راتو بابت
معنيٰ
رات جو بہ، راتيان، ھر رات
Every night, in the night
بيتن ۽ وائين ۾
- آيَلِ ڪَرِيان ڪِيئَن وو مُنھِنجو نِينھُن پَلِئو نَہ رَھي، سامُونڊِيءَ جي سَڱَ کي، رُئان راتو ڏِينھَن، مادَرِ پائي مُنڊِيُون، وَڃان…[ سُر سامونڊي - وايون ]
- سِياري سِھَ راتِ ۾، جَا گِهڙي وَسَندي مِينھَن، ھَلو تَہ پُڇُون سُهڻِي، جَا ڪَرَ ڄاڻي نِينھَن، جَنھِن کي راتو ڏِينھَن،…[ سُر سھڻي - سانوڻ، سيارو گهڙي ۽ گهوري ]
- وَسَڻُ اَکَڙِيُنِ جان، جي تُون سِکِيين مِينھَن، تَہ ھُوندَ راتو ڏِينھَن، بَسِ بُوندُنِ کان نَہ ڪَرِين.[ سُر سارنگ - بادل نيڻ ۽ مينھن ]
- ڳِجَهڙِيَنِ ڳارو، راتو ڏِينھان رِڻَ ۾، پَييون پُڇَنِ پاڻ ۾، ڪَنھِن مُنھِن ڪيڏارو، کينِ کَڳَ مارو، ڪانِئرُ پِئو ڪِنُو ٿِئي.[ سُر ڪيڏارو - ڳجهُون ۽ چنڊ ]
- پيرين پِئا پُرڪَڻا، رَھَ ۾ گهَڻو رُنومِ، پاراتو پِرِينءَ کي، تَپِي تان نَہ ڏِنومِ، چُڪِي ٿِي چِيومِ، سُواھيرو سين سَڄَڻين.[ سُر آبڙي - سُک، ڏُک ۽ ارادا ]
- سَرَتِيُون سُڄي سُڃَ، مَتان ڪا مُون سين ھَلي، پاڻِي ناھي پَنڌُ گهَڻو، اَڳِئان رائو رُڳي رُڃَ، مَتان مَرِي اُڃَ، ڪا…[ سُر حسيني - لَڙُ مَ لاڙائُو، جِيءُ ۽ آتڻ ]
- آن جَي ڏِٺا ھُونِ، اللهَ ڪارَڻِ ڳالِهہ ڪَرِيو، نيڻَ مُنھِنجا رُونِ، راتو ڏِينھان اُنِ کي.[ سُر حسيني - ٻاروچا، فراق ۽ وصال ]
- وِئا تَہ ڄاڻانِ، آئُون نَہ چَوَندي گهورِئا، پاراتو ڪيڻانِ، مُون سُڻَندي مَ ڏِيو.[ سُر حسيني - وڳ قطارون ۽ ڪاروُن ]
- مُنھِنجا پيرَ پُنهون، يارَ پُنهون، سِيرُون ٿِئَڙا ڇَپَرين، آرِياڻِيءَ پُنهونءَ جو، ڏُونگَرَ ڏَسُ ڏِنو، ٻانڀَڻِ کي ٻَروچَ ري، ٿِئَڙو شَھَرُ…[ سُر حسيني - وايون ]
- مُون سين ھوتَ نَہ ڪَندَڙا ھِيئَن ھِيئَن، مُون نَہ ڇَڏِيندا ڇَپَرين، لُڪُون لَڳَنِ ڪوسِيُون، ڏاڍا تَپَنِ ڏِينھَن ڏِينھَن، ڇيڙي وِڌِيَسِ…[ سُر حسيني - وايون ]
- رُٺِي نَہ سَرَندوءِ، ھَلِي پَرچُ پِرِيَنِ سين، اوراتو ٿِيندوءِ، جَڏھِن سينگارِبا سُپِرِين.[ سُر بروو سنڌي - دل جو دلبر ]
- وارو ويراڳِيَنِ کي، ويلَ مَ وِساريجِ، قَدَمَ ڪاپَڙِيَنِ جا، لالائي لَھيجِ، پَيرَتِ پَسِئو پَٿَ جِي، وَڃَڻَ کي وَڃيجِ، راتو ڏِينھَن…[ سُر رامڪلي - آءٌ نہ جِيئندي ان ري ]
- ڪَنھِن جَنھِن سَناسِي سُورَ جِي، مَنجِهہ وَھلُورَ وَتَنِ، اَٺَئِي پَھَرَ الَکَ جو، ڪو وَڍُ ويراڳِيَنِ، سَدائِين صاحِبَ ڀَرِ، ٿا ڪاپَڙِي…[ سُر رامڪلي - ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي ]
- ڪِي جو ڪُنڀارَنِ، مِٽِيءَ پائي مَنِئو، تَنھِين مان تِرَ جيتَرِي، جي پَئي خَبَرَ کَرَنِ، ھِي تان ھُوندَ مَرَنِ، ھُنِ اَڱَڻِ…[ سُر رِپ - اندر، سٻر ۽ نھائين ]
- پَڙَهنِ وَقتَ نِمازَ جا ۽ قَضا ساري ڪَنِ، پايو مُنھُن مُصحفَ ۾، راتو ڏِينھَن رَڙَنِ، اُوءِ مُٺا ڪِيئَن مَرڪَنِ، اَندَرِ…[ سُر آسا - آئون، تُون، روزا نمازُون ]
- تَنِ وَنھِيَنِ ويڙِهيچَنِ کي، رُئان راتو ڏِينھَن، ڪالَهہ پَنوَھارَنِ لَڏِئو، مُون کي چاڙِھي چِيئَن، آئُون جِيئَندِي ڪِيئَن، جُھ اُنِ ٿَرِ…[ سُر مارئي - ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر ]
- ڪاغَذُ لِکان ڪِيئَن، جِيئَن ھَڻِئو اَمُرُ اَڌَ ڪَري، واڳِيُون جي وِصالَ سين، تَنِ چاڙِھي چِيئَن، رُئان راتو ڏِينھَن، اُنِ جي…[ سُر مارئي - ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر ]
- اللهَ اِيئَن مَ ھوءِ، جِيئَن آئُون مَران بَندَ ۾، جُسو زَنجِيرَنِ ۾، راتو ڏِينھان روءِ، پھرِين وَڃان لوءِ، پوءِ مَرُ…[ سُر مارئي - بندياڻي واجهائي وطن کي ]
- عُمَر آندِي مارِئُي، مَٿان تَڙَ تَڙي، جُسو زَنجِيرُن ۾، راتو ڏِينھَن رَڙي، قَيدَنِ مَنجِهہ ڪَڙي، سَڱَ نَہ وَٺِجَنِ سُومَرا.[ سُر مارئي - جھ سي لوڙائو ٿئا ]
- تَڙِ تَماچِي آيو، وَرِي ٿِي وَراڻِ، ڪِينجُهرَ ٻِنهِي ڪَنڌِيين، راتو ڏِينھِن رِھاڻِ، پَرَچِي ويٺو پاڻِ، ٿِيُون مَرڪَنِ مَڇِيءَ وارِيُون.[ سُر ڪاموڏ - تڙ تماچِي آيو ]