حِيلو بابت
معنيٰ
اُپاءُ، تجويز، سبب، وسيلو، رستو، رِٿ، ڪارڻ، نمونو، دنگ. سِٽَ، ڪوشش، سعيو، اُدم، محنت. روزگار، ڪم، ڌنڌو، نوڪري.
Stratagem, artifice, plan.
بيتن ۽ وائين ۾
- سَرُ جو سَنڌِئو سَڄَڻين، سِينڱ مَنجهان سيلو، ٽينگرُ ٽِڪِئو ڪِينَ ڪِي، پارِ لَنگِهئو پِيلو، ھَڻَڻَ سان حِيلو، جانِبَ جيڏوئِي ڪِئو.[ سُر يمن ڪلياڻ - باھ ۽ ساڙو ]
- اُو ڏَمَرِئو ڏِسُ، ھِيءُ حِيلو ھُوَنھِين ھارَ جو، سُڻو سَڀَ سَرَتِيُون، اِيءُ وَرُ نَہ ڪَنھِين وَسِ، دَعويٰ پِھرِئين دَسِ، ڀَڃِئو…[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]
- جَڏھِن جَرُ ھارئو ٿي جَکِري، رُنوءِ ڏِئُري ڍارَ، ڍولي تَڏِھِين ڍيلِيُيءِ، سُوڀِي ٿِيَئِي نَہ سارَ، چَنيسَرَ ڀَتارَ، حِيلو ڪِئو ھارَ…[ سُر ليلا - ليلا ليلائيج ]