آگم ڪيو اچن...

ڪيچ بابت

ڪيچ

ڪيچ ڳوٺ

ڪيچ جو ڊجيٽل نقشو

ڪيچ، ھڪ تاريخي علائقو آھي، جيڪو بلوچستان صوبي جي مڪران ڊويزن جو ھڪ ضلعو آھي.

 ھن علائقي تي ”ڪيچ“ نالو ڪيئن پيو؟ تنھن بابت، راءِ بھادر، لالا ھتورام، پنھنجي ڪتاب ”تاريخ بلوچستان“ ۾ لکي ٿو : ”اڳ ۾ ھن مُلڪ جو نالو گنج آباد ھو، ھتي جي حڪومت مُلڪ شهريار خان جي ھٿن ۾ ھئي. ھن ايران جي شاھہ، ڪاءِ خسرو، فوج موڪلي گنج آباد کي ويران ڪري ڇڏيو. اُن وقت ايراني فوج، فتح جي خوشيءَ ۾ چيو تہ، ”گنج آباد کي ھيچ ڪيو ويو آھي“، تڏھن کان غلط العام طور ”ھيچ“ کان ”ڪيچ“ مشهور ٿيو. چئني پاسن جي حَدُن ۾ اوڀر ڏانھن قديمي زماني ۾ ڪولواھہ، ھاڻي آب سَر تائين، اولهہ پاسي پُراڻي زماني ۾ ڪسرقند، ھاڻي تمپ تائين اُتر طرف بليدہ جَهل ۽ ڏکڻ ۾ گوادر ۽ والي مسقط پسني بندر ۽ اورماڙہ بندر ۽ ڄام صاحب جو علائقو لسٻيلو ۽ ان جي ڀرپاسي جون حدون ھن ۾ اچن ٿيون.“ (ھتورام، 1987ع، ص :646)

تاريخ جي اڀياس مان ڄاڻ ملي ٿي تہ ڪيچ مڪران تي ڪيتريون ئي ڪاھون ٿيون آھن. قديم زماني  ۾ مختلف حڪمرانن ھن خطي تي قبضو ڪري حڪومت ڪئي. سڪندر جي فوجن جو ھتان گذر ٿيو تہ اُنھن ھن علائقي کي گدروشيا جي نالي سان سڏيو. ڪيچ، مڪران ان جي گاديءَ جو ھنڌ پڻ رھيو آھي.

يوناني مورخ، آرين(Arrian)، ڪيچ مڪران جي سرزمين،

ماحول ۽ ماڻھن جي رھڻ لاءِ راءِ ڏيندي چيو تہ ھتي جي آبهوا گرم، زمين ريتيلي ۽ ماڻھن جي رھڻ جوڳي ناھي. يونانين کان پوءِ، 303 (ق.م.) ۾ ھتي، چندر گپت قبضو ڪيو. ان کان پوءِ، مختلف دؤرن ۾، مختلف حڪمرانن جي قبضي ۾ رھڻ کان پوءِ، ھن ڌرتيءَ تي اسلامي دؤر ۾، عربن جي حڪومت قائم ٿي، جنھن جي شروعات حضرت عمر﷦ جي دؤر کان ٿي. ان کان پوءِ، ڪيترن ئي عرب گورنرن ھتي حڪومت ڪئي. ڏھين صدي عيسويءَ ۾، عرب حاڪم، عيسيٰ بن معادن ڪيچ ۾ رھندو ھو. 

”تُربت“ جو پراڻو نالو، ”ڪيچ“ ھو. ”ڪيچ“ جو نالو،

”تُربت“ ڪيئن پيو؟ تُربت جو نالو، انگريزن جي دؤر ۾، ملي ٿو. ھن کان اڳ ھي، ڪيچ جي نالي سان مشھور ھو، جنھن لاءِ چيو وڃي ٿو تہ انگريزن جي دؤر ۾، ھتي ايراني ۽ فارسي سپاھي،  انگريزن سان گڏ ھئا، جيڪي ھتي فوجي نوڪرين تي ھئا. ان وقت بغاوت ڪري ھي علائقو، باقي علائقن کان ڪٽيل ھئو. ھتي شديد گرمي ھوندي ھئي، جيڪا ايراني سپاھين لاءِ برداشت جوڳي نہ ھئي. انھيءَ گرمي جي ڪري انھن ڪيچ کي تُربت (قبر) سان تشبيھہ ڏني. ھو جڏھن پنھنجن علائقن ڏانھن لکپڙھہ ڪندا ھئا تہ لکندا ھئا اُھي تُربت معنيٰ ڊيوٽي ڏئي رھيا آھن . ايئن ڪيچ شھر جو نالو تربت مشھور ٿيو. ڪيچ (تُربت) ۾ ذڪري فرقي جا ماڻهون وڏي انگ ۾ رھن ٿا، جتي ذڪرين جي اھم زيارت گاھ ”ڪوھ مُراد“ آھي. ڪيچ کجين جي باغن ۽ کجور جي ڪري مشھور آھي. 

گل حسن ڪلمتيءَ موجب، ڪيچ حقيقت ۾ اُن خطي کي چيو وڃي ٿو جيڪو ڪيچ نديءَ جي ٻنهي پاسن، ساميءَ کان ناصرآباد تائين پکڙيل  آھي. ڪيچ ندي، تُربت جي آسپاس مَند، تُمپ، وادي مڪران ۽ ڪولواھہ جي طاس لاءِ بہ استعمال ٿيندي رھي آھي. ھن واديءَ جي اُتر ۽ ڏکڻ ۾ واقع علائقن تي ٻڌل بليدہ، دشت ۽ ڪولانچ لاءِ بہ اھو نالو استعمال ٿيندو رھيو آھي، جنھن کي مارڪوپولو، ” ڪيز مڪران“ ۽ ابن بطوطا ”ڪيچ مڪران“ لکيو آھي. ھن کي اُنھي لاءِ ڪيچ مڪران جي نالي سان سڏيو ويو تہ جيئن ايراني مڪران (ايراني بلوچستان) کان ھن جي سڃاڻپ ۽ فرق واضح ھُجي.

ھن وقت ڪيچ ضلعي جي اولھ ۾ ايران، اوڀر ۾ آواران، ڏکڻ ۾ گوادر ۽ اُتر ۾ پنجگور ضلعا واقع آھن، جڏھن تہ ڪيچ ضلعي جو ھيڊڪوارٽر تُربت شھر آھي،  ڪيچ ضلعو تُمپ، تُربت، بليدہ ۽ دشت تعلقن تي ٻڌل آھي. 2017ع جي آدمشماريءَ موجب، ھن ضلعي جي آبادي 909116  آھي جيڪا 1998ع ۾ ، 413204 ھُئي. ھتي رھندڙ قبيلن ۾، گچڪي، نوشيرواڻي ۽ ھوت شامل آھن.

ڪيچ جي نالي سان ھڪ نئن بہ آھي، جيڪا ايراني ايراضيءَ مان نڪري، پنجگور ۽ آواران جي علائقن مان ٿيندي، تُربت مان لنگهي ٿي. تُربت مان ٿيندي، ميراڻي ڊئم لتاڙيندي اڳتي وڌي ٿي. ميراڻي ڊئم کان پوءِ، ھن نئن کي ”دشت ڪؤر“ سڏيو ويندو آھي. ڪؤر بلوچي ٻوليءَ ۾، نئن کي چيو ويندو آھي. ھيءَ نئن، دشت کان اڳيان ڪُلِدان ۽ دَرابول جبل واري علائقي ۾  سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي.

شاھہ لطيف جو سورمو، پُنھون ڪيچ جو رھاڪو ھو، جتي اڄ بہ پُنھونءَ جي پيءُ، ڄام آري عالي  جي محل ”ميري ڪلات“ جا ڊٺل آثار موجود آھن. شاھ لطيف، پنھنجي ڪلام ۾، ڪيچ جو ذڪر تمام گهڻن بيتن ۽ واين ۾ گهڻي انگ ۾ ڪيو آھي.

ڪيچان آيو قافِلو، ڄامَنِ سندو ڄامُ،

پَسَندي پُنھُونءَ کي، اکين ڪِيو آرامُ، 

ناتَرِ چايان نامُ، جي مُون نِھو پَاڻ سين.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ”شاھ جو رسالو“، سُر ديسي، داستان 3، بيت 8، ص: 386)