۽ وائين ۾
- تَڙي طَبِيبَنِ، گهايَلُ گهَران ڪَڍِئو، چِڪِئا چاڪَ چِيھُون ڪَري، ڪَڙِيُون مُورُ نَہ ڪَن، دوسِتَ دَرسَنَ تُنھِنجي، وِڌو ٺارُ ٺَپَنِ، وِرِچِئو…[ سُر يمن ڪلياڻ - ويڄ ۽ دارُون ]
- تَنبُو طَبِيبَنِ، آڻي اَڱَڻِ کوڙِئا، دارُون ھِنَ دَردَ کي، ڦَڪِيُون فَرَقُ نَہ ڪَنِ، وِرِچِئو ويڄَ وَڃَنِ، سُڌِ نَہ پييَنِ سُورَ…[ سُر يمن ڪلياڻ - ويڄ ۽ دارُون ]