ماتامُ بابت
معنيٰ
ماتمُ، غَمُ، ڏُکُ، غَمِي، سُوءِ، سوزُ، درد، رَنجُ، روڄ، راڙو، پِٽَ، پِٽِڪو، اوسار، واءِ ويلا، رودَنُ.
Mourning, grief, lamentation, beating the chest in grief, regret, sorrow, ritual mourning (for Imam Hussain's martyrdom).
بيتن ۽ وائين ۾
- مومِنو ماتامُ واويلا، اَڄُ نَہ آيو اِمامُ، ھَئَي واويلا، دُلدُل گهوڙو گهوٽَ جو، مَٿِسِ لالَ پَلاڻِي، شيرَ شَهزادي لَڏِئو، سَيِّدَ…[ سُر ڪيڏارو - وايون ]
- ھَئَي ماتامُ ٻَرِ ماتامُ، اِمامَنِ جو ڪَرِيو ماتامُ، شَھِيدَنِ جو ڪَرِيو ماتامُ، روئِي روئِي اَکِيُون، رَتُ ڇو نَہ ڀَرِيو، جيڪِي…[ سُر ڪيڏارو - وايون ]
- واويلا واويلا، ڪِئو مَلَڪَنِ رِڻِ ماتامُ، ھئَي ھئَي شاھَ حُسينَ سِڌارِئو، ڪَربَلا جي پِڙَ ۾، آيا اَڄُ اَمِيرَ، جُهڙَ وَرائي…[ سُر ڪيڏارو - وايون ]
- ٻَھران واھَ وِڙَنِ سين، اَندَرِ مُنڌَ ماتامُ، سَسُئِيءَ سُوٽي ڪَڍِئا، تَعَلُقَ سَڀَ تَمامُ، نِئُسِ نِينھَن نِيامُ، ڏِسَنِ ڏارِيءَ ويسَ ۾.[ سُر معذوري - ڪاڪل ۽ جيسرميرياڻيون ]
- آسَڻَ پَسِئو اُنِ جا، اَچي نَہ آرامُ، ڪِينَرَ ڪُٺِي آھِيان، تَنِي جي تَمامُ، مُون کي ٿِئو ماتامُ، آئُون نَہ جِيئَندِي…[ سُر رامڪلي - آءٌ نہ جِيئندي ان ري ]
- پَنجِينءَ راتِ پَيغامَ، مُڪَمِ مارُوءَ ڄامَ ڏي، ويرِيُنِ ويڙِهِي آھِيان، وَرِجِ وِيرَ وَرِيامَ، الدُّنْيَا سِجْنُ الْمُؤْمِنِ وَجَنَّةُ الْڪَافِرِ ، ماڙيءَ…[ سُر مارئي - سارئان ۽ چڪن چاڪ ]