بُلها شاھ (1680ع - 1757ع)
بُلهي شاھ، جو اصل نالو عبدالله شاھ ھو. بُلها شاھ 1680ع ڌاري قديم سنڌ جي شھر اُچ شريف (بھاولپور) ۾ پيدا ٿيو. (بھالپور تن ڏينھن ۾ سنڌ جي حدن ۾ ھو ۽ سنڌ ۽ پنجاب تي مغلن جو راڄ ھو) سندس پيءُ جو نالو شاھ محمد درويش ھو، سندس خانداني شجرو حضرت عبدالقادر جيلانيءَ سان ملي ٿو، انڪري پاڻ گيلاني سيد بہ سڏجن ٿا. بُلها شاھ ظاھري علم جي تعليم مولوي غلام مُرتضيٰ ۽ مولانا غلام محي الدين کان قصور ۾ ورتي، جتي شاھ عنايت قصوريءَ جو نالو ۽ نيڪي ٻُڌائين، جيڪو سندس من ۾ گهر ڪري ويو. پاڻ شاھ عنايت قصوريءَ جي ديدار لاءِ لاھور ويو. ساڻس ملڻ بعد بيحد متاثر ٿيو. شاھ عنايت ذات جو آرائين ھو، قصور جي علائقي ۾ رهندڙ ھو ۽ باغبانيءَ جي ڪرت سان واسطو ھئس. اُمتي ھوندي بہ بُلها شاھ کيس پنھنجو مُرشد بڻايو، جيڪا ڳالهہ بُلها شاھ جي مٽن مائٽن کي ڏکي لڳي. پاڻ پنھنجن جي ناراضگي قبول ڪيائين، پر پنھنجي مرشد جي انحرافي نہ ڪيائين. مُرشد سان عقيدتمندي ايتري پختي ٿي وئي جو پنھنجي اصل نالي عبدالله شاھ بجاءِ پاڻ کي مرشد جي رکيل نالي بُلها شاھ سان سڏرائڻ لڳو. پاڻ مُرشد وٽ ئي رهي فيض ورتائين ۽ پوءِ انهيءَ روحاني رمزن کي پنھنجي ڪلام جو موضوع بڻائي حقيقت ۽ اسرار جون ڳالهيون ڪيائين.
جو ڪوئي سانون سيد سدي، دوزخ ملن جائيان،
جو ڪوئي سانون اَرائين آکي، پھشتان پينگھان پائيان.
بُلها شاھ ۽ شاھ لطيف ھڪڙو ئي زمانو ڏٺو، حڪمران ساڳيا، حالتون ساڳيون، ماحول ساڳيو ۽ ماڻهن سان عقوبتون ساڳيون. مغلن جي حاڪميت دوران حاڪمن پنجاب ۽ سنڌ ۾ ساڳيو زبردستيءَ جو راڄ ھلايو پئي. انهيءَ ڏاڍ ۽ جبر خلاف عام توڙي خاص ۾ بُلها شاھ ۽ شاھ لطيف جھڙن ڏاھن ئي حق جو اواز اٿاريو پئي. ساڳي وقت جتي پنجاب ۾ بُلها شاھ پنھنجي ڪلام کي جدوجھد جي صورت ڏياري تہ اتي سنڌ ۾ وري شاھ لطيف جو ڪلام تحريڪ بڻجي ھليو. انهي زماني ۾، مغلن جھڙي ريت عوام سان سلوڪ ڪيو، انهيءَ جو حل ڏاھن وٽ علم ۽ آگاھي جي ذريعي ممڪن ھو. جتي تلوار ٿي ھلي، اتي انهن صوفي شاعرن علامتي انداز ۾ پنھنجي ڪلام جا تير جواب ۾ استعمال ٿي ڪيا.
مغلن جي زماني ۾ ئي سرمد ۽ صوفي شاھ عنايت کي شھيد ڪيو ويو. سرمد جي قربانيءَ کي بُلها شاھ ھن ريت بيان ڪري ٿو:
شاھ سرمد دا ڦلا کڻائيو،
شمس تي جا سخن الائيو.
جهوڪ واري صوفي شاھ عنايت جي شھادت جو بيان شاھ لطيف ھن ريت ڪري ٿو:
اَڄُ نَه اوطاقُنِ ۾، طالِبَ تنواريِن،
آدِيسِي اُٿي وِيا، مَڙهِيُون مُون مارِينِ،
ھُو جي جِيءَ جِيارين، سي لاھُوتي لَڏي وِيا.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر رامڪلي، داستان 8، بيت 8، ص: 814)
ان دؤر ۾ مذھب جي نالي ۾ انسانن کي ڪڙهاين ۾ ٽچڪائي، گهاڻن ۾ پيڙائي ۽ نيزي تي چاڙهي ڪوس گهرن تائين پھچايو ويو، ۽ ڪيترائي سچ جا داعي ۽ عوام جا علمبردار صرف ان ڪري ڦاھي چاڙهيا ويا، جو ھنن حقوق العباد جي روح کي سمجهي، ان جي تبليغ ڪئي ھئي. سُک، امن، شانتي ۽ ضمير جي آزادي واري دنيا وسائڻ ٿي گهُري، اھڙي دنيا جنھن ۾ نفرت بجاءِ محبت، ڪوڙ بجاءِ سچ ۽ ويڙهاند بجاءِ امن ھجن. ذات پات جو ڪو ڀيدڀاءُ نہ ھجي. پر ان دور ۾ سنڌ ۽ پنجاب جون حالتون امن امان جي ابتڙ ھيون. آڱرين تي ڳڻڻ جيترن مڪروهه خيالن جي ماڻهن پنھنجي ھوس، چالاڪين ۽ چالبازين جي بنياد تي حڪمرانن جي ظلم سان ٻانهن ٻيلي ٿيا، نتيجي ۾ مذھبي فساد وڌيا، ڪٽرپڻو زور وٺڻ لڳو، مذھبي انتهاپسنديءَ جون ايتريون ڪارروايون ٿيڻ لڳيون جو ماڻهو ھڪ ٻئي جي مذھب، نظريي ۽ فڪر کان نفرت ڪرڻ لڳا پر ساڳي وقت بُلها شاھ ۽ شاھ لطيف پنھنجي لافاني ڪلام ذريعي حق ۽ سچ جو علم بلند ڪيو.
بُلها شاھ چوي ٿو:
عمر گوائِي وچ مَسيتِي،
اندر ڀَريا نَالِ پَليتِي،
ڪَدي تَوحيدِ نماز نہ نَيتِي.
شاھ لطيف وري ساڳين خيالن جو اظھار ھن ريت ڪيو آھي:
اِنَ پَرِ نہ اِيمانُ، جيئن ڪَلِمٖي گو ڪوٺائِييٖن،
دَغا تنھنجي دل ۾، شِرڪُ ۽ شَيطانُ،
مُنھن ۾ مُسَلمانُ، اَندَرِ آذَرُ آھِييٖن.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر آسا، داستان 4، بيت 14، ص: 723)
بُلها شاھ ۽ شاھ لطيف ھر دؤر جا شاعر آھن. انهن جو ڪلام اڄ بہ اعليٰ انساني قدرن جو امين آھي، ۽ انسان ذات جو سونھون آھي، ۽ اھي عظيم شاعر پنھنجي ڪلام ۾ زندہ جاويد آھن.
بُلها شاھ:
میرا رانجھا ہُن کوئی ہور
تخت منوّر بانگاں ملیاں، تاں سُنِیاں تخت لاہور
عشقے مارے ایویں پِھردے، جیویں جنگل وچ ڈھور
رانجھا تخت ہزارے دا سائیں، ہُن اوتھوں ہویا چور
بُلّھا شاہ اساں مرنا ناہیں، قبر پئے کوئی ہور
میرا رانجھا ہُن کوئی ہور
شاھ لطيف:
مَرَڻان اَڳي جي مُئا، سي مَرِي ٿِينِ نہ ماتِ،
ھوندا سٖي حَياتِ، جِيئَڻان اَڳٖي جي جِيا.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر معذوري، داستان 4، بيت 7، ص: 357)
ڀيرومل آڏواڻيءَ موجب، ’سنڌي، سرائڪي ۽ پنجابي ٻوليون ھڪ زنجير جون ڪڙيون آھن.‘ ان ڪري بُلها شاھ جو ڪلام سنڌ ۾ نہ رڳو سمجهيو وڃي ٿو، پر وڏي عقيدت ۽ محبت سان ڳايو پڻ وڃي ٿو. بُلها شاھ 1757ع ۾ وفات ڪئي. سندس مزار ’قصور‘ شھر ۾ آھي.
بابا فريد گنج شڪر (1173ع - 1275ع)
حضرت بابا فريد، گنج شڪر، اٽڪل 569ھ/1173ع ۾ حضرت جمال الدين سليمان جي گهر ۾ ڳوٺ کتوال ضلعي ملتان ۾ پيدا ٿيو. پيءُ ماءُ سندس نالو مسعود رکيو، فريد الدين سندس لقب آھي، پرعام طور کيس بابا فريد گنج شڪر جي نالي سان ئي سڏيو ويندو آھي.
بابا فريد جي شروعاتي تعليم ۽ تربيت سندس والدہ جي نگرانيءَ ۾ ٿي، جيڪا ھڪ وڏي نيڪ ۽ پارسا عورت ھئي. ھن ننڍپڻ ۾ ئي قرآن حفظ ڪري ورتو. عربي ۽ فارسيءَ جي شروعاتي تعليم پرائڻ کان پوءِ، ھن ديني ڪتاب پڙهيا ۽ وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ملتان ويو. ملتان ۾، رهائش دوران حضرت خواجه بختيار ڪاڪي سان، سندس ملاقات ٿي ۽ کانئس ايترو متاثر ٿيو جو کيس مُرشد ڪري مڃائين.
ٻين ديني بزرگن وانگر بابا فريد پڻ غزني، بخارا، سيستان، بدخشان، قنڌار ۽ بغداد جو سير سفر ڪيو، ۽ اتي جي بزرگن سان مليو. بغداد ۾ ھو، شيخ شھاب الدين سھرورديءَ سان مليو، بخارا ۾ سيف الدين باخرزي، غزنيءَ ۾ امام حداوي، سيستان ۾ شيخ روحالدين ڪرماني ۽ شيخ اجل سنجريءَ سان ملاقات ڪيائين، جيڪي ان وقت جا وڏا بزرگ ھئا. ڊگهي سير سفر کان پوءِ، جڏهن ھو وطن واپس موٽيو تہ سڌو دھليءَ ۾ پنھنجي پير ۽ مرشد حضرت خواجه بختيار ڪاڪي جي خدمت ۾ حاضر ٿيو ۽ سندس ھدايتن موجب تصوف جي رياضتن ۽ مجاھدن ۾ مشغول ٿي ويو.
ڪجهہ عرصي کان پوءِ، حضرت بختيار ڪاڪيءَ جو مُرشد، حضرت خواجه معين الدين چشتي، دھليءَ آيو ۽ بابا فريد جي رياضتن ۽ عبادتن کان ڏاڍو خوش ٿيو، تنھن ڪري ٻنهي بزرگن، بابا فريد کي پنھنجي باطني فيض ۽ برڪتن سان نوازيو.
ڪجهہ عرصو دھليءَ ۾ رهي پوءِ، مرشد جي اجازت سان ھانسيءَ ويو. ھانسيءَ ۾ رهڻ دوران، دھليءَ ۾ سندس مرشد خواجه بختيار ڪاڪي وفات ڪري ويو، تنھن ڪري ھو ڪجهہ عرصو دھليءَ، ۽ بعد ۾ ھانسيءَ ۾ رهڻ کان پوءِ، پاڪ پتڻ ۾ اچي رهيو، ۽ اتي ئي 664ھ/1275ع ڌاري وفات ڪيائين.
بابا فريد گنج شڪر جي وفات جي تاريخ ۽ سن بابت جيتوڻيڪ مختلف رايا آھن پر ان ھوندي بہ اڪثر محقق ان ڳالهہ تي متفق آھن تہ بابا فريد، 4 محرم، 665ھ/ 15 آڪٽوبر، 1266ع تي اڌ رات جو وفات ڪئي. ھر سال، 5 محرم تي پاڪ پتڻ ۾ سندس عرس ملهايو ويندو آھي.
سندس شاعري، فارسي، اردو، ھندوي ۽ پنجابيءَ (سنڌيءَ ۾ بہ ڪجهہ بيت ملن ٿا) ۾ آھي، جنھن ۾ تصوف جا موضوع، جھڙوڪ: دنيا جي حرص ۽ لالچ کان پرهيز ۽ الله سان لنؤ لڳائڻ جي تلقين ٿيل آھي. آغا سليم جي تحقيق موجب بابا فريد سنڌي ٻوليءَ جو پھريون شاعر آھي:
ڏينھن لٿا، سنجهيا پئي، اڳئون آئي رات،
کڙا پُڪاري پاتڻي، ٻيڙا ڪپر وات.
(سليم، آغا، (1990ع)، ’بابا فريد گنج شڪر جا دوها‘، ص: 27)
سرور پنکي ھيڪڙو، ڦاھيوال پچاس،
ايهه تن لهرين گڏ ٿيا، سچي تيري آس.
(سليم، آغا، (1990ع)، ’بابا فريد گنج شڪر جا دوها‘، ص: 146)
اھو بيت شاھ لطيف آڏو پڙهيو/ڳايو ويو ۽ پاڻ اُن جو ھيئن ترجمو ڪري ڇڏيائين:
سَرَ ۾ پَکِي ھيڪَڙو، پاڙهيڙِي پَنجاھَ،
سَنديءَ آسَ الله، لُڏي لهرِينِ وِچَ ۾.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (2009ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪارايل، داستان 1، بيت 10، ص: 154)
شاھ لطيف، جيتوڻيڪ بابا فريد گنج شڪر کان لڳ ڀڳ ساڍا چار سَو سال پوءِ، ھن دنيا ۾ آيو، پر اھو معلوم ٿئي ٿو تہ شاھ لطيف، بابا فريد گنج شڪر جي شاعريءَ جو اڀياس ڪيو ھوندو، يا ڪن راڳاين کان سندس ڪلام ٻڌو، ڇاڪاڻ تہ شاھ لطيف ۽ بابا فريد جي شاعريءَ ۾ موضوع توڙي مفھوم جي لحاظ کان ڪِي قدر ھڪ جھڙائي ملي ٿي. ھتي ان جا ڪجهہ مثال پيش ڪجن ٿا.
بابا فريد گنج شڪر:
فريدا خاڪ نہ نينديي! خاڪو جيڙا نہ ڪوءِ،
جيونديان پيران تلي، مويان اُپر ھوءِ.
(اي فريد! مٽي يا زمين کي نند نہ (خراب نہ چئو) ان جھڙو ٻيو ڪوبہ ناھي. زندگيءَ ۾ تہ ھي پيرن ھيٺان ھوندي آھي پر مرڻ کانپوءِ انسان ھيٺ ۽ مٽي مٿان ھوندي آھي.)
شاھ لطيف:
جا ڀُون پيرين مُون، سا ڀُون مَٿِي سَڄَڻين،
ڌِڱ لَٽِبا ڌُوڙ ۾، اُڀِي ڏِٺاسُون،
ڏينھن مِڙيئِي ڏُون، اُٿِي لوچِ لَطِيفُ چي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مومل راڻو، داستان 4، بيت 5، ص: 534)
بابا فريد گنج شڪر:
جنگل جنگل ڪيا ڀوين؟ وڻ ڪنڊا موڙين،
وسي رب پياليي، جنگل ڪيا ڍونڍين.
(اي فريد! جهر جهنگ ۾ ڇو ٿو ڦرندو وتين، الله تہ تنھنجي دل ۾ موجود آھي، تون جهنگ ۾ ڇا ٿو ڳولهين.)
شاھ لطيف:
وَڃين ڇو وَڻِڪارِ، ھِتِ نہ ڳولِين ھوتَ کي،
لِڪو ڪِينَ لَطِيفُ چي، ٻاروچو ٻئي پارِ،
ٿِيءُ سَتِي ٻَڌُ سندرو، پِرتِ پُنُهونءَ سين پارِ،
نايو نيڻَ نِهارِ، تو ۾ ديرو دوستَ جو.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سسئي آبري، داستان 3، بيت 11، ص: 295)
پراڻ ناٿ (1618ع - 1694ع)
مھامتي پراڻ ناٿ، 6-آڪٽوبر، 1618ع ۾، ڪاٺياواڙ جي سمن جاڙيجن جي شھر، نوا نگر (ڄام ننگر-گجرات-هندستان) ۾ ڄائو. سندس اصل نالو، مهر راج ھو. سندس پيءُ، ڪيشو ٺاڪر ڪاٺياواڙ جي رياست، ڄام نگر جو ديوان (وڏو وزير) ھو. سندس ماءُ جو نالو، ڌن ٻائي ھو جيڪا سنڌياڻي ھئي، جنھن ڪري سندس مادري زبان سنڌي ھئي.
مھامتي پراڻ ناٿ، ننڍپڻ کان ئي ھوشيار ۽ مذھبي ويچار رکندڙ ھو. سندس گروءَ جو نالو، ديوچندر ھو، جيڪو عمر ڪوٽ سنڌ ۾ ڄائو ھو. سندس گرو، سچ جو ڳولائو ھو. ھو سيلاني ۽ سنت بڻجي، ڄام نگر ۾ پھتو ھو. مھراج پراڻ ناٿ بہ مرشد جي حڪم موجب، پنھنجيءَ جوانيءَ جي دؤر ۾، عربستان ۽ ٻيا علائقا بہ گهميو. عربستان ۾ رهي، عربي ۽ اسلامي علمن کان واقف ٿيو. قرآن شريف جو پڻ اڀياس ڪيائين. پنھنجي گرو ديوچندر جي وفات کان پوءِ، اڀياس ۽ خلق جي روحاني ترقيءَ لاءِ ھو وڌيڪ محنت ڪرڻ لڳو. پراڻ ناٿ، مختلف ٻولين جو اڀياس ڪيو. روايت آھي تہ سال 1659ع ڌاري، پاڻ پوربندر ۽ مانڊويءَ رستي، سنڌ ۾ ٺٽي ننگر پھتو. ان وقت سندس ڄمار چاليھن ورهين کان مٿي ھئي.
مھامتي پراڻ ناٿ جي خيالن جو اثر، ڪيترن ئي سنتن، صوفين ۽ سچ جي ڳولائن تي پيو. ويجهي زماني ۾، جڳ مشھور سياستدان ۽ مفڪر، مهاتماگانڌيءَ جو ڪٽنب پڻ انهن ۾ شامل ھو. جهمون رامچند ڇڳاڻي مطابق، مھامتي پراڻ ناٿ جي پنٿ کي پرنامي (ست نامي) چوندا ھئا. اھو ھڪ اھڙو پنٿ آھي، جيڪو اسلام ۽ ھندو ڌرم جي چڱاين کي ملائڻ ٿو چاھي.
سندس ڪلام (جيڪو اڳ قلمي صورت ۾ مندرن ۾محفوظ ھو، سو 1965ع ۾ پھريون ڀيرو ڇپجي پڌرو ٿيو.) سندس ڪلام، 18785 چوپاين تي مشتمل آھي، جنھن مان 524 سنڌي چوپايون ۽ بيت آھن، جيڪي سنڌي ڪڇي لهجي ۾ چيل آھن.
مھامتي پراڻ ناٿ، پنھنجي ڪلام ۾ جيڪي اشارا ڪيا آھن سي فنا ۽ بقا بابت آھن، ۽ سمورن مذھبن جي اتحاد ڏانھن پڻ اشارا ڪيا اٿس. سندس تعليم، انسان ذات جي وچ ۾ پيل ويڇن کي ختم ڪرڻ بابت آھي. ھُو واضح طور چوي ٿو تہ فاني انسان، پنھنجي زندگيءَ جي مختصر دؤر ۾ ڪام، ڪروڌ، لوڀ، لالچ ۽ اھنڪار (غرور) کان پاسو ڪري ۽ ڪائنات ۾ موجود انسانن ۽ ٻين ساھ وارن جي خدمت ڪري، ڪنھن کي برو نہ سمجهي. ھوُ چوي ٿو تہ آخر ھڪ ڏينھن ھتان وڃڻو آھي:
آخر وير اٿڻ جي، آئين روحين ڇڏيجا راند،
اُٿي وڃ عرش جي، ڪوڏ ڪري ملون ڪانڌ.
(جوڻيجو، عبدالجبار، ڊاڪٽر، (2004ع)، ’سنڌي ادب جي تاريخ‘، (جلد پھريون)، 2004ع، ص: 104)
مطلب تہ، اي غافل انسان، ھتان لڏڻ جو وقت اچي ويو آھي. ڪوڙي سنسار کي ڇڏي پاڻ کي مايا جي موهه کان آجو ڪري مالڪ ڏانھن ھل!
ڌڻي موهجي روح جا، ھاڻي چوئان ڪين ڪري،
روح کي ڏنو پرڏيهڙو، چئو سو دل ڌري،
ترسائيين تہ ترسان، مون کي مون منجھان ڪي نہ سريو،
سڀ ڳالهيون آن جي ھٿ ۾ ڄاڻي تيئن ڪريو.
شاھ لطيف ان خيال کي ھن ريت پيش ڪيو آھي:
جيڏيُون! آئون ڪا پاڻَ وَهِيڻي آھيان؟
ڪا مُون سارَ لَهيجا.
جيڏانھن وارِنَمِ سُپرِين، پيرُ اوڏاھِين پايان،
ڪا مُون سارَ لَهيجا.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر آسا، داستان 2، وائي، ص: 713)
جهمون ڇڳاڻيءَ، اڪثر بيتن جي معنيٰ ڪندي روح ۽ فرمان جي لفظن جي معنيٰ قرآن جي حوالي سان ڪئي آھي. مثال طور:
تو لکيو فرمان ۾، مون عرس دل مومن،
سي سڻي ويڻ فرمان جا، موجو جهليو دل روحن.
معنيٰ تہ توهان فرمان (قرآن) ۾ لکي موڪليو آھي ۽ اھو مومنن جي دل ۾ آھي ۽ قرآن جا اکر ٻڌي منھنجي دل روحن جهلي ورتي آھي.
سنڌي شاعريءَ ۾ محبت ۽ مجاز جا جيڪي انگ ۽ انداز شاھ لطيف ۽ ٻين وٽ ظاھر ٿيا، انهن جا اھڃاڻ ۽ زبان کانئن آڳاٽي شاعر پراڻ ناٿ وٽ ملن ٿا. ھيٺ ان جا ڪجهہ مثال ڏجن ٿا:
ٿيئي ڌڻيءَ سين سرخرو، سيئي سھاڳڻ ھوئي،
سا مر ڳني پاڻ سِين، جي آڏو پٽ نہ ڪوئي.
ڳالهيون موجي من جون، سڀ توهي سڃاڻي،
ھي سڀ توهجيون، تو ڪرايون پاڻي.
(جوڻيجو، عبدالجبار، ڊاڪٽر، (2004ع)، ’سنڌي ادب جي تاريخ‘، ص: 105)
مھامتي پراڻ ناٿ، ھندستان جي صوبي مڌيه پرديش جي پنا شھر ۾، 29 جون 1694ع ۾، شاھ لطيف جي ولادت کان چار سال پوءِ وفات ڪئي، سندس سماڌي، گمٽ بنگلا مندر (مڌيه پرديش) ۾ آھي. پراڻ ناٿ، شاھ لطيف جو پيشرو ھو، سندس ڪلام ۽ شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ گهڻي ھڪ جھڙائي ملي ٿي.
پير صدرالدين (1290ع - 1409ع)
پير صدرالدين، 689ھ/1290ع ۾، قديم سنڌ جي شھر، اُچ شريف ۾ ڄائو ھو. اسماعيلي مسلڪ جي ٽيھين امام سيد اسلام شاھ جي زماني ۾، قديم سنڌ ۽ گجرات ۾ اسماعيلي عقيدي جو داعي مقرر ٿيو. سنڌ ۾ سندس دعوت جو مرڪز، لاڙ جي وسنديءَ ڪوٽڙي الهرکئي شاھ ۾ قائم ڪيائين.
پير صاحب پنھنجي تبليغي مقصد واسطي، ھندو ڌرم جي ويدن، شاسترن، گرنٿن ۽ واڻين کان سواءِ ويدانت، ڀڳتي مت ۽ ناٿ پنٿ جو بہ مطالعو ڪيو ۽ برهمڻن ۽ پنڊتن سان بحث ۽ مناظرا ڪيا. سندس پرچار سبب، ڪيترائي ڀاٽيا، لوهاڻا، برهمڻ، کتري ۽ ٻيا، سندس ھٿ تي بيعت ڪري مسلمان ٿيا ۽ کيس پنھنجو مُرشد مڃيائون.
پير صدرالدين، ھڪ وڏو عالم فاضل ۽ شاعر ھو. ھن نَون مسلمانن (جن کي ’خواجه‘ سڏيو ويو) کي دين جا اصول، شعرن ذريعي سمجهايا جن کي ’گنان‘ سڏيو وڃي ٿو. اُھي گنان ھندي، گجراتي،ملتاني، پنجابي، ڪڇي ۽ سنڌي (لاڙي) ٻولين ۾ ملن ٿا.
سندس ڪلام تصوف ۽ ويدانت جي گڏيل تعليم سان ڀرپور آھي. جيتوڻيڪ پير صدرالدين، شاھ لطيف کان گهڻو اڳ وفات ڪئي، پر ٻنهي جي ڪلام ۾ مضمون ۽ موضوع جي ھڪ جھڙائي ملي ٿي. ھتي ان جا ڪجهہ مثال پيش ڪجن ٿا:
پير صدرالدين فرمائي ٿو تہ ساراھ ھڪ الله کي جڳائي جو ٻنهي جھانن جو والي آھي ۽ جنھن جو ڪوبہ ثاني نہ آھي:
اويچل الله، اويچل خالق،
اويچل قائم، ديال ايجي.
شاھ لطيف فرمائي ٿو تہ:
اول اللهُ عَلِيمُ، اعليٰ عالَمَ جو ڌَڻِي،
قادِرُ پنھنجي قُدرتَ سين، قائمُ آھي قَدِيمُ،
والي واحدُ وَحَدھُ، رازِقُ رَبُ رَحيمُ،
سو ساراھِه سچو ڌڻِي، چَئي حَمدُ حَڪِيمُ،
ڪَري پاڻَ ڪرِيمُ، جوڙُون جوڙَ جَھانَ جِي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪلياڻ، داستان 1، بيت 1، ص: 65)
پير صدرالدين فرمائي ٿو:
الله ھڪ ڄاڻو سرجڻھار،
محمد ڄاڻو الله جو نبي،
نبيءَ کانپوءِ صاحب امامت،
سچو ڄاڻجو مرتضيٰ علي.
ٻئي ھنڌ پير صدرالدين فرمائي ٿو تہ:
تون ھي گر، تونھي نر،
تونھي ايبي آشا.
شاھ لطيف فرمائي ٿو تہ:
سو ھِيءُ، سو ھُو، سو اَجَلُ، سو اَللهُ،
سو پِرين، سو پَساھُ، سو ويِرِي سو واھَرُو.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪلياڻ، داستان 1، بيت 21، ص: 70)
پير صدرالدين فرمائي ٿو:
جيڙو ني تيڙو، اگهيو يارا، ھوند ڪتيائين،
پوءِ صبحاڻي، سرتين وچ، ملي مرڪيائين.
شاھ لطيف فرمائي ٿو:
مَحَبتَ پائي مَنَ ۾، رَنڍا روڙِيا جَنِ،
تَنِ جو صَرافَنِ، اَڻَ تورِيو ئِي اَگهائيو.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪاپائتي، داستان 1، بيت 17، ص: 832)
پير صدرالدين فرمائي ٿو تہ، اي انسان! تون غافل نہ ٿيءُ، ھر وقت ھوشيار رھ، ائين نہ ٿئي جو وقت اچڻ تي پڇتائڻو پويئي.
تانگي مٿي ترهو، تاڻي تو نہ ٻڌو،
جڏين ني لهرين لوڙيو، تڏهن ٿو سنڀارئين.
شاھ لطيف بہ فرمائي ٿو تہ، تانگهي پاڻيءَ ۾ ساڻ ترهو کڻ، ڇو تہ اونهي ۾ ٻيو ڪوبہ آڻي نہ ڏيندءِ:
تانگِهي ۾ تاڻِي، ٻَڌُ پنھنجو تُرَهو،
اُونهيءَ ۾ آڻِي، ڪونهَ ڏيندُءِ ڪو ٻِيو.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سريراڳ، داستان 6، بيت 1، ص: 183)
پير صدرالدين 1409ع ۾ وفات ڪئي، سندس مزار، اُچ شريف جي ويجهو، تندرہ محمد پناھ کان ڏهن ڪلوميٽرن جي پنڌ تي محمد آباد بستيءَ ۾ آھي.
ڀڳت ڪبير (1440ع - 1518ع)
ھندي شاعريءَ جي قديم ۽ نامياري شاعر، ڀڳت ڪبير جي ڄمڻ ۽ وفات جا سن جيتوڻيڪ تاريخ ۾ مستند طور محفوظ نہ آھن، پر تنھن ھوندي بہ سندس زمانو 1440ع کان 1518ع تائين شمار ڪيو وڃي ٿو. سندس ڄمڻ بابت روايت آھي تہ ھو برهمڻ بيوهه جي پيٽان ڄائو ھو، جنھن پنھنجي لڄ رکڻ لاءِ کيس بنارس ويجهو ھڪ تلاءَ جي ڀرسان ڦٽو ڪيو ھو، جتان ھڪ مسلمان ڪورِي کيس کڻي ورتو، ۽ اولاد وانگر پالي تاتي وڏو ڪيائين.
ننڍپڻ ۾ کيس، ھندن توڙي مسلمانن ٻنهي کان تڪليف پھتي ھئي، ڇاڪاڻ تہ مسلمان ھوندي بہ ھوُ، جڻيو پائيندو ھو ۽ خدا کي ھندو نالن سان سڏيندو ھو ۽ جيئن تہ پاڻ ڪنھن جو مريد نہ ھو، تنھن ڪري ماڻهو کيس ’بي پير‘ سڏيندا ھئا. اھو الزام ختم ڪرڻ لاءِ ھوُ، رامانند جو مريد بڻيو. ھن خالص توحيد جو پرچار ڪيو. ھُن، خدا کي رام، ھري، گوبند، الله ۽ ٻين نالن سان سڏيو. ويدانتي خيالن جو ھوندي به، بت پرستيءَ جي سخت مخالفت ڪيائين:
پتھر پوجن ہری ملے، میں پوجوں پہاڑ۔
سندس حق سچ چوڻ جي بيباڪيءَ سبب، ھندو ۽ مسلمان ٻئي مٿس ڪاوڙجي پيا. ڪن تاريخي ڪتابن ۾ ڄاڻايل آھي تہ سڪندر لوڌيءَ کيس بنارس مان نڪري وڃڻ جو حڪم ڏنو ھو، تنھن ڪري ھُو، مگهر (ضلعي گورکپور) ڏانھن لڏي ويو ۽ باقي حياتي اتي ئي گذاريائين.
ڀڳت ڪبير، تمام گهڻا شعر چيا، جيڪي ھُن، پاڻ ھڪ ھنڌ گڏ نہ ڪيا، پر سندس پوئلڳن، اُھي پنھنجن سينن ۾ سانڍي رکيا ھئا. سندس شاعريءَ جو پھريون مجموعو، 1570ع ۾، سندس خاص شاگرد، ڀاڳوداس مرتب ڪيو. ان کان سواءِ سندس دوها آھن جيڪي پنجن ھزارن جي لڳ ڀڳ آھن. ھن پنھنجي شاعريءَ ۾، بيباڪيءَ سان پنھنجي دؤر جي اجاين مذھبي رسمن تي تنقيد ڪئي. سندس خيال مسجد ۽ مندر جي فرق کان آزاد ھئا. ھوُ سمجهندو ھو تہ ھڪ ماڻهو جيڪڏهن پنھنجي نفس جي معرفت (يعني پاڻ سڃاڻ) حاصل ڪري وٺي تہ منزل مقصود تائين پھچي سگهي ٿو.
شاھ لطيف، جوڳين ۽ سامين سان تيرٿ ياترائون ڪيون، انهن کان بہ ھن ڪبير ڀڳت جو ڪلام ٻڌو ھوندو. شاھ لطيف جي آڏو ڀِٽ شاھ تي بہ ڪبير ڀڳت جو ڪلام ڳايو ويو ھوندو، جنھن کان پاڻ متاثر ٿيو.
ڪبير چوي ٿو:
سمجهے تو گھر میں رہے، پرسا پلک نہ جائے،
تیرا صاحب تجھ میں، انت کہوں مت جائے۔
(کہےبھگت کبیر، ص: 27)
شاھ لطيف چوي ٿو:
سَڀَئِي ساري سَسُئِي، گَهرَ ڪُنڊُون تُون گهورِ،
وَڃِي ڏُورِ مَ ڏورِ، دَران مَنجِھ دوسِتُ ٿِيو.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سسئي آبري، داستان 4، بيت 1، ص: 293)
ڪبير چوي ٿو:
نام رتن دھن پائے کے، گانٹھی باندہ نہ کھول،
ناھیں پن نہیں پارکھو، نا گاہک نا مول۔
(کہےبھگت کبیر، ص: 31)
جيڪڏهن توکي نام جو رتن (ماڻڪ/جوهر) ھٿ اچي وڃي تہ اھو ڳنڍ ۾ ٻڌي ڇڏ، ڪنھن کي کولي نہ ڏيکار، ڇاڪاڻ تہ نہ ان جو ڪو قدردان ۽ پارکو آھي، نہ خريدار ۽ نہ ئي ڪا قيمت. (يعني انمول آھي ان جي قيمت چڪائڻ ھر ڪنھن جي وس جي ڳالهہ ڪانهي.)
شاھ لطيف چوي ٿو:
اَمُلَهه آڇِ مَ اُنِ کي، جي نہ پَرُوڙِيُنِ مَٽِ،
جِتِ گڏجيئِي جَوهرِي، ماڻِڪُ تِتَھِين مَٽِ،
جَنِين سونَ سين سَٽِ، تَنِ ھَڻِي رِيءُ رَدِ ڪِيو.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سريراڳ، داستان 7، بيت 4، ص: 175)
ڪبير چوي ٿو:
پيا چاہے پریم رس، راکھا چاہے مان،
ایک میان میں دو کھڑگ دیکھا سنا نہ کان۔
(بھگت کبیر-فلسفہ و شاعری، ص: 44)
شاھ لطيف چوي ٿو:
ڪِيئن مائِيندا مَنَ ۾، خودِي ۽ خُداءِ،
ٻِنِ تراڙِينِ جاءِ، ڪا آھي ھڪَ مِياڻِ ۾؟
(قاضي، علامه آءِ آءِ، (1993ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر يمن ڪلياڻ، داستان 6، بيت 23، ص: 63)
حسين بن منصور حلاج (858ع-922ع)
فارسيءَ جي مشھور صوفي، شاعر، عالم، انقلابي ۽ مصنف حسين بن منصور حلاج جو جنم، 244 ھ/ 858ع ۾، ايران جي اتر اوڀر ۾، ڳوٺ ’الطور‘ ۾ ٿيو، جيڪو شيراز کان ست ميل پري ھو. سندس پورو نالو ’ابوالمغيث الحسين بن منصور الحلاج‘ ھو. سندس پيءُ جو نالو منصور ۽ ڏاڏي جو نالو مسميٰ ھو. ھڪ روايت موجب سندس وڏا اصل مجوسي (آتش پرست - Zoroastrian) ھئا ۽ سندس ڪٽنب مان، سندس پيءُ ئي پھريون شخص ھو، جنھن اسلام قبول ڪيو. سندس خانداني پيشو ريشم جا ڪينئان پالڻ، ريشم جا ڌاڳا ٺاھڻ ۽ ڪپھه ٽاڻڻ ھو، تنھن ڪري کيس ’حلاج‘ چيو ويندو ھو، جنھن جي معنيٰ آھي ’پيڃارو‘. پاڻ ’منصور حلاج‘ جي نالي سان مشھور ٿيو. سندس ڪُنيت ’ابوعبدالله‘ ھئي.
منصور حلاج، اڃا نون سالن جو ھو تہ سندس پيءُ پنھنجو ڏاڏاڻو علائقو ڇڏي، فرات نديءَ جي ڪپ تي آباد شھر ’تستر‘ ۾ لڏي آيو. اتي ئي ھن تعليم حاصل ڪئي ۽ اٽڪل سورهن سالن جي عمر ۾ قرآن حفظ ڪيو. ان سان گڏ تفسير، صرف نحو ۽ ٻيا درسي ڪتاب پڙهي پورا ڪيا. پاڻ تستر جي معروف عالم ’سھل بن عبدالله‘ جي مدرسي سان ٻہ سال لاڳاپيل رهيو. ان کان پوءِ پاڻ، بصري ڏانھن روانو ٿي ويو، جتي عمرو مڪي ۽ ٻين صوفين جي صحبت ۾ رهي، باقاعدي خلافت جو خرقو ۽ سند حاصل ڪيائين. 264 ھ/78-877ع ۾، پاڻ بغداد ويو، جتي حضرت جنيد بغداديءَ جي صحبت اختيار ڪيائين.
منصور حلاج، پنھنجيءَ عمر جو وڏو حصو سير سفر ۾ گذاريو. ھن ايران، خراسان، ڪرمان، سجستان، اصفھان، مڪي ۽ ھندستان جو سفر ڪيو ۽ وقت جي وڏن وڏن صوفين، عارفن ۽ عالمن سان ملاقاتون ڪيائين. 280 ھ/94-893ع تائين، سندس شھرت ھر پاسي ڦھلجي وئي ۽ سوين ماڻهو سندس مريد ٿيا. اسلام کان سواءِ ھن، ٻڌمت، ھندومت ۽ عيسائيت جو پڻ گهرو اڀياس ڪيو.
تصوف جي رازن کي ڳجهو رکڻ لاءِ، پنھنجي استاد سھل بن عبدالله کيس گهڻو ئي سمجهايو، پر ھو ضبط ڪري نہ سگهيو. ھو وحدت الوجود يا ھمه اوست جي نظريي جو قائل ھو ۽ ’اناالحق‘- ’مـان حـق آھيان‘ جو نعرو ھنيائين، جنھن ڪري 297 ھ/909ع ۾ پھريون ڀيرو، ’ابن دائود اصفھانيءَ‘ جي ڏنل فتويٰ جي بنياد تي گرفتار ٿيو. بغداد ۾ رهائش دوران 297 ھه ۾ مٿس سياسي بغاوت جو الزام پڻ لڳو، جنھن ڪري پاڻ بغداد ڇڏي، ’اھواز‘ نالي ھڪ ڳوٺ ۾، گمناميءَ جي زندگي گهارڻ شروع ڪيائين. سرڪاري اھلڪار سندس ڳولها ۾ ھئا ۽ 301 ھ/14-913ع ۾، ڪنھن شخص جي ڄاڻ ڏيڻ تي، فوج کيس گرفتار ڪري، سندس ڪتاب، خط ۽ ٻيو سامان ضبط ڪري ورتو. ان وقت سندس عمر 57 سال ھئي. اھو معاملو جڏهن بغداد جي عدالت ۾ پھتو تہ قاضين ضبط ڪيل ڪتابن ۽ ڪاغذن جي اڀياس ذريعي کيس ’حلول‘ جو قائل ۽ ’اناالحق‘ جو نعرو ھڻي، خدا سان برابريءَ جي دعويٰ ڪندڙ گنهگار ۽ ڪافر قرار ڏنو. چار ڏينھن کيس، شھر جي مختلف چوواٽن تي صليب سان ٻڌي لٽڪايو ويو. ڪجهہ ڏينھن کان پوءِ کيس، قيدخاني ۾ پھچايو ويو، جتي اٽڪل اٺ سال ديوارن سان ڳالهائيندو رهيو. انهيءَ قيدخاني ۾ ھن، جيڪا شاعري ڪئي، تنھن کي بعد ۾ ’ديوان حلاج‘ جي نالي سان منظر عام تي آندو ويو.
ڊگهي عرصي جي سخت قيد کان پوءِ، آخرڪار کيس 18 ذوالقعد 309 ھ/26 مارچ، 922ع تي قتل ڪيو ويو. سندس قتل کان پوءِ، عالمن جي ھڪ گروهه کيس ڪافر ڪوٺيو، جڏهن تہ ٻئي گروهه جنھن ۾ رومي ۽ عطار جھڙا صوفي بہ شامل ھئا، کيس ’عظيم صوفي‘ ۽ ’شھيدِ حق‘ قرار ڏنو. منصور حلاج پنھنجي زندگيءَ ۾ 48 ڪتاب لکيا، جن مان ’ڪتاب الطواسين‘ تمام گهڻو مشھور آھي.
وحدت الوجود (همه اوست) جي صوفياڻي نظريي سان تعلق رکندڙ سڀني صوفين جيان، شاھ لطيف پڻ ’حسين بن منصور حلاج‘ کان تمام گهڻو متاثر آھي. شاھ لطيف، منصوري نظرين جي پرچار کان سواءِ، سندس نالو پڻ پنھنجي ڪلام ۾ استعمال ڪيو آھي:
سَڀَتِ پَچارَ پِريَنِ جِي، سَڀَتِ ھوتَ حُضُورُ،
مَلڪُ مِڙو مَنصُورُ، ڪُھِي ڪُھَنديِن ڪيتَرا.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سھڻي، داستان 2، بيت 9، ص: 265)
منصور حلاج جو ھڪ شعر آھي تہ:
درمیانِ قصر دریا تختہ بندم کردئی،
باز می گوئی کہ دامن تر مَ کُن، ہوشیارباش۔
(سعید حسن، پیر، (1981ع)، ’ابیات سندھی‘، ص: 7)
ان خيال کي، شاھ لطيف سنڌيءَ ۾ ھيئن بيان ڪيو آھي:
مُون کي مُون پِرِيَنِ، ٻَڌِي وڌو تارِ ۾،
اُڀا اِيئَن چَوَنِ، مَڇڻِ پاند پُسائيين.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر آسا، بيت 38، ص: 728)
منصور حلاج چوي ٿو:
”اقتلو ني يا ثقافي،
اِنَّ في قتلي حياتي،
و مماتي، في حياتي،
و حياتي، في مماتي.
ترجمو: مون کي قتل ڪريو، منھنجا ساٿيو،
جو منھنجو قتل ئي منھنجي حياتي آھي،
منھنجو موت منھنجي حيات ۾ آھي،
منھنجي حيات منھنجي موت ۾ آھي.“
(جويو، 2012ع، ص: 39)
شاھ لطيف چوي ٿو:
مَرَڻان اَڳي جي مُئا، سي مَرِي ٿِينِ نہ ماتِ،
ھوندا سٖي حَياتِ، جِيئَڻان اَڳٖي جي جِيا.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر معذوري، داستان 4، بيت 7، ص: 357)
منصور حلاج چوي ٿو:
”نظري بدءُ علتي، ويح قلبي وما جنا،
يا معين الفنا علي اعِني علي الفنا.
ترجمو: منھنجي نگاھ منھنجي بيماري آندي، منھنجي دل مون کي ڪيئن نہ مصيبت ۾ اڙايو. اي بيماريءَ کي مسلط ڪندڙ! ھاڻي مون کي بيماري برداشت ڪرڻ جي قوت عطا ڪر.“(جويو، 2012ع، ص: 40)
شاھ لطيف چوي ٿو:
ڪِي جو ڪَھِين پارِ، اَکِيُون پَسِي آئِيُون،
ٿِيُون ديوانِيُون دِلِ ۾، اَپَرِ لَڳِيَنِ آرِ،
تِنهان پوءِ قَرارِ، سُتِيُون ڪِينَ، سَيَدُ چي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر آسا، داستان 2، بيت 9، ص: 710)
دادو ديال (1544ع - 1604ع)
دادو ديال جو اصل نالو دائود يار ھو. ھُو 1544ع ۾ پيدا ٿيو. ڪي مؤرخ کيس برهمڻ تہ ڪي پيڃارو تہ وري ڪي موچي چون ٿا. چون ٿا تہ ھُو، احمد آباد ۾ لوڌي رام نالي ھڪ برهمڻ کي سانڀر نديءَ ۾، ھڪ صندوق ۾ لڙهندي مليو ۽ ھن ئي کيس پاليو. دادوءَ جي گروءَ جي نالي جي ڄاڻ نٿي ملي. اھڙيون روايتون بہ آھن تہ خود ڌڻيءَ کيس بشارت ڏني. ان کان پوءِ ھُو، ڀڳت ٿي ويو. ھن تصوف/ويدانت جي حوالي سان نالو ڪڍيو، جنھن ڪري ھندو توڙي مسلمان سندس مريد ٿيڻ لڳا. سندس مريد يعني دادو پنٿي، چئن قسمن جا ساڌو آھن: اُھي کاڪي (خاڪي)، ورڪت، ٿانڀاڌاري ۽ نانگا سڏبا آھن. کاڪي (خاڪي) جسم کي خاڪ/مٽيءَ سان ڀڀوت ڪندا آھن ۽ مٿي تي چوٽا ٻڌندا آھن. ورڪت ھٿ ۾ ڪٽورو کڻندا آھن ۽ ڀڄن ڳائيندا آھن. نانگا ۽ ٿانڀا ڌاري، اڇو لباس پائيندا آھن. ٻني ٻارو ۽ نوڪري ڪندا آھن سڀني دادو پنٿين ۾ ھڪ ڳالهہ گڏيل آھي تہ اُھي مورتيءَ جي پوڄا نہ ڪندا آھن، وحدانيت تي يقين رکندا آھن ۽ شادي بہ ڪونہ ڪندا آھن، پر دادو ديال شادي ڪئي ۽ کيس ٻہ پٽ ۽ ٻہ ڌيئرون ٿيون. سندس وڏي پٽ جو نالو گريب داس ھو.
ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب مطابق، درويش دادو ديال، قاضي قادن جي ڪلام کان گهڻي قدر متاثر ٿيو. ھُو شاھ ڪريم بلڙائيءَ جو ھمعصر ھو. سنڌ، راجسٿان، گجرات، ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ جا ھڪ ٻئي سان سماجي، ثقافتي، واپاري، علمي ۽ ادبي رشتا ناتا ھئا. قديم زماني کان وٺي، سنڌ جون اڀرنديون ۽ ڏکڻ اوڀر واريون سرحدون، ھڪٻئي سان مليل ھيون. اِھي سڀ علائقا، قديم سنڌ جي سلطنت ھيٺ ھئا. اوڀر ۾ ڀلمال ۽ لوٿل، ڏکڻ اوڀر ۾ سُورت تائين وارو سمورو علائقو سنڌ جي سرحدن ۾ شامل ھو. انهيءَ ڪري انهن علائقن جون حالتون ھڪ جھڙيون ھيون ۽ ماڻهن جي لھ وچڙ سبب ٻولي بہ لڳ ڀڳ ھڪ جھڙي ھئي. جڏهن تہ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو لکي ٿو تہ:”دادو ديال جي ڪلام لاءِ باغ علي شوق لکي ٿو تہ، اھو پنگل (راجسٿاني ڇند) ۾ آھي، جا راجسٿاني ۽ برج ڀاشا جو امتزاج آھي.“(جوڻيجو، 2004ع، ص: 69)
نامياري محقق، ھيري ٺڪر، ھندستان جي رياست ھرياڻا جي ضلعي ڀوانيءَ جي ڳوٺ راڻيلا جي دادو پنتي ڀڳت ھريداس جي مَٺَ (مندر) مان، ديوناگري لِپيءَ/رسم الخط ۾ لکيل، 68 کن ڀڳتن/شاعرن جو ڪلام ھٿ ڪري ڇپايو آھي، جن ۾ دادو ديال، قاضي قادن ۽ ٻيا شامل آھن.
دادو ديال جي ڪلام جو بنيادي مضمون، تصوف ئي آھي، جيڪو شاھ ڪريم توڙي شاھ لطيف ۽ ٻين شاعرن جي ڪلام جو نمايان مضمون آھي. دادو ديال جي ڪلام جا ويچار شاھ لطيف وٽ بہ ملن ٿا، جن جو نمونو ھيٺ ڏجي ٿو:
دادو ديال چوي ٿو:
دادو جهاتي پائي پس پري، ھاڻي لاءِ مَ وير،
سٿ سڀوئي ھليو، پوءِ پسندون ڪير.
(جوڻيجو، 2004ع، ص: 70)
شاھ لطيف چوي ٿو:
سي تو ويهِي وِڃائيا، جي ڪِتَڻَ سَندا ڏينھن،
اَرٽَ اوڏِي نَه ٿِيين، ڀورِي! ڀورِي سينءَ،
ڪَنڌَ کَڻَندِينءِ ڪيئن، اَڱڻِ عَجِيبَنِ جيٖ.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪاپائتي، بيت 10، ص: 830)
دادو ديال چوي ٿو:
دادو غافل ڇو وتين، منجھين رب نهار،
منجهون پي پاڻ جو، منجھيئي ويچار.
(جوڻيجو، 2004ع، ص: 71)
شاھ لطيف چوي ٿو:
وَڃين ڇو وَڻِڪار ھِتِ نہ ڳولِين ھوتَ کي،
لِڪو ڪِينَ، لَطيفُ چي، ٻاروچو ٻئٖي پار،
ٿِيءَ سَتِي، ٻَڌُ سَندِرو، پِرتِ پُنهُونءَ سين پارِ،
نايو نيڻَ نِهارِ، تو ۾ ديرو دوستَ جو.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سسئي آبري، داستان 3، بيت 11، ص: 295)
دادو ديال چوي ٿو:
دادو غافل ڇو وتين، آھي منجهہ الله،
پري پاڻ جو پاڻ سين، لھي سڀوئي ساءِ.
(جوڻيجو، 2004ع، ص: 71)
شاھ لطيف چوي ٿو:
گُلَ گُلَ پَسِي گودَڙِيا! گَهڻا مَ ڀانئٖيج،
سوئِي سُڃاڻٖيجِ، ھِيءُ ھُو آھي ھيڪَڙو.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر رامڪلي، داستان 9، بيت 35، ص: 824)
دادو ديال 1604ع ۾ وفات ڪئي. جئپور کان ويھ ميل پري، نرينا نالي ڳوٺ ۾ ھڪ ٽڪريءَ تي سندس نالي تيرٿ قائم آھي، جتي خلق اچي ٿي ۽ ميڙو لڳي ٿو.
رحمان بابا (1653ع - 1706ع)
پشتو ٻوليءَ جي تمام وڏي صوفي شاعر، رحمان بابا جو پورو نالو عبدالرحمان ولد عبدالستار ھو. ھُو، 1042ھ/ 1653ع ۾ پشاور کان الهندي پاسي پنج ميل پري ڪوهستان ڏانھن ويندڙ روڊ ويجهو، ھڪ ڳوٺ ’بھادر ڪلي‘ ۾ پيدا ٿيو. تاريخدان سندس ڄمڻ ۽ وفات جي سنن بابت اختلاف رکن ٿا، رحمان بابا جي ڄمڻ ۽ وفات جون مستند تاريخون نٿيون ملن، پر ايترو چئي سگهجي ٿو تہ، ھن شاھجھان، اورنگزيب عالمگير ۽ شاھ عالم جا دؤر ڏٺا.
ھن، قرآن، فقه ۽ تصوف جي تعليم پنھنجي ڳوٺ جي جيد عالم، ملا محمد يوسف زئي کان حاصل ڪئي. ان کان پوءِ ڪوهاٽ وڃي، جذب ۽ سلوڪ جون منزلون طيءِ ڪيون ۽ جوانيءَ ۾ ئي الله ۽ ان جي رسولﷺ جي عشق ۾ دنيا ۽ دنيا جي لذتن کي ترڪ ڪري، گوشه نشيني ۽ فقيريءَ جي زندگي اختيار ڪئي ۽ شاعري ڪرڻ لڳو.
ھوُ صوفي مسلڪ جي چشتي طريقي جو بزرگ ھو، جنھن ڪري موسيقيءَ سان خاص دلچسپي رکندو ھو. سندس ڪلام ۾ تصوف کان سواءِ، اخلاقيات، خدمت خلق، عشق حقيقي ۽ عشق مجازيءَ جا موضوع ملن ٿا.
شاھ لطيف ۽ رحمان بابا ذري گهٽ ساڳئي دؤر جا شاعر ھئا. ھو شاھ صاحب جو وڏو ھمعصر ھو. ٻنهي جي شاعريءَ ۾ ھڪ جھڙائيءَ جا ھتي ڪجهہ مثال پيش ڪجن ٿا:
خدمت خلق بابت شاھ لطيف ھڪ وائيءَ ۾ چوي ٿو:
خدمت ڪر خلق سين، پاند ڳچيءَ ۾ پائي،
ھوءِ جي جهونا پسجن جهوپڙا،
اديون عبداللطيف چئي، اتاھين ڪي آھي،
ھوءِ جي جهونا پسجن جهوپڙا.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر آسا، داستان 4، وائي، ص: 730)
رحمان بابا چوي ٿو:
ھغہ زرہ چہ عرش اللہ دے کراہ کرم دے،
خود تران دے دَ جملہ زر ونو خدمت کرہ۔
(جيترو ٿي سگهي تہ الله سائينءَ جي مخلوق جي خدمت ڪريو، ڪنھن جي دل نہ ڏکاءِ، ڇاڪاڻ تہ دل ئي خدا جو عرش آھي.)
شاھ لطيف، عشق جي ھڪ ڦڙي جي سڪ کي بہ شھادت جو درجو ڏئي ٿو:
ملهہ مھانگو قطرو، سڪڻ شھادت،
اسان عبادت، نظر ناز پرينءَ جو.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، داستان 2، بيت 32، ص: 77)
رحمان بابا چوي ٿو:
کہ اعلیٰ مرتبہ عزارے عاشقی دہ،
نور ھمہ وارہ، ادنیٰ دی ادنیٰ سہ شے۔
(جيڪڏهن توکي اعليٰ مرتبي جي گهرج آھي تہ اھو عاشقيءَ جو رتبو آھي، باقي سڀ ھيٺانهان رتبا آھن ۽ تون ڪوبہ ھيٺانهون رتبو قبول نہ ڪر!)
ٻين صوفي شاعرن ۽ اڪابرن وانگر، رحمان بابا جي جذب ۽ مستيءَ جي زندگي ۽ صوفياڻي ڪلام تي سندس دؤر جي تنگ نظر ملن مولوين کيس پڻ ڪفر جي فتوائن سان نوازيو ۽ سندس ويجهن مٽن مائٽن پڻ کيس طرح طرح جون تڪليفون ڏنيون ۽ سندس زندگي زھر ڪري ڇڏي، جنھن ڪري ھوُ پنھنجي اباڻي ڳوٺ مان لڏي، ھزار خواني ڳوٺ ۾ رهڻ لڳو، جتي 1118ھ/1706ع ۾ وفات ڪيائين. ھن وقت سندس مزار، پشاور شھر جي الهندي پاسي، شھر جي تاريخي رحمان بابا قبرستان ۾ آھي. سندس مزار کي ڪجهہ دھشتگردن ڌماڪي سان اُڏائي ڇڏيو ھو، جنھن جي بعد ۾ مرمت ڪئي وئي آھي.
محي الدين ابن عربي (1165ع–1240ع)
محي الدين ابن عربي، اسلامي دنيا جو عظيم فلسفي، صوفي بزرگ، روحاني پيشوا ۽ شاعر ھو. سندس اصل نالو ’ابو عبدالله محمد بن علي بن محمد بن عربي الحاتمي الطائي‘ ھو، پر اسلامي تصوف جي دنيا ۾ کيس ابن عربيءَ جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. ان کان سواءِ ’محي الدين‘ ۽ ’الشيخ الاڪبر‘ سندس لقب آھن.
ابن عربيءَ جي ولادت، 17 رمضان 560 ھه مطابق سن 1165ع ۾ ’اندلس‘ (موجودہ اسپين) جي شھر، مدينتہ المُرسيه (Murcia) ۾ ٿي. ننڍيءَ عمر کان ئي ھو تصوف ۽ روحانيت ڏانھن مائل ٿيو. تعليم ختم ڪرڻ کان پوءِ ھن ڪيترن ئي ملڪن جو سفر ڪيو ۽ آخر ۾ ’دمشق‘ (Damascus) ويو، جتي اٽڪل 17 سال رهيو. سندس وفات، سن 638 ھ مطابق 1240ع ۾ دمشق ۾ ٿي، جتي سندس قبر تي عاليشان مقبرو اڏيل آھي.
ابن عربي، ھڪ عظيم صوفي فيلسوف ھو. تصوف جي دنيا ۾ کيس، سڀ کان مٿانھون مقام حاصل آھي. سندس شھرت جو ڪارڻ ’وحدت الوجود‘ (همه اوست) جو نظريو آھي، جنھن مطابق، خالق (ڌڻي تعاليٰ) ۽ مخلوق (ڪائنات) ٻہ مختلف وجود نه، بلڪہ ھڪ ئي وجود رکن ٿا. ڪائنات جي ڪا بہ شيءِ الڳ وجود نہ ٿي رکي، وجود صرف خدا تعاليٰ جو آھي، تنھن ڪري ھر شيءِ خدا جو روپ آھي. ابن عربيءَ جو اھو نظريو، تصوف جو روح سمجهيو وڃي ٿو. سندس ان نظريي کي وقت جي ڪيترن ئي ديني عالمن ڪفر ۽ الحاد ڪري ڪوٺيو، جڏهن تہ اڪثر صوفين سندس ڀرپور پوئواري ڪئي. (وحدت الوجود جو اصطلاح، ابن عربيءَ پنھنجي ڪنھن بہ تحرير ۾ نہ لکيو، اھو اصطلاح کانئس پوءِ رائج ٿيو.)
ابن عربيءَ لکڻ جي شروعات، 27 سالن جي عمر کان ڪئي ۽ ھن پنھنجي حياتيءَ ۾ اٽڪل 300 کان مٿي ڪتاب لکيا. ڪن ڪتابن ۾ اھو تعداد 400 تائين پڻ ڄاڻايل آھي. سندس مشھور تصنيفن ۾، ’فصوص الحڪم‘، ’الفتوحات المڪيه‘ ۽ ’ترجمان الاشواق‘ شامل آھن، جن جو مختصر تعارف ھيٺ ڏجي ٿو:
* فصوص الحڪم: فصوص الحڪم جي معنيٰ آھي ’دانائيءَ جا ٻول‘. ھي ڪتاب ابن عربيءَ جو سڀ کان اھم ڪتاب آھي، جيڪو سندس روحاني تعليم ۽ صوفياڻن نظرين تي ٻڌل آھي. ھن ڪتاب ۾ ڪل ست باب آھن، جن ۾ دانائي ۽ روحانيت جو فلسفو سمايل آھي.
* الفتوحات المڪيه: ابن عربيءَ جو ھي ڪتاب مابعدالطبعياتي، روحاني ۽ نفسياتي موضوعن تي ٻڌل آھي. ھن ۾ اسلامي نظرين جي سمجهاڻين کان سواءِ مختلف نبين جي تعليمات تي پڻ روشني وڌل آھي.
* ترجمان الاشواق: ھي ڪتاب ابن عربيءَ جي صوفياڻي شاعريءَ جو مجموعو آھي، جنھن ۾ ھن نھايت ئي سهڻي انداز ۾ پنھنجي نظرين ۽ روحاني ڪيفيتن جو اظھار ڪيو آھي.
ابن عربيءَ جي ٻين تصنيفن ۾ ’عنقاء مغرت في معرفتہ ختم الاولياء و شمس المغرب‘، ’العقد المنظوم و السر المختوم‘، ’محاضرة الابرار و مسامرہ الاخيار‘ ۽ ’مشاھد الاسرار القدسيه و مطالع الانوار الالهيته‘ وغيرہ شامل آھن.
ابن عربيءَ جي نظرين کي پکيڙڻ ۽ عام ڪرڻ ۾ مولانا جلال الدين روميءَ، نهايت ئي اثرائتو ڪردار ادا ڪيو. ابن عربيءَ پنھنجن نظرين کي فلسفياڻي انداز ۾ پيش ڪيو، جنھن جي ٻولي ۽ انداز بيان گهڻو منجهائيندڙ ھو، جڏهن تہ مولانا روميءَ انهن نظرين کي عام فھم ٻوليءَ ۾ نهايت دلڪش ۽ افسانوي انداز ۾ پيش ڪيو. مولانا روميءَ، ابن عربي جي صوفياڻن نظرين کي شعري صنفن ۾ پيش ڪري، ھڪ نئين روايت جو بنياد وڌو، جنھن جي پيروي اسلامي تاريخ جي سڀني صوفي شاعرن ڪئي.
شاھ لطيف پڻ ابن عربيءَ جي ’وحدت الوجود‘ واري نظريي جو قائل ھو ۽ مولانا روميءَ جي مثنويءَ کان گهڻو متاثر ھو. جيتوڻيڪ شاھ لطيف پنھنجي شاعريءَ ۾، ابن عربيءَ جو نالي سان ذڪر نہ ڪيو آھي، پر سندس نظرين کي پنھنجي منفرد تخليقي، فڪري ۽ جمالياتي انداز بيان ۾ پيش ڪيو اٿس:
وَحدتَان ڪَثرتَ ٿِي، ڪَثرتَ وحدَت ڪُلُّ،
حَقُ حَقِيقِي ھَيڪِڙو، ٻولِي ٻِيءَ مَ ڀُلُ،
ھُو ھُلاچو ھُلُّ، بِاللهِ سَندو سَڄَڻين.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سر ڪلياڻ، داستان 1، بيت 18، ص: 69)
پَڙاڏو سو سَڏُ، وَرُ وائِيءَ جو جِي لَهيِن،
ھئا اَڳِھِين گَڏُ، ٻُڌَڻَ ۾ ٻَھ ٿِيا.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪلياڻ، داستان 1، بيت 22، ص: 70)
ساھَڙُ، سا سُوهَڻِي، سائِر پُڻِ سوئِي،
آھي نِجوئِي، ڳُجُهہ ڳُجهاندَر ڳالهڙِي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سھڻي، داستان 1، بيت 34، ص: 224)
مولانا جلال الدين رومي (1207ع-1273ع)
مولانا جلال الدين رومي، فارسي زبان جو مشھور شاعر ۽ وڏو صوفي بزرگ ٿي گذريو آھي. پاڻ 604 ھ /1207ع ۾ ايران جي شھر بلخ ۾ ڄائو. بلخ شھر ھاڻي اتر افغانستان جي صوبي بلخ ۾، ’وزيرآباد‘ جي نالي سان مشھور آھي. سندس اصل نالو جلال الدين ھو پر اڳتي ھلي مولانا روميءَ جي نالي سان مشھور ٿي ويو. کيس ’مولانا روم‘ بہ ڪوٺيو ويندو آھي. سندس پيءُ جو نالو بھاءُ الدين ھو، جيڪو ھڪ وڏو عالم ۽ صاحب دين بزرگ ھو، پر ٻين عالمن ۽ وقت جي بادشاھ، علاءُالدين ’خوارزم‘ جي مخالفت جي ڪري، ھُو پنھنجو وطن ڇڏي، ’قونيه‘ (ترڪي) ۾ وڃي رهيو. ان وقت مولانا روميءَ جي عمر 12 سال ھئي.
مولانا روميءَ شروعاتي تعليم ۽ تربيت، پنھنجي پيءُ ۽ اُن جي ھڪ خاص دوست سيد برهان الدين کان حاصل ڪئي. پيءُ جي وفات کان پوءِ، ھُو 639 ھه / 42-1241ع ۾، شام ملڪ ھليو ويو، جتي حلب جي مدرسي ۾ رهي، مولانا ڪمال الدين کان علم حاصل ڪيائين. مولانا رومي پنھنجي دور جي اڪابر عالمن مان ھڪ ھو. ھو قرآن، حديث ۽ فقہ جو وڏو عالم ھو، پر سندس شھرت ھڪ صوفي شاعر طور ٿي. ٻين علمن ۾ بہ کيس گهڻي مھارت حاصل ھئي. وعظ ڪندو ھو ۽ شرعي فتوائون لکندو ھو. وقت جا وڏا وڏا عالم ڪيترن ئي منجهيل ۽ ڏکين مسئلن جي نبيري لاءِ کانئس صلاحون وٺندا ھئا. سندس شھرت ٻڌي سلجوقي سلطان کيس واپس قونيه گهرايو، جتي ھن پنھنجي باقي زندگي گذاري.
شمس تبريز، جيڪو ھڪ خداشناس صوفي ھو، ۽ سوداگر جي ويس ۾ مختلف ملڪ گهمندو رهندو ھو، سو ھڪ ڏينھن قونيه شھر جي مسافرخاني ۾ اچي ترسيو. مولانا رومي ان وقت، شھر جي وڏي مولويءَ ۽ مفتيءَ جي حيثيت سان’شمس تبريز‘ سان ملاقات ڪرڻ لاءِ آيو. ان ملاقات کان پوءِ، مولانا روميءَ کي ’شمس تبريز‘ جي صحبت ’مولانا روم‘ بڻايو. ان وقت سندس عمر، 37 سال ھئي. 1248ع ۾ جڏهن شمس تبريز جي شھادت (چون ٿا تہ شمس تبريز کي، مولانا روميءَ جي پُٽ شھيد ڪيو ھو، ان قتل واري سازش ۾ مولانا روميءَ جو پُٽ علاءُالدين بہ شريڪ ھو، جيڪو مولانا روميءَ جي حياتيءَ ۾ ئي وفات ڪري ويو. مولانا رومي نہ جنازي نماز پڙهائي ۽ نہ ئي جنازي ۾ شريڪ ٿيو.) ان کان پوءِ، مولانا روميءَ، درد ۽ فراق جي زندگيءَ ڏانھن لاڙو ڪيو ۽ مثنوي لکيائين، جنھن کي مولانا عبدالرحمان ’جاميءَ‘ فارسيءَ جو قرآن سڏيندي فرمايو آھي تہ:’مثنويءِ معنويءِ مولوي، ھست قرآن در زبانِ پھلوي‘. معنيٰ: ’ڪتاب مثنوي معنوي مولوي، پھلوي (فارسي) زبان ۾ قرآن ئي آھي.‘
ھن مثنويءَ، مولانا روميءَ کي وڏو مان ڏياريو ۽ پاڻ تصوف ۾ بلند ترين مقام حاصل ڪيائين. مولانا روميءَ جي سڀ کان مشھور تصنيف ’مثنوي مولانا روم‘ آھي. ان کان سواءِ سندس ھڪ ٻيو ڪتاب ’فيہ ما فيہ‘ پڻ گهڻو مشھور آھي. مولانا روميءَ جي شاعري، ادب جي دنيا ۾ آفاقي حيثيت رکي ٿي. فارسيءَ کان سواءِ، ترڪي، اردو ۽ سنڌي شاعريءَ تي پڻ سندس گهڻو اثر آھي. سندس شاعريءَ جو سنڌي ٻوليءَ سميت دنيا جي ڪيترين ئي ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪو آھي. ’مثنوي مولانا روم‘ جو ساڳئي طرز ۾ منظوم سنڌيءَ ۾ ترجمو، مولانا دين محمد ’اديب‘ فيروزشاھيءَ ڪيو آھي، جيڪو آر ايڇ احمد اينڊ برادرز، حيدرآباد سنڌ ڇپايو آھي.
مولانا روميءَ, 5 جمادي الآخر 672 ھ / 17 ڊسمبر, 1273ع تي وفات ڪئي. سندس مزار ’قونيه‘ (ترڪي) شھر ۾ آھي، جنھن تي عاليشان مقبرو تعمير ٿيل آھي.
شاھ لطيف، قرآن شريف ۽ شاھ عبدالڪريم بلڙيءَ واري جي ملفوظات ’بيان العارفين‘ سان گڏ، مولانا جلال الدين روميءَ جي مثنوي بہ ھميشه ساڻ رکندو ھو. شاھ لطيف، مولانا روميءَ جي فڪر مان گهڻو متاثر ٿيل ھو، جنھن جو اظھار شاھ لطيف پنھنجي شاعريءَ ۾ واضح انداز ۾ ڪيو آھي، خاص ڪري سُر يمن ڪلياڻ ۾:
طالِبُ ڪَثَرَ، سُونھن سَرُ، اِيءَ رومِيءَ جي رِهاڻِ،
پھِرِين وِڃائِڻُ پاڻِ، پَسَڻُ پوءِ پِرِينِ کي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سر يمن ڪلياڻ، داستان 5، بيت 13، ص: 108)
ميران ٻائي (1498ع - 1546ع)
ھندي ٻوليءَ جي عظيم شاعرہ، ميران ٻائي، راجپوتانا (هندستان) جي رياست، ميڙتا جي راجا يرم ديو جي ننڍي ڀاءُ، رتن سنگهہ جي گهر ۾ 1498ع ۾ پيدا ٿي. ميڙتا جو پرڳڻو، ميران جي ڏاڏي راءُ دودا جيءَ، ميران جي پيءَ رتن سنگهہ کي سندس گذر سفر لاءِ ڏنو ھو.
ميران جي ننڍپڻ ۾، سندس ماءُ لاڏاڻو ڪري وئي، جنھن ڪري ھوءَ پنھنجي ڏاڏاڻي گهر اچي رهي. راءُ دودا جي نہ رڳو ھڪ قابل ۽ بھادر حڪمران طور مشھور ھو، پر ھو وشنوءَ جو پڪو پوڄاري پڻ ھو. اھڙيءَ طرح ميران ٻائيءَ جو ننڍپڻ کان ئي ڌرم ڏانھن لاڙو ٿيڻ لڳو. گهر ۾ رهندي ئي ھُن سنگيت جو گھرو اڀياس ڪيو ۽ سکيا ورتي، جيڪا اڳتي ھلي سندس ڪوتائن ۾ اُڀري.
چيو وڃي ٿو تہ ننڍپڻ ۾ ميران ٻائيءَ کي ھڪ رمتي جوڳيءَ وٽان، ڪرشن جي مورتي ملي ھئي، جنھن سان کيس تمام گهڻو پيار ٿي ويو. اھا ڳالهہ بہ مشھور آھي تہ ميران ٻائيءَ، ڪرشن جي اھا مورتي، شاديءَ بعد ساھرين گهر (چتوڙ) پڻ پاڻ سان آندي ۽ پنھنجي مڙس جي خاندان جي ديويءَ ’ڪاليءَ‘ جي پوڄا ڪرڻ کان پڻ انڪار ڪيو، جنھن ڪري کيس پنھنجن ساھرن جي رنجش سھڻي پئي.
ميران ٻائيءَ جي شادي 1516ع ۾، ميڙتا جي راجا راڻا سنگا جي وڏي پُٽ، ڀوڄ راج سان ٿي. ھوُ لڙائيءَ ۾ کاڌل زخمن سبب، 1521ع ۾ گذاري ويو. جنھن کان پوءِ ميران ٻائي ھڪ وِدوا طور زندگي گذاريندي رهي.
ميواڙ ۾ اقتداري سازشن جي نتيجي ۾ ميران جي سھري کي، 30 جنوري، 1528ع ۾ زھر ڏيئي ماري ويو. جنھن کان پوءِ ميران جو ڏير رتن سنگهہ ميواڙ جي گاديءَ تي ويٺو، جيڪو ميران ٻائيءَ جي ڌرمي مشغولين ۽ پوڄاپاٺ جو سخت مخالف ھو. وِدوا ٿيڻ کانپوءِ، ميران پنھنجو سمورو وقت پنھنجي لاءِ خاص ٺھرايل مندر ۾ گذاريندي ھئي. اُتي ھوءَ ڪرشن جي ڀڳتيءَ ڀريا گيت رچيندي ھئي ۽ رمتن جوڳين ۽ ساڌن سنتن جو آڌرڀاءُ ڪندي ھئي. باغي مزاج ھئڻ ڪري ھن سماجي ريتين رسمن جا اُھي سڀ طور طريقا ۽ ٻنڌڻ ٽوڙي ڇڏيا، جن تي راج گهراڻي جي ھڪ عورت کي ھلڻو پوندو آھي. سندس اھڙيءَ ھلت، سڄي ڪٽنب خاص طور نئين راجا کي ڪاوڙائي وڌو ۽ ھُو سندس دشمن ٿي پيو. سندس حڪم تي ميران کي قلعي ۾ قيد ڪيو ويو ۽ سندس نظرداريءَ لاءِ ٻن عورتن، چمپا ۽ چنبيليءَ کي مقرر ڪيو ويو، پر اُھي نگراني ڪرڻ بدران الٽو سندس شخصيت کان متاثر ٿي، سندس چيليون بڻجي ويون.
سازشي ماڻهن، رتن سنگهہ کي قتل ڪري سندس جاءِ تي وڪرماجيت کي گاديءَ تي ويھاريو. وڪرماجيت ميران کي مارائڻ گهريو، پر ھڪ درويش عورت کي ڪوبہ مارڻ لاءِ تيار نہ ٿيو. ميران پنھنجي چاچي ويرم ديو وٽ ميڙتا ھلي وئي. ھتي بہ سندس پرجوش ڀڳتيءَ روين ۾ گهٽتائي نہ آئي. ھوءَ ھر ايندڙ ساڌوءَ جي شيوا ڪندي ھئي ۽ بنا ڪنھن تڪلف جي ھر طبقي جي ماڻهن سان ملندي ھئي. ويرم ديو جي نظر ۾، ھڪ راجا گهراڻي جي وِدوا لاءِ اُھي ڳالهيون مناسب نہ ھيون. حالتن کان تنگ ٿي آخر ھوءَ بندرابن ھلي وئي. ھوڏانھن ھڪ ڀڳت ۽ شاعرا جي حيثيت ۾ سندس شھرت تمام گهڻي پکڙجي چڪي ھئي. سندس ڀڳتي ۽ ڀڄن عوام ۾ ايترا تہ مقبول ٿي چڪا ھئا، جو سندس شعر گرو نانڪ صاحب ۽ ڪبير پنٿ جي گرنٿن ۾ شامل ٿي ويا آھن.
بندرابن ۾ ڪجهہ ڏينھن رهي، ميران ٻائي دوارڪا ھلي وئي، جتي ڪرشن مندر جا کنڊر ھئا. ميران جي ڪوششن سان ھيءُ مندر نئين سر تعمير ڪيو ويو ۽ ميران اُن مندر ۾ پنھنجي ڪرشن تي ڀڳتيءَ جا گُل نڇاور ڪرڻ لڳي. 1546ع ۾، ننڍي کنڊ جي ھن عظيم شاعرا وفات ڪئي. سندس قبر دُوارڪا ۾ آھي، پر ڪن روايتن ۾ آھي تہ ميران جي زندگيءَ جي پڇاڙڪن ڏينھن ۾ 1547ع ڌاري، ’ڪرشن ڀڳوان‘ کي ياد ڪندي ڪندي ھوءَ معجزاتي طور گُم ٿي وئي. سندس شاعريءَ ۾، گرڌر جي (ڪرشن) جي ساراھ، مٿس قربان وڃڻ ۽ سر ساھ صدقو ڪرڻ، کانئس جدائيءَ جو ڏهاڳ ۽ جوڳين، ساڌن ۽ سنتن جي ساراھ جا گيت ملن ٿا. جھڙوڪ:
مين ني رام رتن ڌن پايو
بيست امو لک دي ميري سَت گُرو ڪري ڪرپا اپنايو
جنم جنم ڪي پُونجي پائي جڳ مين سوئي کووايو
کرچي نهين ڪوئي چور نہ ليوي دن دن بڙهت سوايو
سَت ڪي ناؤ کيون يا سَت گُرو، ڀَو ساگر تري آيو
ميرا ڪٿ پرڀو گرڌر ناگر ھر ڪھي ڪھي جس ڳايو
ترجمو: مون کي رام نام جي دولت ملي وئي. منھنجي ستگروءَ ڪِرپا ڪري مون کي پنھنجو ڪري ورتو ۽ مون کي انمول شيءِ ڏئي ڇڏي. مون سڄي دنيا وڃائي بہ جنم جنم جي دولت ماڻي ورتي. ھيءَ دولت نہ خرچ ٿيندي آھي نہ چوري ٿيندي آھي. ھيءَ ڏينھون ڏينھن وڌندي رهندي آھي. سچائيءَ جي ٻيڙي ۽ ان کي ھلائيندڙ ست گرو ڀَوساگر پار اُڪاري ويو. ميرا پنھنجي محبوب گرڌناگر جاڳڻ خوشيءَ وچان ڳائي ٿي.
لاڳي سوئي ڄاڻي ھو، ڪٺن لڳن دي پِيرَ،
ويد پڙهي ڪوئي نڪٽ نہ آوي، سُک مين سڀ ڪو سِير،
ٻاھر گهاءُ ڪُڇ نهين ويسي، رُوم رُوم دي پير،
جن ميرا گرڌر ڪي اوپر، صدقي ڪرون سرير.
ترجمو: محبت جو درد جنھن محسوس ڪيو، اھو ئي سمجهي سگهي ٿو. مصيبت اچڻ تي ڪو ويجهو ناھي ايندو، خوشيءَ ۾ سڀ گڏ ھوندا آھن. ان جو زخم ٻاھران ڏسڻ ۾ ناھي ايندو پر درد ھر جاءِ تي ھوندو آھي. ميران چوي ٿي تہ مان پنھنجو ھي جسم گرڌر تي صدقي ڪريان ٿي.
شاھ لطيف ساڳئي خيال کي ھن ريت بيان ڪيو آھي:
مَارُو مِٽَ مَلِيرَ جَا، سَڀِ پَرکِئَاسُون،
سَھکِيءَ ڀَانئي سَڀُڪو، اَھِکيءَ تُونهِين تُون،
مِيَان مَٿَان مُون، ٻُڙو لاھِه مَ ٻَاجهَه جو.
(شيخ، ٻانهون خان، (2012ع)، ’شاھ جو رسالو‘، جلد ٽِئو، سُر مارئي، داستان 11، بيت 19، ص: 453-454)