آگم ڪيو اچن...

متارا

تصويرون ۽ نقشو

متارن جون قبرون
ڊجيٽل نقشو
(موکي ۽ متارا ڪردارن بابت محترم اختر بلوچ جي اردو ڊان ۾ رپورٽ)
آڊيو رپورٽ

اضافي معلومات

سُر جنھن ۾ ذڪر ملي ٿو يمن ڪلياڻ

مَتارا، شاھ لطيف جي شاعريءَ جا اجتماعي ڪردار آهن، جن جو ذڪر ”سُر يمن ڪلياڻ“ ۾ ملي ٿو. متارا مشھور لوڪ داستان، ”موکي متارا“ جا مکيہ ڪردار آهن. تاريخ ۾ موکيءَ جي باري ۾ وڌيڪ ڪجهہ ڄاڻ ملي نہ سگهي آهي. متارن جو تعداد ڪن روايتن ۾ اٺ ۽ ڪن ۾ ڇھہ ڄاڻايل آهي. مختلف مقامي روايتن ۾، متارن جو موکيءَ جي مئخاني ۾ سال اڌ ۾ اچڻ، سَپَ جي زهر وارو شراب پي بہ، نہ مرڻ ۽ زهر جي خبر پوڻ تي هڪدم مري وڃڻ (ڪجهہ روايتن موجب، متارا زهريلي شراب پيئڻ جي هڪ سال بعد مرن ٿا) ۽ موکيءَ جو مئخانو ويران ٿي وڃڻ وارا ٽاڻا ساڳيا آهن. پَر انهن روايتن مان ڪنھن بہ روايت ۾ متارن جي حسب نسب، تاريخ وفات بابت، ڪاب مستند ڄاڻ نہ ٿي ملي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، پنھنجي لوڪ ادب واري ڪتاب ۾ متارن بابت، ڌار ڌار روايتون ڏنيون آهن، جن مان هڪ روايت موجب، هڪڙا اٺ يار، پيالي ڀائيوار، موکيءَ جي ميخاني جي هاڪ ٻڌي آيا. اهي اٺ يار، ٻہ سمَا، ٻہ سومرا، ٻہ چنا ۽ ٻہ چوهاڻ ھئا. انهيءَ ڳالهہ جي تصديق لاءِ ڪنھن سگهڙ جو بيت ڏنل آهي.

”ايندا هئا اٺ ڄڻا، موکيءَ گهر مھماڻ

ٻہ سما، ٻہ سومرا، ٻہ چنا، ٻہ چھواڻ.“

هڪ ٻيءَ روايت جو حوالو ڏيندي، ڊاڪٽر بلوچ لکيو آهي: ”انهيءَ زماني ۾ ، سري ۾ ست جوان رهندا هئا. جي هڪ ٻئي جا يار هئا. کين متارا ڪري سڏيندا هئا. “ (بلوچ 1964ع ص:13) 

متارن جو واحد اهڃاڻ، سندن قبرون آهن، جيڪي ڪراچيءَ جي علائقي گڏاپ ۾، نارا ٿر جبل تي آهن. انهن قبرن تي ڪن محققن، تحقيق ڪري، سندن حسب نسب معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. پر انهيءَ ۽ِ ڪا گهڻي ڪاميابي ملي نہ سگهي، جنھن کي سامهون رکي اهو چئي سگهجي تہ متارا، ڪير هئا؟ موکيءَ جي مئخاني تي ڪٿان ايندا هئا ۽ ڪيڏانهن ويندا هئا. سندن وفات جو صحيح سال بہ اڃا تاٿين معلوم ٿي نہ سگهيو آهي۔

متارن جي قبرن بابت، بدر ابڙو لکي ٿو: ”متارن جون قبرون. سپر هاءِ وي ٽول پلازہ (ڪراچي) کان اتر طرف ويندڙ گڏاپ روڊ تي اٽڪل 15 ڪلوميٽر پنڌرھن ڪلوميٽر پري نارا ٿر ٽڪريءَ تي آھن. (ابڙو بدر 2000ع ، ص؛306)

متارن جي قبرن تي جيڪي نالا لکيل آهن، اهي ڪجهہ هن ريت آهن: ”حالار حاجي يا حادار حاجي، اسماعيل حاجي،‏ اسحاق حاجي، يا اسحاق يا اسمعيل ۽ آدم روستم، چؤديواري اندر ڇھين قبر تي ڪوبہ نالو لکيل نہ آهي. گل حسن ڪلمتي، پنھنجي ڪتاب، 'ڪلاچي سنڌ جي مارئي ۾، لفظ متارا بابت لکي ٿو ”متارا لفظ، سنڌي ٻوليءَ ۾ صحتمند پھلوان لاءِ استعمال ٿيندو آهي. سومرن ۽ سمن جي دور ۾، سنڌ جي حفاظت ڪندڙن کي بہ متارا چيو ويندو هو، جيڪي باقاعده سرڪاري عھدن تي مقرر ٿيندا هئا. هن قصي ۾ متارن لاءِ سگهڙن، پنھنجي شاعريءَ ۾ سردار، ڏاتار ۽ سريءَ جا سردار وغيرہ جھڙا لفظ استعمال ڪيا آهن، جنھن مان معلومات ٿيندو تہ اهي حڪومت جي خاص منصب جا مالڪ هئا يا سردار هئا. سري جو علائقو اڄ بہ ٿاڻي بولا خان لڳ، ڪوهستان ۾ موجود آهي. سري، ڪوهستان پر ديھ پڻ آهي، جنهن سيوهاڻي رستي تي موکيءَ جو مئخانو هو. سري بہ سيوهڻ ويندڙ اِن قديم رستي تي آهي. گهڻن ليکڪن سري کي اتر جي معنيٰ ۾ لکيو آھي انکان سواءِ سرو شراب کي بہ چيو ويندو آهي. سري جا سردار معنيٰ شراب جا سردار، مطلب تہ وڏا پياڪ. (گل حسن ڪلمتي: سال 2007ع ص: 373)

گل حسن ڪلمتيءَ پنھنجي ڪتاب، ”ڪراچي سنڌ جي مارئي“ ۾ لکي ٿو: ”ڪجهہ جهونا چون ٿا تہ اڳي ھر سال ڪوهستان کان ڪجهہ ماڻهو ايندا ها ۽ نارا ٿر جي مٿين چوٽِيءَ وارن قبرن تي دعا گهري اگربتين جو واس ڏئي، گُل چاڙهي ريندا هئا. ان ڳالهہ جي تصديق، موکي ۽ شاھ مريد جي خدمتگار، مرحوم ابراهيم خاصخيليءَ پڻ ڪئي ھئي، ھن‏ ‏متارن کي ڪوهستان جا سردار ڄاڻايو ۽ چيو تہ اهي واپار سانگي بندر تي ايندا هئا ۽ رات موکيءَ جي مئخاني ۾ گذاريندا هئا “ (ڪلمتي 2014ع ص. 446)

 شاه لطيف، متارن جو ذڪر، ”سُر يمن ڪلياڻ ۾ ڪيو آھي آهي. شاھ لطيف، قصي جي تاريخ، جاگرافي ۽ ٻيا تفصيل نظرانداز ڪري، ڪھاڻيءَ جي عروج کي پنھنجو موضوع بڻايو آھي تہ متارا ڇو مئا؟ شاھ لطيف، متارن جي موت موکيءَ جي ڪلاڙڪيءَ ڪِرت، ڪيف ۽ ويڻ کي اهميت ڏني آهي.