جامُ بابت
معنيٰ
پيئڻ جو ٿانءُ، پيالو. شراب جو گلاسُ، ساغر، پيمانو، ڪٽورو، زيتون.
A goblet, kind of drinking bowl.
بيتن ۽ وائين ۾
- وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَهٗ ، اِيءُ وِھائِجِ وِيءُ، کَٽين جَي ھارائين، ھَنڌُ تُنھِنجو ھِيءُ، پاڻا چُوندَءِ پِيءُ، ڀَري جامُ جَنَتَ…[ سُر ڪلياڻ - يڪتائي ]
- جَڏائِيءَ جو جامُ، ڏِنائُون ڏُکِيءَ کي، مَنگَلُ مُنھِنجي مَنَ ۾، ٻارِئو ھوتَ حُمامُ، اَرَڳِ ٿِئو آرامُ، ڪاڪُلُ پَسِي ڪانڌَ جو.[ سُر معذوري - ڪاڪل ۽ جيسرميرياڻيون ]
- ديسِ وِجهي جَتُ دامُ، ساھُ ٻَجهائي ساڻُ وِئو، تَنھِن ڪَڍَ ويندِيَسِ ڪيچَ ڏي، آھي اِيءُ اَنجامُ، ڇالَ ڇَپَرَ جو ڄامُ،…[ سُر ديسي - وديسي وَرُ ]
- ٿِيَنِ سِڪَ سَيِّدُ چئَي، تيرَھينِ ڏيِنھِن تَمامُ، گَنگا لُوٽِي گودَڙِئا، جَرُ پِيتائُون جامُ، ويٺا آھِين وِجودَ ۾، نانگا رَکِئو نامُ،…[ سُر رامڪلي - ڏھاڙي وارتا ]
- رُوحَ ۾ رَھِيُنِ رامُ، ٻَھَرِ ٻولِينِ ڪِي ٻِئو، پِيالا پُرِ ڪَري، جوپَ پِيتائُون جامُ، تِھان پوءِ تَمامُ، تَنِ تَڪِيا تاڪي…[ سُر رامڪلي - بازار، ناٿ، گرو ۽ ھرنام ]
- شينَئُون شَرِيعَتَ جا، تابِعَ ٿِئا تَمامُ، تَنِ کي طَرِيقَتَ جِي مَنَ ۾، ميخَ مُدامُ، ھَلَنِ حَقِيقَتَ ۾، مَعرِفَتَ تَنِ مُقامُ،…[ سُر رامڪلي - ٽيھ اکري ]