روجَهہ بابت
معنيٰ
جهنگلي جانور جو ھڪ قسم، ھرڻ جيان جيڪو ٿيندو آھي.
White-footed deer, white-footed deer.
بيتن ۽ وائين ۾
- ڏُکِيءَ سَندِيُون ڏُونگَرين، آڌِي آھُون پُونِ، مُئي پُڄاڻا مُنڌَ کي، روجَهہ رُڃنِ ۾ رُونِ، ڀُڻان اِيئَن چُوَنِ، تَہ مُئِيءَ اَسان…[ سُر معذوري - ڏُکِيءَ ڏک ]
- راتِ ڏِٺائِين روجَهہ، ڀانءِ ڪِ اوٺِي آيا، پِريَتَڻي پِرِيَنِ جي، سِڪَڻَ ڪِي سَٻوجَهہ، ھُئِي گهَڻو اَٻوجَهہ، سُورَنِ سُونھائِي سَسُئِي.[ سُر ديسي - واٽُون ۽ سُور ]
- روجَهہ ڏِٺائِين راتِ، ڀانءِ ڪِ اوٺِي آيا، ڪيچِيَنِ جي ڪَڙِي ٿِي، توءِ تَنِي جِي تاتِ، ٻاروچاڻِي ذاتِ، مَنان مُئي نَہ…[ سُر ديسي - واٽُون ۽ سُور ]
- روجَهہ نَہ پَڪَڙِجَنِ، مَتا جي ماھِ گَهڻين، ڪِجي سَڱُ سِينھَنِ سين، واڪي جٖي وَرَنِ.[ سُر ڪيڏارو - داستان پھريون ]