سُورَجَ بابت
معنيٰ
سج ، سوراج، شمس، آفتاب، خورشيد. تِڙڪو، ڪاڙهو. آسمان تي ھڪ تارو.
The sun, an star.
بيتن ۽ وائين ۾
- کَڻِي نيڻَ خُمارَ مان، جَڏھِن نازَ ڪِئائُون نَظَرُ، سُورَجَ شاخُون جَهڪِيُون، ڪُوماڻو قَمَرُ، تارا ڪَتِيُون تائِبَ ٿِئا، ديکِيندي دِلبَرُ، جَهڪو…[ سُر کنڀات - نيڻ ۽ تارا ]
- بادَلِيا تُم بِين ڪَرُون، سُورَجَ لي ڇَپاءِ، پِيَ مورا پَنڌَ ۾، مَتان ڌُوپُ لَڳي ڪَوَلا.[ سُر سارنگ - بادل نيڻ ۽ مينھن ]
- اُڀي اُڀارِئامِ، نَکَٽَ سَڀَ نَئِي وِئا، ھِڪُ مَيو ٻِئو مَينڌَرو، سَڄِي راتِ سارِئامِ، ڳوڙھا ڳَلِ ڳاڙئامِ، جَڏھِن سُورَجَ شاخُون ڪَڍِيُون.[ سُر راڻو - ڏِيئا، تيل ۽ مھمان ]
- سُورَجَ شاخُون ڪَڍِيُون، اوٺِي نَہ آيو، راڻي رَنجائو، ڏِنو مُنھِنجي ڏِيلَ کي.[ سُر راڻو - ڏِيئا، تيل ۽ مھمان ]
- جَو تو ڏِيو ڀانيو، سو سُورَجَ سُھائِي، راتِ وِھامِي ڏِينھُن ٿِئو، تَہ پُڻ اَنڌَنِ اُونداھِي، جَنِ ڏِٺو ڏِھائِي، تَنِ تَڪِيا…[ سُر رامڪلي - سڳا سيلهيون ۽ نااميدي ]