ابراھيم فقير خاصخيلي (وفات: 1961ع)
تمر فقير کان پوءِ وارن لطيفي راڳ جي اڳواڻن ۾ ابراھيم فقير جو نالو اھم آھي. ابراھيم فقير جي اڳواڻيءَ ھيٺ شاھ لطيف جي راڳ جي ترقي ٿي، سندس دؤر ۾، اڳ جي ڀيٽ ۾ گهڻا ماڻهو شاھ لطيف جو راڳ ٻُڌڻ لاءِ درگاھ تي ايندا ھئا. ابراھيم فقير کان اڳ، شاھ لطيف جو راڳ ھفتي ۾ جمعي ۽ اربع تي ٻہ راتيون ٿيندو ھو، پر ابراھيم فقير واري دؤر ۾، شاھ لطيف جو راڳ جمعي، اربع، سومر ۽ آچر جي راتين ۾ ٿيڻ لڳو، يعني ھفتي ۾ چار راتيون شاھ لطيف جو راڳ سندس اڳواڻيءَ ھيٺ ٿيندو ھو. ابراھيم فقير پاڻ جمعي جي ڏينھن ڳائيندو ھو، اربع تي صالح ماڇي، سومر رات سليمان فقير ۽ آچر جي رات، محمد فقير اوڏ پنھنجيءَ جماعت سان گڏ ڳائيندو ھو.
ابراھيم فقير سان، سندس اڳ وارن فقيرن مان پير علي بخش، تاجو وساڻ، عيسي فقير ٻگهيي ۽ يوسف فقير، سندس اڳواڻيءَ ھيٺ ڳايو. اِن کان سواءِ جمعي واريءَ رات جو سندس اڳواڻيءَ ۾ اللھ بچايو لنجواڻي، محمد فقير اوڏ، ميرو فقير لنجواڻي، جلال فقير، پير غلام شاھ ۽ سندس پُٽ محرم فقير ڳائيندا ھئا.
1957ع ڌاري، جمعي رات واري اڳواڻي، ابراھيم فقير کان پير غلام شاھ ورتي ۽ ابراھيم فقير پنھنجي پڇاڙيءَ واري عمر ۾ وري اربع جي رات ڳائڻ لڳو.
ابراھيم فقير، 30 سال راڳ جي اڳواڻي ڪئي. سندس اڳواڻيءَ جو عرصو، 1929ع کان 1958ع تائين رهيو ۽ 23 ڊسمبر 1961ع ۾، وفات ڪيائين.
اللھ بچايو فقير تمراڻي (1947ع-2006ع)
فقير اللہ بچايو ولد ميھار فقير تمراڻي 1947ع ڌاري ڳوٺ ميھار فقير تمراڻيءَ لڳ، ڀٽ شاھ ۾ ڄائو. پاڻ شاھ لطيف جي خاص خليفي ۽ راڳ جي اڳواڻ تمر فقير جي گادي نشين جي اولاد مان ھو. سندس ابن ڏاڏن مان ڪيترائي، شاھ جي راڳ جا نھايت ئي سريلا ۽ ناليوارا راڳي ٿي گذريا آھن. پاڻ، راڳ جي سکيا، احمد فقير تمراڻي ۽ موسيٰ فقير راھؤَ کان ورتائين ۽ پندرهن سالن جي عمر ۾، درگاھ ڀٽ شاھ تي راڳ ڳائڻ جي شروعات ڪيائين. کيس راڳ بابت وڏي ڄاڻ ھئي ۽ سُر مارئيءَ ڳائڻ ۾ وڏي مھارت ھيس. وڏڙن طرفان وراثت ۾ مليل لطيفي راڳ کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ڪيئي شاگرد تيار ڪيائين، جن ۾ رسول بخش تمراڻي، علي ڏنو تمراڻي (موجودہ گادي نشين تمر فقير)، غلام محمد تمراڻي، محرم فقير ۽ فقير طالب حسين تمراڻي اھم آھن.
فقير الله بچايو تمراڻي درگاھ ڀٽ شاھ تي پھرين مختلف جماعتن سان گڏ ڳائيندو ھو، پر 1981ع ۾، سيد نور محمد شاھ جي وفات کان پوءِ، راڳ جو اڳواڻ ٿيو ۽ جمعي رات واريءَ جماعت جي اڳواڻي ڪيائين. پاڻ پنجويھن سالن تائين يعني 1981ع کان 2006ع تائين، درگاھ ڀٽ شاھ تي لطيفي راڳ جو اڳواڻ رهيو. کيس مڃتا طور ’لطيف ايوارڊ‘ پڻ مليل ھو. پاڻ درگاھ ڀٽ شاھ کان سواءِ، ھر سال درگاھ شاھ ڪريم تي ميلي جي موقعي تي پڻ ستين ذوالقعد جي رات، راڳ جي اڳواڻي ڪندو ھو، ۽ پنھنجيءَ جماعت سان گڏجي ڳائيندو ھو. فقير الله بچائي تمراڻي 2006ع ۾، وفات ڪئي ۽ يعقوب شھيد جي مُقام ۾، يعقوب شھيد جي مزار ويجهو اوڀر طرف دفن ٿيل آھي.
الياس فقير پنهور
الياس فقير ذات جو پنهور، بڪيرن جي طرف جو ويٺل ھو. ميين اسماعيل پيريءَ سبب، غير رسمي طور الياس فقير کي راڳ جي اڳواڻي ڏني، ۽ الياس فقير وڏو عرصو غير رسمي طور راڳ جي اڳواڻي ڪئي. ميين اسماعيل جي وفات کان پوءِ عبيدالله خليفو ٿيو، پر سندس ٻولي ڪڇي لهجي واري ھئي، انهيءَ ڪري راڳ جي اڳواڻي ڪرڻ مناسب نہ ڄاتائين، پر جيئن تہ ھو تمرفقير جي تڪيي جو فقير ھو، انهيءَ ڪري الياس فقير کي ڌاڳو ڏنائين ۽ راڳ جي اڳواڻي سندن حوالي ڪيائين. الياس فقير، 28 سال راڳ جو اڳواڻ ٿي رهيو. سندس اڳواڻيءَ جو عرصو، 1262ھ/1845ع کان 1290ھ/1873ع تائين رهيو. مراد فقير ٻگهيي ۽ رهمو فقير ساڻس گڏ ڳايو.
تَمر فقير (وفات: 1767ع)
تمر فقير ذات جو سالاريو ھو ۽ سندس وڏا کنڊوءَ لڳ ويٺل ھئا، جتي ھن وقت ڳوٺ ’بلند شاھ سالارو‘ آھي. سالارو، سائي گاھ جي وِيءَ جو نالو آھي، ۽ اتي جا رهندڙ ’هالا‘ ذات جا ماڻهو سالارا سڏجڻ لڳا! تمر فقير بہ ذات جو ھالو ھو. شاھ لطيف راڳ ڳائڻ لاءِ تمر فقير ۽ ٻين فقيرن کي خاص طرح ترغيب ڏني ۽ انهن جي سکيا پڻ ڪئي ۽ منجهائن ھڪ کي راڳ جو اڳواڻ مقرر ڪيو، يعني راڳ جي ھن نئين اداري ۾ ڳائيندڙ فقيرن جو ھڪ خاص ٽولو مقرر ٿيو ۽ جنھن جي اڳواڻي تمر فقير جي حوالي ڪئي وئي. انهيءَ لحاظ کان تمر فقير، شاھ لطيف جي راڳ جو پھريون اڳواڻ ھو. اھڙيءَ طرح چئي سگهجي ٿو تہ شاھ لطيف پاڻ راڳاين فقيرن جي پھرينءَ ٽوليءَ جي سکيا ڪئي. شاھ لطيف جي وفات کان پوءِ درگاھ تي تمر فقير جي اڳواڻيءَ ھيٺ، ’شاھ لطيف جو راڳ‘ ٿيڻ لڳو.
سماع ۽ راڳ جا ادارا فقيرن جي ھٿ ۾ ھئا، جنھن ڪري ماڻهن ۾ فقيرن جي وڏي مڃتا ھئي. نئون گادي نشين پير جمال شاھ، شاھ لطيف جي فقيرن جي اثر رسوخ کي سھي نہ سگهيو، جنھن ڪري لاچار تمر فقير کي ڀِٽَ جو مقام ڇڏڻو پيو، ۽ تماچي فقير نهڙيي سان گڏجي ڪڇ ھليو ويو، ۽ ڪڇ ۾ لطيفي راڳ جو بنياد وڌائين. تمر فقير، پنھنجي پھرين دؤر ۾، 21 سال شاھ لطيف جي راڳ جي اڳواڻي ڪئي، جيڪو عرصو 1144ھ/1731ع کان 1165ھ/1751ع تائين ھو. ان کان پوءِ 12 سال 1165ھ/1751ع کان 1177ھ/1763ع تائين ڪڇ ۾ رهيو. جمال شاھ جي وفات کان پوءِ قائم الدين شاھ، جيڪو ٻيو گادي نشين ٿيو، تنھن شاھ لطيف جو امرُ سمجهي، خاص ماڻهو ڪڇ ڏانھن روانو ڪيو، جيڪو وڃي تمر فقير کي وٺي آيو. تمر فقير، ڪڇ کان موٽڻ کان پوءِ ڳچ وقت حيات ھو. ھُن ڀٽ شاھ تي اچڻ سان، ’شاھ لطيف جي راڳ‘ کي شاھ لطيف جي حياتيءَ جي دستور موجب پوري نظام ۽ انتظام سان ڳايو ۽ وري ھڪ ڀيرو ٻيھر 1177ھ/1763ع کان پنھنجي وفات جي سن 1181ھ/1767ع تائين راڳ جي اڳواڻي ڪئي.
خليفو لائق ڏنو (وفات: 1929ع)
خليفي لائق ڏني، 1290ھ/1873ع کان 1338ھ/1919ع تائين پنھنجي راڳ جي اڳواڻن جي اڳواڻيءَ ۾ ڳايو. ھُو ڪيھر فقير جي وفات کان پوءِ راڳ جو اڳواڻ ٿيو. سندس اڳواڻيءَ ۾، ابراھيم فقير، پيرعلي بخش شاھ، تاجو وساڻ، يوسف ٻگهيي ۽ عيسيٰ فقير ٻگهيي ڳايو. خليفي لائق ڏني، 1338ھ /1919ع کان 1348ھ/1929ع تائين ڏھ سال راڳ جي اڳواڻي ڪئي، شاھ لطيف جي راڳ جي ھن اڳواڻ 1348ھ/1929ع ۾ وفات ڪئي.
سيد جُمن شاھ (جنم: 1962ع )
سيد جمن شاھ، درگاھ ڀٽ شاھ جي سدا ملوڪ راڳي سيد مير محمد شاھ (ميرل شاھ) جو پُٽ آھي. سندس جنم 1962ع ۾، ڀٽ شاھ تي ٿيو. سندس وڏڙن مان ڪيترائي بزرگ شاھ لطيف جا راڳي ٿي گذريا آھن، جن ۾ علڻ سائين (وڏو)، سيد غلام شاھ (ڏاڏو)، سيد ميرل شاھ (پيءُ)، سيد نورمحمد شاھ (چاچو) جا نالا ذڪر جوڳا آھن. راڳ جي حوالي سان مٿس پنھنجن بزرگن جو وڏو اثر ھو. پاڻ، ننڍڙيءَ عمر ۾ ئي گهر جي ماحول مان سُرن کان واقف ٿيو ۽ ٻارهن سالن جي عمر ۾ ڳائڻ جي شروعات ڪيائين. سندس راڳ جي تربيت جُڙيل فقير لنجواڻيءَ جي نگرانيءَ ھيٺ ٿي. ان کان علاوہ پنھنجن وڏڙن جي علم کان بہ فيضياب ٿيو.
سيد جمن شاھ، پھرين آچر جي رات راڳ واريءَ جماعت سان ڳائيندو ھو، پر 2006ع ۾، فقير الله بچائي جي وفات کان پوءِ پاڻ، درگاھ ڀٽ شاھ تي لطيفي راڳ جو اڳواڻ ٿيو ۽ جمعي رات واريءَ جماعت جي اڳواڻي ڪيائين. ان وقت (2006ع) ۾ جمعي رات راڳ واريءَ جماعت ۾، فقير مير حسن تمراڻي، فقير علي ڏنو تمراڻي، فقير رسول بخش تمراڻي ۽ ٻين سان گڏجي ڳائيندو ھو. اڄڪلهہ (2018ع)، جمعي رات واريءَ جماعت ۾، فقير قادر بخش خاصخيلي، فقير گل محمد خاصخيلي، جواڻ فقير ڇڄڙي ۽ ٻين سان گڏجي ڳائيندو آھي.
سيد جمن شاھ، ھن وقت درگاھ ڀٽ شاھ تي ’شاھ لطيف جي راڳ‘ جو اسڪول ھلائي ٿو ۽ ڪيترائي شاگرد بہ تيار ڪيا اٿس، جيڪي مختلف جماعتن ۾ راڳ ڳائين ٿا. سندس نگرانيءَ ھيٺ، ڪراچيءَ جي ھڪ شاگردياڻيءَ، شمائلا ھيماڻيءَ، شاھ جي راڳ جي سکيا ورتي، جنھن ڪئناڊا جي مشھور البرٽا يونيورسٽيءَ مان شاھ لطيف تي پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي آھي. ان کان علاوہ اِھو فن پنھنجي اولاد ڏانھن بہ منتقل ڪيو اٿس، جيئن سندس ايندڙ نسل راڳ جي سلسلي کي زندہ رکي سگهي. پاڻ، 43 سالن کان لڳاتار درگاھ تي شاھ لطيف جو راڳ ڳائي پيو. رسالي جي ٻين سُرن جي ڀيٽ ۾، سُر سورٺ ۽ سُر مومل راڻو ڳائڻ ۾ ماھر آھي. سيد جمن شاھ، دنيا جي مختلف ملڪن ۾، شاھ لطيف جي راڳ جي نمائندگي ڪري چڪو آھي. پاڻ جرمني، فرانس، آمريڪا، انگلئنڊ، ھالئنڊ، بيلجيم، اٽلي، آسٽريا، آسٽريليا ۽ انڊيا ۾، شاھ لطيف جو راڳ ڳائڻ کان علاوہ، ملڪ جي مختلف شھرن ۾، سرڪاري توڙي خانگي ٽي. وي. چئنلن ۽ ريڊيو تي ڪلام پيش ڪري چڪو آھي. کيس مڃتا طور ’لطيف ايوارڊ‘ پڻ مليو آھي. ھن وقت سندس رهائش، پير پاڙي ڀٽ شاھ ۾ آھي.
سيد غلام شاھ (وفات: 1976ع)
پير غلام شاھ ولد سيد علي بخش شاھ، پوئين دؤر ۾، شاھ لطيف جي راڳ جو وڏو ماھر، ڄاڻو ۽ سدا ملوڪ راڳي ٿي گذريو آھي. دنبوري جي وڄت توڙي راڳ جي ڄاڻ ۾ پنھنجو مٽ پاڻ ھو. تند نھايت ھنرمنديءَ سان وڄائيندو ھو.
پير غلام شاھ راڳ جي سکيا ابراھيم خاصخيليءَ کان ورتي ۽ ڳائڻ جي شروعات بہ سندس ئي اڳواڻيءَ ھيٺ ڪيائين ۽ ان وقت سندس جماعت (ٽولي) جا ساٿاري، تاجو وساڻ، عيسو فقير، يوسف فقير ٻگهيو ۽ فقير الله بچايو لنجواڻي ھئا. ابراھيم فقير جي اڳواڻيءَ واري دؤر ۾، درگاھ تي ھفتي ۾ چار راتيون: آچر، سومر، اربع ۽ جمعي جي رات راڳ ٿيندو ھو، جنھن ۾ سومر جي رات راڳ واري اڳواڻي، پير غلام شاھ وٽ ھئي. اُن وقت سندس اڳواڻيءَ ۾ حسين شاھ، مير محمد شاھ، علي نواز شاھ، جلال فقير نظاماڻي، نور محمد شاھ ۽ احمد فقير ڳائيندا ھئا.
ابراھيم فقير خاصخيليءَ کان پوءِ راڳ جي اڳواڻي، پير غلام شاھ ڪئي. سندس اڳواڻيءَ جو دؤر، 1957ع کان 1975ع تائين رهيو. پاڻ جڏهن راڳ جو اڳواڻ ٿيو تہ ٻن ٽن سالن اندر (1959ع
واري وقت ۾) ھفتي ۾ پنج راتيون راڳ ٿيڻ لڳو ۽ ٻين ڇھن ستن سالن اندر (1964ع واري وقت ۾) ھفتي ۾ ڇھ راتيون راڳ ٿيڻ لڳو ۽ سندس آخري دور (1974ع کان 1975ع) ۾ ھفتي جون ست ئي راتيون راڳ ٿيڻ لڳو.
پير غلام شاھ، شاھ جي راڳ جو وڏو ڄاڻو ھو. ھن ڪيترين ئي واين کي ھڪ نئين انداز ۾ ڳايو، جيڪو انداز اڳ ۾ ڪونہ ھو ۽ واين جي لئہ ۽ تار ۾ جدت آندائين. وائيءَ جي ڳائڻ ۾، ساڳئي وقت، ’ٽيپ‘ ۽ ’گهور‘ جي ھم آھنگيءَ واري سٽاءَ ۾ واڌارو ٿيندو رهيو، جنھن ڪري واين ۾ نغماتي گونج وارو وڏو رس پيدا ٿيو ۽ ’جَهڙ‘، جا ست ئي قسم، نھايت ئي سهڻي نوع ۾ نروار ڪيائين. ان کان علاوہ يعقوب شاھ وانگر پاڻ بہ دنبوري جي وڄت ۾ ٻن قسمن جي نئين ’جَهڙ‘، ايجاد ڪيائين. سندس ايجاد ڪيل ’جَهڙ‘ جي وڄت ھن طرح آھي:
ٻہ ڌڪ زبان تي، ھڪ ٽيپ تي، ھڪ گُهور تي. ھڪ ڌڪ زبان تي، ٻيو گهور تي (پر ھلڪو) ۽ ان کان پوءِ تڪڙ سان ٽيپ تي، چوٿون گهور تي ۽ پنجون زبان تي.
’جَهڙ‘ جا اِھي ٻئي قسم، سُر سورٺ ۾ وڄائبا آھن. ’جَهڙ‘ انهيءَ لاءِ وڄائبي آھي، جيئن راڳين کي ساھيءَ لاءِ ڪجهہ وڌيڪ وقفو ملي سگهي ۽ ساھيءَ واري وقفي کان پوءِ راڳ جو ٻيو دور يا وارو شروع ڪجي، ۽ ساڳيءَ طرح پھرين فقير پاڻ بيت ڳائيندو ۽ پوءِ ساٿين لاءِ بيتن جي ڏَس ڪندو. يعقوب شاھ کان پوءِ غلام شاھ ئي ’جَهڙ‘ ۾ واڌارا ڪيا، جن کي اڄ بہ درگاھ تي فقير وڄائين ٿا.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، 1975ع ۾، شاھ جي رسالي ۾ موجود سُرن جي راڳن تي تحقيق جو ھڪ سلسلو شروع ڪيو ھو، جنھن ۾ ھن گواليار گهراڻي جي راڳي، استاد منظور علي خان ۽ غلام شاھ اڳيان عرض رکيو تہ شاھ لطيف جي رسالي ۾ موجود ٽيھن سُرن ۾ سمايل راڳن جي روپ، آروهي، امروهي، وادي ۽ سموادي سُرن کي واضح ڪجي، تہ جيئن شاھ لطيف جي راڳ سان چاھ رکندڙ، سُرن ۾ موجود راڳن بابت ٺوس بنيادن تي مڪمل ڄاڻ حاصل ڪري سگهن تہ ڪھڙو سُر، ڪھڙي مارڳ ۽ ديسي راڳ تي آڌاريل آھي. جڏهن تحقيق ۽ راڳ جي سڃاڻڻ جو اِھو سلسلو شروع ٿيو تہ غلام شاھ، ھر ھڪ سُر جي تند وڄائي ۽ راڳ کي دنبوري جي وڄت ۾ نروار ڪيو ۽ ان بعد اِھو راڳ ڳائي، ان جي ’سڏ‘ ۽ ’ميان‘ کي ورجايائين ۽ استاد منظور علي خان کي گذارش ڪئي وئي تہ ھو ھر سُر جي راڳ کي سمجهڻ ۾ مدد ڪري، پر پوءِ بہ سرگم جي صحيح صورت متعين نہ ٿي سگهي، ڇو جو استاد منظور علي خان وارن انهيءَ موسيقيءَ وارن سُرن کي جنھن انداز ۾ ڳايو، ان جو ڪو ڄاڻو نہ ھو. مشڪل سبب اِھي گڏجاڻيون ٻن ٽن ڏينھن کان وڌيڪ ھلي نہ سگهيون ۽ تحقيقي ڪشالو مھمل ڪيو ويو، پر پوءِ ساڳئي ئي سال، ڊاڪٽر غلام علي الانا، ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي پروڊيوسر غلام حسين شيخ جي مدد سان اداري ’سنڌيات‘ (هاڻوڪي سنڌيالاجي) طرفان غلام شاھ کان شاھ لطيف جي راڳ جو وڏو حصّو، سيد غلام شاھ جي اوطاق تي ۽ باقي حصّو، حيدرآباد ريڊيو اسٽيشن تي رڪارڊ ڪرايو، جنھن ۾ نور محمد شاھ بہ گڏجي ڳايو، جو ھن ريت آھي:
سُر معذوري، سُر ديسي، سُر آبري، سُر سريراڳ، سُرمومل راڻو، سُر ڍول مارو، سُر آسا، سُر ڪلياڻ، سُر ڪوهياري، سُر يمن ڪلياڻ، سُر ڪيڏارو، سُر ليلا چنيسر، سُربروو سنڌي، سُر ھير، سُر ڌناسري، سُر مارئي، سُر رِپ، سُرسورٺ، سُر ڏهر، سُر سامونڊي، سُر حسيني، سُر پورب، سُرسهڻي، سُر سارنگ، سُر رامڪلي، سُر ڪاموڏ، سُر کنڀات، سُر ھندي بروو.
سيد غلام شاھ، رسالي ۾ موجود سُرن جي راڳن جي روپ کي ظاھر ڪرڻ کان سواءِ، دنبوري جي مختلف وڄتن تي پڻ وايون رڪارڊ ڪرايون، جيڪي ھيٺ ڏجن ٿيون:
سُر ڪلياڻ مان گرام جي انداز ۾ بيت ۽ ٻہ وايون.
سُر ڪوهياريءَ مان گرام جي انداز ۾ بيت ۽ ٻہ وايون.
سُر يمن ڪلياڻ مان ڇيڙ ۽ دوتاليءَ ۾ بيت ۽ ٻہ وايون.
سُر معذوريءَ مان ڇيڙ ۽ دو تاليءَ ۾ بيت ۽ ٻہ وايون.
سُر آبريءَ مان دوتاليءَ ۾ ڏيڍي ۾ بيت ۽ ٻہ وايون.
سُر سريراڳ مان گرام جي انداز ۾ بيت ۽ ٻہ وايون.
سُر ديسيءَ مان دوتالي ۽ ڇيڙ ۾ بيت ۽ ٻہ وايون.
سُر راڻي مان ڏيڍي گرام ۾ بيت ۽ ھڪ وائي ۽ ڇيڙ،
دوتاليءَ ۾ بيت ۽ ٻہ وايون سُر سورٺ مان ڏيڍيءَ ۾ بيت ۽ ھڪ وائي،
سُر ڏهر مان بيت ۽ ٻہ وايون،
سُر سنڌي بروي مان ڇيڙ ۽ ڏيڍيءَ ۾ بيت ۽ ٻہ وايون،
دوتاليءَ ۾ بيت ۽ ھڪ وائي،
سُر ھير مان بيت ۽ ٻہ وايون،
سُر پورب مان ڏيڍيءَ ۾ بيت ۽ ھڪ وائي،
سُر سهڻيءَ مان بيت ۽ ٻہ وايون،
سُر رامڪليءَ مان ڇيڙ ۽ ڏيڍيءَ ۾ بيت ۽ ٻہ وايون،
سُر ڪاموڏ مان بيت ۽ ٻہ وايون،
سُر سامونڊيءَ مان ڏيڍيءَ ۾ بيت ۽ ھڪ وائي،
سُر آسا مان ڇيڙ ۽ ڏيڍيءَ ۾ بيت ۽ ٻہ وايون،
سُر ڍول ماروءَ مان ڏيڍيءَ ۾ بيت ۽ ھڪ وائي،
سُر حسينيءَ مان بيت ۽ ٻہ وايون،
سُر کاھوڙيءَ مان ڏيڍيءَ ۾ بيت ۽ ٻہ وايون،
سُر بلاول مان ڇيڙ ۽ ڏيڍيءَ ۾ بيت ۽ ٻہ وايون،
سُر کنڀات مان بيت ۽ ٻہ وايون،
سُر ڪارايل مان ڇيڙ ۽ ڏيڍيءَ ۾ بيت ۽ ٻہ وايون،
سُر سارنگ مان ڏيڍيءَ ۽ ڇيڙ ۾ بيت ۽ ٻہ وايون،
سُر ڪلياڻ مان ڇيڙ ۾ بيت ۽ ٻہ وايون،
سُر يمن ڪلياڻ مان ڏيڍيءَ ۾ بيت ۽ ھڪ وائي،
سُر ڪوهياريءَ مان ڇيڙ ۽ دو تاليءَ ۾ بيت ۽ ٻہ وايون،
سُر معذوريءَ مان دو تاليءَ ۽ ڇيڙ ۾ بيت ۽ ٻہ وايون،
سُر ديسيءَ مان بيت ۽ ٻہ وايون،
سُر آبريءَ مان دو تاليءَ ۽ ڇيڙ ۾ بيت ۽ ٻہ وايون،
سُر سريراڳ مان بيت ۽ ٻہ وايون،
سُر ڌناسريءَ مان ڏيڍيءَ ۾ بيت ۽ ٻہ وايون،
سُر مارئيءَ مان دوتاليءَ ۽ ڇيڙ ۾ بيت ۽ ٻہ وايون،
سُر ھير مان بيت ۽ ٻہ وايون،
سُر حسينيءَ مان ڏيڍيءَ ۾ بيت ۽ ٻہ وايون،
سُر ڍول ماروءَ مان بيت ۽ ٻہ وايون،
سُر رِپ مان ڏيڍيءَ ۾ بيت ۽ ٻہ وايون،
سُر ھندي بروي مان ڇيڙ ۽ ڏيڍيءَ ۾ بيت ۽ ٻہ وايون،
سُر ليلا مان ڏيڍيءَ ۽ ڇيڙ ۾ بيت ۽ ٻہ وايون،
سُر ڪيڏاري مان بيت ۽ ھڪ وائي،
سُر آسا مان ٽيپ جي انداز ۾ بيت ۽ ٻہ وايون شامل آھن.
يعقوب شھيد کان پوءِ، پير غلام شاھ ئي دنبوري جي وڄت ۾ ڪيئي واڌارا ڪيا. پاڻ وڏي ھنرمنديءَ سان دنبوري جي ھڪ ھڪ تار اھڙيءَ طرح وڄائيندو ھو، جو راڳ ۽ وڄت سهڻي نوع ۾ نروار ٿي پوندي ھئي. سندس اڳواڻيءَ واري دؤر ۾، شاھ لطيف جو راڳ ڏيھ توڙي پرڏيھ ۾ ڏاڍو مقبول ٿيو.
شاھ لطيف جي راڳ جي ھن سدا ملوڪ راڳيءَ 3جنوري 1976ع تي جمعي جي ڏينھن، 2 وڳي منجهند جو دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو. سندس ڳايل ڪلام، ريڊيو پاڪستان ۽ سنڌالاجيءَ جي لائبريريءَ ۾ ھڪ اثاثي جي حيثيت طور محفوظ آھي، انهن ڪلامن کي سي ڊيءَ تي آڻي رليز ڪرڻ جي ضرورت آھي.
سيد نور محمد شاھ (1929ع-1981ع)
سيد نور محمد شاھ عرف نورل سائين ولد سيد غلام شاھ، 29 نومبر 1929ع تي پير پاڙي، ڀٽ شاھ ۾ ڄائو. کيس ننڍپڻ کان ئي راڳ سان چاھ ۽ وڏڙن ڪري لڳاءَ ھو. پاڻ ننڍي ھوندي ئي پنھنجي والد سيد غلام شاھ کان راڳ جي سکيا وٺندو رهيو پر پوءِ فقير محمد ابراھيم خاصخيليءَ کان سکيا وٺي، سورهن سالن جي عمر ۾، درگاھ ڀٽ شاھ تي راڳ ڳائڻ جي شروعات ڪيائين. سندس وڏڙن مان والد سيد غلام شاھ، درگاھ ڀٽ شاھ تي نالي وارو راڳي ٿي گذريو آھي، ۽ 1957ع کان 3 جنوري 1976ع تائين راڳ جو اڳواڻ رهيو.
سيد نور محمد شاھ، 1945ع کان 1976ع تائين مختلف جماعتن ۾، راڳي فقيرن سان درگاھ ڀٽ شاھ تي ڳائيندو رهيو. شروعاتي دؤر ۾، 1957ع تائين سومر واريءَ رات جي جماعت ۾، سيد غلام شاھ (اڳواڻ سومر رات)، حسين شاھ، مير محمد شاھ، علي نواز شاھ، جلال فقير لنجواڻي ۽ احمد فقير سان گڏجي ڳائيندو ھو. سيد نور محمد شاھ، اڳواڻيءَ کان اڳ يعني 1976ع تائين، سومر رات واريءَ جماعت ۾، جلال فقير لنجواڻي، فقيرعلي ڏنو تمراڻي ۽ ٻين سان گڏجي ڳائيندو ھو.
سيد نور محمد شاھ 1976ع ۾، پنھنجي والد سيد غلام شاھ جي وفات کان پوءِ، راڳ جو اڳواڻ ٿيو ۽ درگاھ ڀٽ شاھ تي، جمعي رات واريءَ جماعت جي اڳواڻي سنڀاليائين. پاڻ قدرت طرفان مليل پرسوز آواز جو مالڪ ھو، ۽ ان سان گڏوگڏ نھايت ئي خوبصورت ۽ قد ڪاٺ وارو جوان ھو.
سيد نور محمد شاھ کي راڳ بابت مڪمل ڄاڻ ھئي ۽ پنھنجي سريلي ۽ پرسوز آواز سان، سسئي جا پنج ئي سُر، نھايت ئي مھارت سان ڳائيندو ھو. درگاھ ڀٽ شاھ کان سواءِ درگاھ شاھ ڪريم تي ميلي جي موقعي تي پڻ پنھنجيءَ جماعت سان گڏ ڳائيندو ھو. ريڊيو پاڪستان تي پڻ لطيفي راڳ ڳايائين ۽ ڪڇ ڀڄ، ھندستان ۾ پڻ لطيف جو راڳ ڳائي داد وصول ڪري چڪو ھو. کيس وفات کان پوءِ 1982ع ۾، مڃتا طور، ’لطيف ايوارڊ‘ پڻ ڏنو ويو.
سيد نور محمد شاھ، پھرين فيبروري 1981ع تي 50 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪئي ۽ درگاھ ڀٽ شاھ جي مکيہ مُقام ۾، شاھ لطيف ۽ شاھ حبيب جي روضي جي وچ تي جامع مسجد ڀرسان دفن ٿيل آھي.
ڪيھر فقير لنجواڻي (وفات: 1919ع)
ڪيھر فقير، پيھي تي ويٺو ھو ۽ جهار پئي ھڪليائين ۽ ڪا ڪافي پئي چيائين جيڪا مراد فقير ٻڌي. ڪيھر فقير جي آلاپ کان متاثر ٿي، مراد فقير، ڪيھر فقير جي والد دودي وٽ ويو ۽ کانئس ڪيھر جي ٻانهن، راڳ لاءِ گهريائين. ان وقت ڪيھر، چٽوڙي طرف لنجواڻي فقيرن جي ڳوٺ ۾ ويٺل ھو ۽ ھي فقير اصل ۾ ميانوال طريقي جا فقير ھئا. ڪيھر، پوءِ ڀٽائيءَ جو فقير ٿيو ۽ مراد فقير کان شاھ لطيف جي راڳ جي سکيا ورتائين، پوءِ ڳوٺان پنھنجا مائٽ وٺي آيو ۽ ڀٽ شاھ کان اتر اولھ طرف پنھنجو ڳوٺ ٻڌي ويٺو.
ڪيھر فقير لنجواڻيءَ وارو دؤر، ’شاھ لطيف جي راڳ‘ جي اوج وارو دؤر ھو. ڪيھر فقير جو آواز مٺو ۽ وڏي سوز وارو ھو. ھڪ ڀيري ميين شاھ ڪريم جي ميلي تي، شاھ لطيف جو راڳ اھڙو تہ سوز سان ڳايائين، جو روايت آھي تہ، ’نمن کي باھيون ڏيئي ڇڏيائين‘. ڪيھر فقير جي اڳواڻيءَ ۾ ابراھيم خاصخيلي خليفي لائق ڏني، تاجو وساڻ کان سواءِ بچائي لنجواڻيءَ، پير علي بخش شاھ، يوسف ٻگهيي، رمضان لوهار، فقير غلام دين آريسر، پير علي بخش شاھ، ڏاڙهون فقير ۽ لونگ فقير گڏجي ڳايو ۽ سندس ٻالڪن ۾ باقر تنيو شاھ لطيف جو مشھور راڳائي ٿي گذريو آھي.
ڪيھر فقير لنجواڻي، 1304ھ/1886ع کان 1334ھ/1915ع تائين 30 سال راڳ جو اڳواڻ ٿي رهيو. شاھ لطيف جي راڳ جي ھن نامياري راڳيءَ ۽ راڳ جي اڳواڻ، 1338ھ/1919ع ڌاري وفات ڪئي.
مراد فقير ٻگهيو (وفات: 1985ع)
مراد فقير ٻگهيو، ڀٽ شاھ جي لڳو لڳ ڏکڻ طرف ٻگهين جي ڳوٺ جو ويٺل ھو. الياس فقير کان پوءِ مراد فقير راڳ جو اڳواڻ ٿيو ۽ سندس اڳواڻيءَ ھيٺ ڪيھرفقير لنجواڻي، رحيم ڏنو راھو ۽ خليفو لائق ڏنو گڏ ڳائيندا ھئا. مراد فقير، 13 سال شاھ لطيف جي راڳ جو اڳواڻ ٿي رهيو. سندس اڳواڻيءَ جو عرصو 1290ھ/1873ع کان 1303ھ/1885ع تائين رهيو. 55 سالن جي عمر ۾ 6 صفر 1303ھ/14 نومبر 1885ع ۾ وفات ڪيائين. سندس تربت درگاھ واري مقام ۾ آھي.
ميون اسماعيل (1773ع –1865ع)
ميون اسماعيل، ھڪ اندازي مطابق 1187ھ/1773ع ڌاري ڄائو. ننڍيءَ عمر ۾ ڀٽ شاھ تي آيو. درگاھ ۽ فقيرن جي وڏي خدمت ڪيائين ۽ شاھ لطيف جو گهڻو ڪلام ياد ڪيائين. 1208ھ/1793ع ۾ شاھ لطيف جو ڪلام گڏ ڪري، ’گنج‘ جي صورت ۾ رسالو ترتيب ڏنائين، جنھن ڪري کيس، ’کاھوڙيءَ‘ جو لقب ڏنائون ۽ پڻ محبت ۽ عزت مان کيس ’خليفو‘ سڏيائون. درگاھ تي ئي راڳ سکيو ۽ يعقوب شھيد ۽ ڪمال پٽ جي اڳواڻيءَ ھيٺ ڳايائين.
1245ھ/1829ع ۾، يعقوب جي شھادت کان پوءِ کيس راڳ جو اڳواڻ مقرر ڪيو ويو. ميين اسماعيل فقير، 17 سال شاھ لطيف جي راڳ جي اڳواڻي ڪئي. سندس اڳواڻيءَ جو عرصو، 1245ھ/1829ع کان 1262ھ/1845ع تائين رهيو. سندس ٻالڪن ۾، الياس فقير پنهور، شاھ لطيف جو ناميارو راڳي ٿي گذريو آھي، جنھن نون راڳين جي تربيت بہ ڪئي. ميين اسماعيل 92 ورهين جي عمر ۾ 1282ھ/1865ع ۾ وفات ڪئي.
ميون ڪمال پٽ
ميون ڪمال پٽ سالارو فقير ھو. شاھ لطيف جي ھن راڳيءَ ٿوري وقت 1215ھ/1800ع کان 1225ھ/1810ع تائين جملي 10 سال راڳ جي اڳواڻي ڪئي. ساڻس يعقوب شھيد، ميين اسماعيل ۽ ميين عثمان گڏ ڳايو.
ميون ولي محمد (وفات: 1800ع)
تمر فقير جي ڪڇ ۾ رهڻ وارن ٻارهن سالن ۾، ميين ولي محمد، 1165ھ/1751ع کان 1177ھ/1763ع تائين راڳ جي اڳواڻي ڪئي. 1177ھ/1763ع ۾ تمر فقير درگاھ تي واپس آيو ۽ راڳ جي اڳواڻي ٻيھر شروع ڪيائين. وفات وقت تمر فقير راڳ جي اڳواڻي وري ولي محمد جي ھٿ ۾ ڏني. اھڙيءَ ريت تمر فقير جي وفات کان پوءِ ولي محمد راڳ جو اڳواڻ ٿيو. سندس اڳواڻيءَ جو عرصو 1181ھ/1767ع کان 1215ھ/1800ع تائين رهيو.
ميين ولي محمد 80 ورهين جي ڄمار ۾ 1215ھ/1800ع ۾ وفات ڪئي. تمر فقير سان سندس عقيدت ۽ راڳ ۾ سندس مھارت سبب ئي کيس تمر فقير جي ساڄي پاسي لڳو لڳ دفن ڪيو ويو آھي.
يعقوب شھيد
يعقوب شھيد، شاھ لطيف جي راڳ جو وڏو ڄاڻو ٿي گذريو آھي. ذات جو ھالو ھو. ميين ولي محمد ۽ ميين ڪمال پٽ کان راڳ سکيائين ۽ شاھ لطيف جي راڳ جو ماھر ٿيو. سندس ڳائڻ ۾ ميٺاج ۽ وڏو سوز ۽ گداز ھو، ۽ ڀٽ شاھ توڙي ميين شاھ ڪريم جي درگاھ تي راڳ جي اڳواڻي ڪيائين. ميين اسماعيل، ميين عثمان ۽ ٻين فقيرن ساڻس گڏ ڳايو.
يعقوب شھيد، دنبوري جي تند کي وڌيڪ چٽو ۽ مٺو ڪيو. ’جهڙ‘ اڳي ئي ھئي، پر يعقوب شھيد اُن کي سُر ۾ آندو، جو پنھنجي مٺي آواز ۽ سُر سان دنبوري جي نئين وڄت، توڙي سوز واري ڳائڻ سبب ايڏو تہ مقبول ٿيو، جو عوام توڙي ڀٽائيءَ جي فقيرن ۽ ٻين معتقدن ۾ سندس اثر رسوخ، درگاھ ڀٽ شاھ جي سجادہ نشين کان بہ وڌي ويو. نتيجو اِھو نڪتو، جو کيس شھيد ڪيو ويو ۽ سندس لاش کي کوھ ۾ اڇلايو ويو، جتان پوءِ فقيرن ڪڍي، کيس ڀٽ شاھ جي ڏکڻ اوڀر طرف ڌار جاءِ تي دفن ڪيو، جيڪو ھينئر ’يعقوب شھيد جو مقام‘ سڏجي ٿو.
يعقوب شھيد، 1225ھ/1810ع کان 1245ھ/1829ع تائين، شاھ لطيف جي راڳ جي اڳواڻي ڪئي. اِھو دؤر شاھ لطيف جي راڳ جو جديد دؤر ليکيو وڃي ٿو، ڇاڪاڻ تہ يعقوب شھيد دنبوري جي وڄت ۾ تبديليون آنديون ھيون.