آگم ڪيو اچن...

شاھ لطيف جو دؤر

شاھ لطيف جو دؤر

شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي پيدائش (1102ھ/1690ع) مغلن جي چوويھين گورنر، ابونصرت/ابوالنصر خان جي دؤر ۾ ٿي ھئي ۽ ان وقت مُغلن جي آخري نواب، صادق علي خان، دھليءَ جي مغل شھنشاھ، محمد شاھ کان، ٺٽو مقاطعي تي ورتو ھو. يعني تہ ھي اھو زمانو ھو، جڏهن مغلن جي زوال ۽ ڪلهوڙن جي حڪمرانيءَ جو دؤر شروع ٿي چڪو ھو. شاھ لطيف جي جنم وقت، سنڌ ۾ سياسي طور وڳوڙ ۽ ڀڃ ڊاھ واريون حالتون ھيون. اندروني توڙي بيروني بدامنيءَ ۽ انتشار جو دؤر ھو.

 ڪنھن بہ شاعر جي شاعريءَ تي پنھنجي دؤر جو ماحول تمام گهڻو اثر انداز ٿيندو آھي. اھو تاريخي ڀڃ ڊاھ وارو ماحول، شاھ لطيف کي اک پٽيندي ئي ورثي ۾ مليو ھو. ھن دؤر جي اھم واقعن، شاھ لطيف جي زندگيءَ ۽ شاعريءَ تي گهڻو اثر ڪيو، جنھن جو اظھار، شاھ لطيف پنھنجي شاعريءَ ۾ بہ ڪيو آھي. ڪنھن بہ شاعر جي ڪلام جي پس منظر ۾، سندس دؤر جي حالتن، سندس ذاتي زندگي ۽ عام گهرو حالتون اثرانداز ٿينديون آھن، پر سندس اوسي پاسي يا سڄي ملڪ جي ماحول جي مجموعي صورتحال سياسي، سماجي،اقتصادي، علمي، ثقافتي ۽ معاشي لحاظ کان پڻ اھم ھوندي آھي، جنھن ۾ ان وقت جي سماج کي انهن حالتن جي روشنيءَ ۾ ڏسي سگهبو آھي.

 شاھ لطيف جو دؤر، سترهين صديءَ جي پوئين ڏھاڪي ۽ ارڙهين صدي عيسويءَ جي اڌ وارو دؤر ھو، جيڪو انتھائي شورش ۽ سياسي افراتفريءَ وارو دؤر ھو. مغل شھنشاھيت ٽڪراٽڪرا ٿي، ختم ٿيڻ کي ويجهو رسي چڪي ھئي. مقامي ڪلهوڙا خاندان، اقتدار ھٿ ڪرڻ لاءِ، مذھبي چوغو پائي، نڪري نروار ٿيو ھو. ھر طرف گهرو لڙايون ھيون، جن ملڪ جي معاشي حالت بد کان بدتر ڪري ڇڏي ھئي. اھو جاگيرداريءَ وارو دؤر ھو. سنڌ ۾ ڪلهوڙا، ۽ ھندستان ۾ وري مغل ھئا. ھن دؤر ۾ اورنگزيب عالمگير جھڙو مذھبي سخت گير ۽ تعصبي حاڪم، تخت نشين ھو. ان دؤر ۾ نہ صرف ھند پر سنڌ بہ افراتفريءَ جي دؤر مان گذري رهي ھئي ۽ شاھ لطيف جي ولادت کان 11 سال اڳ، ھندستان جي مستقبل جي، ڪيترين ئي صدين جي باري ۾ فيصلو ڪندڙ جنگ ۾، داراشڪوہ مارجي ويو. مغل حڪومت جي ڪمزورين جو فائدو وٺي، ڪلهوڙا جيڪي پيري مريدي سان وابستہ ھئا، سي نالي ماتر آزاد حڪومت قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي چڪا ھئا. انهيءَ سياسي ورڇ ۽ تبديلين جي ڪري سنڌ، اقتصادي ۽ معاشي طور بدحاليءَ جو شڪار ٿي چڪي ھئي. سترهين صديءَ جي آخر ڌاري ۽ شاھ لطيف جي جنم کان ڪجهہ عرصو اڳ 1667ع ۾ درياھ جي لاڙ واري پيٽ ۾ ريٽ ڀرجڻ ڪري دريائي بندر لَٽجڻ لڳا ھئا، جنھن ڪري ٺٽي ۽ بدين واري پاسي دريائي واپار گهٽجڻ لڳو ھو. سنڌ ۾ اقتصادي بدحالي شروع ٿي وئي ھئي ۽ ان کان سواءِ شاھ لطيف جي ابتدائي دؤر ۾ ئي ٺٽي جو واپاري ۽ صنعتي اوج بہ گهٽجي چڪو ھو. لطيف سائين جڏهن 18 سالن جي عمر جو ھو، تہ اورنگزيب بہ وفات ڪئي ۽ سنڌ ۾ ڪلهوڙا خاندان جي حڪومت مغلن جي مرڪزي حڪومت جو ڳچيءَ مان طوق لاھي بظاھر خودمختياريءَ طرف قدم وڌايو.

اورنگزيب جي وفات کان پوءِ، مغل سلطنت، خانهجنگيءَ جو شڪار ٿي وئي. دھلي سرڪار جي انهن حالتن جا اثر، سڌو سنئون سنڌ تي بہ پوڻ لڳا. سنڌ ۾، ھڪ پاسي معاشي ۽ اقتصادي بدحالي تہ اڳي کان موجود ھئي، ويتر ڦُرلٽ، ڌارين جا حملا ۽ الله وارن بزرگن جي ڪوس ۽ قتل جھڙا واقعا، رونما ٿيا. اندرين ۽ ٻاھرين حملن جي ڪري، ھزارين ماڻهو مارجي چڪا ھئا ۽ عام ماڻهو جان جي سلامتي لاءِ حيران ۽ پريشان ھو. اھي سڀئي واقعا، شاھ لطيف اکين سان ڏٺا. ان وقت سندس عمر 22 سال ھئي. 1711ع ۾ ميان يار محمد ڪلهوڙي، اتر سنڌ خاص طور شڪارپور ۽ لاڙڪاڻي ۾ پنھنجي طاقت وڌائي، حڪومت کي مذھبي رنگ ۾ رڱيو. ان مذھبي ڪٽرپڻي سبب سنڌي ماڻهن ۾ تفاوت ۽ تفرقي جو ٻج ڇٽجي ويو، جنھن ڪري سنڌ اندروني طرح بہ ڪمزور ٿيندي وئي.

1718ع ۾ جڏهن شاھ لطيف 28 ورهين جو ھو، تہ ان وقت جهوڪ ۾ شاھ عنايت جي شھادت وارو ڏکوئيندڙ واقعو پيش آيو، جنھن ۾ پيڙهيل ھاري طبقي جي خوشحالي ۽ کين جاگيردارن کان نجات ڏيارڻ لاءِ صوفي شاھ عنايت ۽ سندس فقيرن عملي طور ھڪ تحريڪ ھلائي نتيجي ۾ پرڏيھي، ڏيھي حاڪمن ۽ تر جي زميندارن جي گڏيل سازش سان، تحريڪ کي دٻايو ويو ۽ شاھ عنايت سان گڏ سندس متحرڪ ساٿين کي بيدرديءَ سان شھيد ڪيو ويو. ھن واقعي جو شاھ لطيف تي تمام گهرو اثر ٿيو. سُر رامڪلي جا ڪيترائي بيت شاھ عنايت جي شھادت جي ساک ڀرين ٿا:

اَڄَ نَه اوطاقُنِ ۾، طالبَ تَنوارِينِ،

آدِيسِي اُٿي وِيا، مَڙهِيُون مُون مارِينِ،

 ھُو جي جِيءَ جِيارين، سي لاھُوتِي لَڏي ويا.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر رامڪلي، داستان 8، بيت 8، ص: 814)

اَڄُ نَه اوطاقَنِ ۾، تازا پَٿَرَ ڪَکَ،

آديسي اُٿي ويا، پيئي اُڏامي رَکَ،

سامي کڻِي سَنکَ، وڄائي واٽَ ٿيا.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر رامڪلي، داستان 8، بيت 11، ص: 815)

 شاھ لطيف، شاھ عنايت شھيد جي فقيرن جي سخت تڪليفن کي برداشت ڪرڻ ۽ ان دؤران پنھنجن تڪليفن جو ذڪر نہ ڪرڻ، بابت سُر کاھوڙيءَ ۾ ڪيترائي اشارا ڏنا آھن. شاھ عنايت جي تحريڪ جي پٺڀرائي ۾ شاھ لطيف جو ھيٺيون شعر اھم آھي:

 ڀِنِيءَ ڀَڙَڪَ ڪَنِ، باھِيُون بيراڳِن جُون،

 ھَلو تَھ سيڪيُون ھَٿَڙا، مَٿي تَن مَچَنِ،

مُلا سَناسِيَنِ، مُون جَڙَ لَڳِي جانِ ۾.

 (شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر رامڪلي، داستان 9، بيت 25، ص: 822)

(وڌيڪ ڏسو عنوان: صوفي شھيد شاھ عنايت واري تحريڪ، ص: 209)

 شاھ عنايت جي شھادت جا ڦَٽَ اڃا تازا ئي ھئا، تہ مٿان 1732ع/1145ھ ۾ سنڌ جي مشھور عالم ۽ عارف، مخدوم عبدالرحمان کھڙن واري ۽ سندس 222 ساٿين جي شھادت (مسجد جي اندر عبادت جي حالت ۾) واري واقعي، شاھ لطيف جي حساس طبيعت تي تمام گهرو اثر ڪيو، ۽ کيس ڏکايو. ان واقعي جي ڪري سنڌ ۾ بيچيني ۽ بدامنيءَ واري صورتحال اڃا بہ وڌي. (وڌيڪ ڏسو عنوان: مخدوم عبدالرحمان ’کھڙن واري‘ واري تحريڪ، ص: 211 )

 شاھ لطيف جي عمر جي 48هين سال ۾، نادر شاھ سنڌ تي ڪاھي آيو. ھيءَ تباھي بہ شاھ لطيف پنھنجي اکين سان ڏٺي ھئي. سندس ھيٺيون بيت ان تباھيءَ جو عڪس پيش ڪري ٿو:

 نہ سي وَؤڻَ وَڻنِ ۾، نہ سي ڪاتارِيُون،

پَسِيو بازاريُون، ھِينئڙو مُون لُوڻُ ٿِئٖي.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪاپائتي، بيت 24، ص: 833)

مختلف تاريخي حوالن مان خبر پوي ٿي، تہ سنڌ تي نادرشاھ جي حملي جي نتيجي ۾، نہ صرف ميان نور محمد ڪلهوڙي کان ھڪ ڪروڙ رُپيا ڏن ورتو ويو، پر ان سان گڏوگڏ، ميان صاحب 20 لک رُپيا ساليانو ڏن ڏيڻ پڻ قبول ڪيو ھو.

 نادر شاھ جي حملي جي نتيجي ۾، سنڌ معاشي، سياسي، سماجي ۽ دفاعي لحاظ کان اڃا بہ وڌيڪ ڪمزور ٿي وئي. نادر شاھ، سنڌ کي ٽن حصن ۾ ورھايو: ھن سبيءَ جو علائقو محبت خان بروھيءَ کي ڏنو، جيڪو ان وقت قلات جو حاڪم ھو؛ شڪارپور وارو حصو صادق محمد خان دائود پوٽي کي ڏنو ويو ۽ باقي سنڌ ميان نور محمد ڪلهوڙي جي حوالي ڪئي. ھنن تاريخي واقعن، سنڌ جي بنيادن کي لوڏي ڇڏيو، جنھن جا سنڌ تي منفي اثر پيا.

نادر شاھ، سنڌ تي حملي وقت، نہ فقط ھتان وڏي انداز ۾ دولت ھٿ ڪئي، پر ميان نور محمد ڪلهوڙي جي ٽن پٽن، ميان مراد ياب خان، عطرخان ۽ ميان غلام شاھ ڪلهوڙي کي پڻ پاڻ سان گڏ وٺي ويو. (وڌيڪ ڏسو عنوان: نادر شاھ جي سنڌ تي ڪاھ، ص: 214) جڏهن ولي عھد شھزادو، ميان محمد مرادياب خان واپس وطن وريو، ان وقت شاھ لطيف جي عمر 62 سال ھئي.

 مجموعي طور، شاھ لطيف جي دؤر جي تاريخي پسمنظر کي نظر ۾ رکندي، ھن نتيجي تي پھچجي ٿو تہ، اُھو دؤر نھايت افراتفريءَ وارو دؤر ھو. شاھ لطيف جيترو عرصو حيات رهيو، سندس حياتيءَ جا اُھي سال، سنڌي سماج جي تاريخ جا انتھائي بحراني سال ھئا. انهن ئي سالن ۾، سنڌي سماج، پنھنجي اجتماعي وجود جي بحاليءَ ۽ بقا جي جدوجھد ۾ مصرف ھو، پر افسوس جو ان جدوجھد جي ڪاميابيءَ جو لازمي شرط يعني ’قومي اتحاد‘، سنڌي سماج کي پوريءَ طرح نصيب ٿي نہ سگهيو ھو. ان جو وڏو سبب، سنڌي سماج ۾ اقتدار لاءِ گهرو ڇڪتاڻ ۽ گروھي ٽڪراءُ تہ ھئا ئي، پر ان جو اوتروئي وڏو ڪارڻ مذھبي ڪٽرپڻو پڻ ھو. سنڌي سماج جي انهن ٻنهي اندروني آزارن ان دؤر ۾ بہ سنڌ کي نہ قومي رياست بڻجڻ ڏنو ۽ نہ وري عملي طور تي سنڌ ۾ قومي ايڪو ۽ ٻڌي پيدا ٿي سگهيا. جيڪڏھن ڪلهوڙا شاھ عنايت جي طاقت کي پاڻ سان ملائين ھا، تہ سنڌ وڌيڪ متحد، خودمختيار ۽ آزاد حيثيت حاصل ڪري وٺي ھا، پر ڪلهوڙن جي مغل مُطيع پاليسيءَ سبب ايئن نہ ٿي سگهيو.

 ھڪ طرف ملڪ جي اڳواڻن جا قرض ادا ڪرڻا پيا تہ، ٻئي پاسي حق جو آواز بلند ڪرڻ وارن مذھبي اڳواڻن جا قتلعام، تہ ٽئين پاسي ڌارين جي ڦُرلٽ، ظلم، ڏاڍ ۽ بي انصافيءَ جي گهاڻن ۾، سنڌي عوام پيڙجندو رهيو. ان دؤر ۾، ماڻهن کي سک جي گهڙي نصيب ڪانہ ٿي. جيڪڏھن ارغونن، ترخانن ۽ مغلن جي ڏينھن ۾، ظلم ۽ ڏاڍ، بي انصافي ۽ ڦُرلٽ جي حڪومت ھئي، تہ ڪلهوڙن جون پاليسيون وري اھڙيون ھيون، جو ھر پرڳڻي ۾ چار ٽڪر زمين رکندڙَ بہ، پنھنجي بادشاھي ٺاھيو ويٺا ھئا. بھرحال ھي اھو زمانو ھو، جو سنڌ جي عوام ۾ اڪيلائي، مايوسي ۽ نااميديءَ جي احساس کي ختم ڪري،

کين حب الوطني، دوستي ۽ ڀائپيءَ جو سبق ڏيڻو ھو.

 اھڙي وقت ۾، شاھ لطيف، ھڪ محب وطن ۽ دورانديش انسان جي حيثيت ۾ ايڪي ۽ اتحاد جو پرچار ڪيو:

وَڳَرَ ڪيو وَتَنِ، پِرِتِ نَه ڇِنَنِ پاڻَ ۾،

پَسو پَکِيئَڙَنِ ماڙُهنِئان ميٺَ گَهڻو.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڏهر، داستان 4، بيت 5، ص: 882)

ملڪ جي سياسي ۽ سماجي حالتن جي ابتري ۽ بي چينيءَ جو اظھار پڻ شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ موجود آھي.

 جاڳو جاڙيجا، سَما سُکِ مَ سُمَهو،

 پَسو آن پَارا، لاکو ٿو لوڙَيُون ڪَري.

(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (2009ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڏهر، داستان 3، بيت 18، ص: 166)

بَندرَ جان ڀَئِي، سُکاڻِيا مَ سُمَهو،

 ڪَپَرُ ٿو ڪُنَ ڪَري، جِئَن ماٽِي مَنجِهه مَھِي،

 ايڏو سُورُ سَھِي، نِنڊ نہ ڪجِاھُ ناکُئا!

(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (2009ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سامونڊي، داستان 1، بيت 28، ص: 102)

 شاھ لطيف جي دؤر جون مذھبي حالتون :

 شاھ لطيف جي دؤر جي مذھبي حالتن کي، ننڍي کنڊ جي سياسي اُٿل پُٿل جي پس منظر ۾ ڏسبو تہ سڄي ھندستان تي اڪبر جي بادشاھيءَ جي ايامڪاريءَ دؤران، شھنشاھ پاران ھڪ نئون دين، ’دين الاھي‘ متعارف ڪرائڻ سبب، عام ماڻهن ۾ مذھبي ڪٽرپڻو ۽ تعصب پرستي نہ ھئڻ جي برابر ھئي. ھندو-مسلمان، ھڪٻئي سان گڏجي رهڻ ۽ ڀائپيءَ سان زندگي گهاريندا ھئا. شھنشاھ اڪبر جي بادشاھيءَ کان پوءِ، حالتون خراب ٿيڻ لڳيون، جن کي جھانگير ۽ شاھ جھان جي عدل ۽ پاليسين بہ ماٺو نہ ڪيو، ۽ اورنگزيب جي ڏينھن ۾ حالتون بلڪل بگڙجي ويون، ان جو وڏو سبب اھو بہ ھو تہ اورنگزيب خود ڪٽر مذھبي حڪمران ھو، تنھن ڪري ان دؤر ۾ ماڻهن ۾ مذھبي ڪٽرپڻي جي باھ ڀڙڪي وئي، جنھن جو اثر مُغل شھنشاھيت جي ذريعي سنڌ تائين پھتو. ان مذھبي تنگ نظريءَ کي سنڌ جي مقامي ڪلهوڙا حڪمرانن بہ زور وٺايو.

 ڪلهوڙا، شروع کان ئي پيري مريديءَ واري رنگ ۾ رڱيل ھئا. ھنن اڳتي ھلي، حڪومت بہ انهيءَ پيري مريديءَ جي بنياد تي حاصل ڪئي. ھن ڳالهہ تي سمورا محقق ۽ تاريخ نويس متفق آھن تہ ڪلهوڙا سنڌ ۾ پنھنجي اقتدار جي ڪري تہ مشھور ھئا، پر سندن مشھوريءَ جو ھڪ اھم سبب پيري مريدي بہ ھو. ھن خاندان جي ترقي بابت، ميان آدم شاھ ڪلهوڙي جي مرشديءَ اھم ڪردار ادا ڪيو ھو، جنھن لاءِ سائين جي ايم سيد ھيئن ٿو لکي تہ: ”وقت جا حاڪم ڪلهوڙا ھئا، جيڪي ڪنھن وڏي يا بهادر قبيلي جا سردار ڪونہ ھئا. سندن اقتدار ۾ اچڻ، مذھب ۽ شريعت اسلام جي نالي ۾ ٿيو ھو. سندن ابتدائي شھرت پير طريقت جي حيثيت ۾ ٿي.“(سيد، 1988ع، ص: 129)

ابتدا ۾، ڪلهوڙن جي اڳواڻ، ميان آدم شاھ جو لاڙو، پيري مريديءَ ڏانھن ھو، پوءِ آھستي آھستي ھن، پنھنجن معتقدن ۽ مريدن وسيلي، پنھنجو سياسي اقتدار مستحڪم ڪيو، پر ھو بنيادي طرح وطن پرست ھو، جيڪا ڳالهہ مغل حاڪمن کي پسند نہ آئي، ۽ ھنن آدم شاھ ڪلهوڙي کي ملتان ۾ قتل ڪرائي ڇڏيو. ان کان پوءِ شاھل محمد ڪلهوڙي ۽ دين محمد ڪلهوڙي سان ٿيل عقوبتون بہ ڌارين جي پاليسين جو نتيجو ھيون. ڪلهوڙن جو اھو مذھبي لاڙو، ھن خاندان جي ٻين حڪمرانن ۾ بہ ساڳيو رهيو. ميان نور محمد ڪلهوڙو (1755ع-1718ع)، سنڌ جو حاڪم ۽ ڪلهوڙن جو مھندار ھو. ڪلهوڙا انهن ڏينھن ۾ وڏي اوج تي رسيل ھئا، تنھن ھوندي بہ سندن اھو پيري مريديءَ وارو سلسلو ھلندو رهيو. اھڙيءَ ريت سنڌ تي ڪلهوڙن جي حڪمراني مُستحڪم ٿي. اھي دُنيوي حاڪم تہ ھئا ئي، پر گهڻو تڻو معاملا مذھبي طريقي سان نبيريندا ھئا. ڪلهوڙن جي پيري مريديءَ جو گهڻو زور ميان نصير محمد خان جي دؤر ۾ نظر اچي ٿو.

 ڪلهوڙن جي مخصوص مذھبي ۽ خانداني تحريڪ، ’ميانوال‘ جي مذھبي ڪٽرپڻي کي، سياسي رنگ ڏنل ھو. ڪلهوڙن جا مريد جيڪي ميانوال تحريڪ جا رڪن ھئا، سي نہ فقط جنگي فوجي ھئا، پر حڪومت جي اھم عھدن تي بہ فائز ھئا. ان کان سواءِ حڪومت جا خاص ڪم ڪار پڻ انهن جي ذمي ھئا. ڪلهوڙن جي مريديءَ ۾، سنڌي ۽ بلوچ قومن جا ڪيترا ئي قبيلا شامل ھئا. ڪاڇي ۾ ميانوال تحريڪ جو مرڪز قائم ٿيو، جتي عاليشان مسجد تعمير ٿي، جنھن ۾ ديني تعليم سان گڏ جنگي تربيت جو پڻ انتظام ھو.

 ڪلهوڙن جي حاڪمن مان، ميان نصير محمد خان روحاني ۽ مذھبي لاڙي ۾ پنھنجي بزرگيءَ سبب، ڪافي وڌي ويو ھو. ھن ميانوال تحريڪ جي مذھبي لاڙي رکندڙ فقيرن ۽ مريدن لاءِ، ڪئي اصول بہ مرتب ڪيا، جن جي پابندي ڪرڻ، سندن لاءِ ضروري ھئي. جن مان ڪي ھن ريت ھئا:

 ڪوڙ نہ ڳالهائين، حرام خوري نہ ڪن، ڏاڙهي ۽ مٿي جا وار نہ لاھين، فقير ھڪٻئي کي ڀاڪر پائي ھٿ چُمن. عورتن لاءِ بہ ساڳيو اصول ھو. جنھن ۾ ڪابہ  قوم ۽ قبيلي جي حوالي سان ننڍ وڏائي نہ ھئي. ميان جي خاص خليفي جي نشاني اھا ھئي، تہ ان کي ڪاري کٿي/کٿو ڳچيءَ ۾ پيل ھوندو ھو، جنھن جا ٻئي پلاند، ڪنھن ٻئي کان ورائي، اڳيان رکائيندو ھو.

 ميانوال تحريڪ جا فقير، پنھنجي اعليٰ قيادت ڪندڙ کي ’ميان صاحب‘ سڏيندا ھئا. ڪجهہ عرصي کان پوءِ، ڪلهوڙا حاڪم، ’خادم الفقراءُ‘ سڏائڻ ۾ فخر محسوس ڪرڻ لڳا.

ان کان پوءِ، ميان دين محمد (ولد نصير محمد) جي ڏينھن ۾، ڪلهوڙا فقير، ’سرائي‘ جي لقب سان سڏجڻ لڳا. ڪلهوڙن جي انهيءَ پيري مريديءَ واري مذھبي لاڙي ڪري، عام ماڻهو سندن دينداريءَ جو دم ڀرڻ لڳا، کين پنھنجو مذھبي اڳواڻ سمجهڻ لڳا. ماڻهو سندن سونپيل ڪم جي بجاوريءَ کي بہ ثواب سمجهڻ لڳا. انهن ڳالهين جي ڪري، عوامي سطح تي ڪلهوڙن کي حڪومتي حوالي سان وڏو فائدو رسيو. ميان نصير خان پنھنجن فقيرن ۽ مريدن کي حڪم ڪيو تہ: ”هو ھڪٻئي کان سواءِ ڪنھن سان نہ کائين، ۽ نہ وري سڱابنديون ڪن.“ اھا ساڳي رسم مھدوي طريقي ۾ بہ رائج ھئي، جيڪا ميان ميران محمد جونپوريءَ جاري ڪئي ھئي. ميان جي انهيءَ حڪم، قبيلائي نظام کي وڌيڪ مضبوط ڪيو. ان ڪري سنڌي سماج ۾ نسلن جي بنياد تي طبقا ٺھيا. ميان نصير محمد، پنھنجيءَ تحريڪ جو نعرو، ’الله توھار‘ (الله تنھنجي آسري) رکيو. اھڙيءَ ريت ھتي جاگيرداراڻي سماج جي سوچ، احساس ۽ نظام جو سڄو وايومنڊل، مذھب جي چؤگرد گهمندو رهيو. ان ڪري، مذھب زندگيءَ جي ھر ميدان تي حاوي ٿيندو ويو. سماجي قدر بہ مذھب جي معرفت ئي طيءِ ٿيندا ھئا. چڱائي، مٺائي، نيڪي، بدي، اخلاق ۽ عمل جا حساب، مذھب جا ھٿ ٺوڪيا ٺيڪيدار ئي جوڙيندا ھئا، تنھن ڪري عام ماڻهوءَ جا خيال ۽ جذبا، مذھبي قالب ۾ ماپبا ھئا. علم ۽ فن جا قدر پڻ مذھب جي ساھميءَ ۾ تورڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. ملڪي قانون جي جوڙجڪ، ان شعبي جي سمجهايل شرعي اصولن تحت ڪئي وئي. اھو ئي سبب ھو، جو ھر ھنڌ، مذھبي عالمن جو اثر ۽ رسائي وڌي وئي. وقت جا حاڪم، سياسي مصلحت تحت انهن عالمن جي پاڻ وڻائڻ جا آرزومند ھوندا ھئا. سندن ضرورتن جو وڌ کان وڌ خيال رکندا ھئا. ڪلهوڙن جي دؤر ۾ مذھب، رياست جو ھٿيار ۽ رياست مذھب جي قوت بڻجي وئي، تنھن ڪري مذھبي ڪٽرپڻو وڌي وڻ ٿيو. انسانيت ڏانھن راغب روحاني خيالن وارن صوفين کي ڌڪيو ويو. ڪلهوڙن جي مذھبي اڳواڻيءَ ۽ مرشديءَ جو نتيجو اھو نڪتو، جو ھنن پنھنجي آڏو ڪنھن کي بہ برداشت نٿي ڪيو. انهن پنھنجي اقتدار کي قائم رکڻ لاءِ، ڪيترين ئي علمي ۽ مذھبي شخصيتن کي مارائي ڇڏيو. ظاھري طور بزرگي ۽ مذھبي اثر رکڻ ڪري، ٻين بزرگن ۽ درويشن کي مختلف بهانن سان تنگ ڪرڻ لڳا، ايتري قدر جو مٿن غلط فتوائون ڏياري، سندن سر قلم ڪرايائون. نتيجي ۾ سندن سڄو ڌيان، عوام جي ڀلي، ترقي، ملڪ جي سڌاري ۽ واڌاري بدران، پنھنجي حڪومت بچائڻ، ملڪيت وڌائڻ ۽ بزرگي قائم رکڻ تي صرف ٿيڻ لڳو. ”اقليت سان مذھبي رويي جو حال ھيءُ ھو، جو ’لاَ إِكْرَاھَ فِي الدِّينِ‘(سورة البَقَرَة، آيت 256) ۽ ’لَكُمْ دِينُكُمْ وَلِيَ دِينِ‘(سورة الکافِرون، آيت 6) جھڙن عظيم مصالحتي اصولن جي سامھون بہ رڳو ’رسو‘ چوڻ وارن کي بہ رسيءَ ۾ ٻڌي ڇڏڻ لاءِ خلق تيار ٿيو بيٺي ھئي. حڪمران اڪثريتي مذھب وارن وٽ لفظ ’واڻيو‘ تڏهن بہ حقارت ۽ خواريءَ طور ھندوءَ لاءِ ڪم ايندو ھو.“ (جويو، ابرهيم، 1990ع، ص:74)

 ڪلهوڙن جي دؤر ۾، غير مسلمانن سان جيڪو سلوڪ ڪيو ويو، تنھن سبب اھڙي ماحول ۾ مسلمانن ۽ ھندن جي وچ ۾ نفرت جو پيدا ٿيڻ لازمي ھو. ھندن جي دلين ۾، ھڪ قسم جو خوف گهر ڪري ويو. ھندو اسلام کان اڃا بہ پري رهڻ لڳا.

 ڪلهوڙن جي وقت ۾، ھندن ۽ مسلمانن ۾ مذھبي ڇڪتاڻ ۽ تعصب گهڻو وڌيو، جنھن ۾ مخدوم محمد ھاشم ٺٽويءَ ۽ سندس ھم مسلڪ بزرگن جي سخت گير پاليسيءَ، سنڌ اندر عالمن سڳورن جو ھڪ اھڙو طبقو تيار ڪيو، جنھن اسلام جي تبليغ لاءِ، گهڻي حد تائين زور زبردستيءَ وارو انداز اختيار ڪيو. مخدوم صاحب، ان وقت جي ڪلهوڙي حاڪم، ميان غلام شاھ کان ھڪ خاص پروانو جاري ڪرايو، جنھن موجب بدعتن جي نالي ۾، عام مسلمانن توڙي ھندن کي ڪي سخت ھدايتون ڏنيون ويون ھيون، جن سان ھر ڪو سھمت ڪونہ ھو.

 ”عمال و کار پردزاں حال و استقبال متعلقہ این جانب بدانند کہ حسب مرقوم جناب مخدوم محمد ہاشم در باب اجرا و ترویج، مقدمات اسلام و منع ماتم و تابوت وغیرہ بدعات ایام عاشورا و منع شُرب جمیع مسکرات و قمار بازی ولولی بازی و زنان فاحشات و مخنثین و منع رفتن زنان مسلمین در مقابر و کوہستان و باغات و منع زنان مردان از نیاحت در وقت تعزیت و منع مصورین از صور ذوالارواح و منع ہنود از ہرنہ کردن رانوھا در بازار و کوچھا و دکانھا و منع مسلمین از گرفتن لحیہ قبل القبضہ روکشیدن خط ریش و گذاشتن سبلت۔ و منع ھنود از ھولی و ‎ِبھگت و سرود مزامیر و دھول نواقیس و سجدہ پیش اصنام و پیش دریا بطریق علانیہ زجر و توبیخ شدید نمودہ قدغن بلیغ نمایند کہ از رعایا متعرض و مرتکب حرمات و بدعات نشدہ متنبھہ گردد و نیز مسلمانان را در باب صلوٰت و صیام و دیگر عبادات مالیہ و جانیہ تاکید اکد بعمل آرند کہ احدی ارتکاب شرک آن نہ نمایند۔ درین باب تاکید اکید دانستہ حسب السطور بعمل آرند و باب بداھنت بر ذمہ خود دانستہ تخلف نہ ورزند۔“ (قناصرو ، 2009، ص : 110-112)

ترجمو: ’هن حڪومت جي سمورن عملدارن کي ھدايت ڪجي ٿي تہ ھُو مخدوم محمد ھاشم ٺٽويءَ جي شرعي فيصلن کي لاڳو ڪرڻ جي ڪوشش ڪن. عاشوري جي ڏينھن ماتم ۽ تابوت وغيرہ بدعتن کان ماڻهن کي جهلين. نشي آور شين جي واھپي ۽ وِڪري تي پابندي لڳائين. شرط لڳائڻ، جُوا کيڏڻ ۽ زنا ۽ کدڙن تي پابندي لڳائين. عورتن کي قبرن ۽ باغن ۾ وڃڻ کان جهلين. ماڻهن کي ڪنھن جي مرتئي تي روئڻ ۽ پار ڪڍڻ کان منع ڪن. ساھوارن جي تصويرن ٺاھڻ کان ماڻهن کي پري رکيو وڃي. ھندن کي چوٽي رکڻ، گوڏ پائڻ ۽ دڪانن تي گوڏا اگهاڙا ڪرڻ کان منع ڪئي وڃي. مسلمانن جي مُٺ جيتري ڏاڙهي رکڻ، سنوارت ۽ مُڇون رکڻ تي پابندي لڳائي وڃي. ھندن کي ھولي ۽ ڀڳتي ۾ سازسرود، شُرنائي، دُهل ۽ ناد وڄائڻ کان منع ڪئي وڃي. ھندن کي درياھ ۽ بُتن جي اڳيان سجدو ڪرڻ کان روڪيو وڃي. ڄاڻايل سمورن معاملن جي سلسلي ۾ سختيءَ سان عمل ڪرايو وڃي ۽ نافرماني ڪرڻ وارن کي اھڙيون سزائون ڏنيون وڃن جو ٻيھر رعيت مان ڪنھن کي بہ اھڙي ڪم ڪرڻ جي جرئت نہ ٿئي.‘

سخت ڪٽرپڻي جي ھن دور ۾ شاھ لطيف، مذھبي رَواداري، انسان دوستي، سک ۽ شانتيءَ جو پيغام ڏنو، اھو ئي اسلام جو پيغام آھي، جنھن کي مذھبي ڪٽرپڻي چيڀاٽي مٿئين فرمان جي شڪل ڏني. شاھ لطيف پنھنجي صوفياڻي نظرئي ’همہ اوست‘ جي حوالي سان ھن طرح جو فرمان جاري ڪرڻ وارن مفتين کي مخاطب ٿي چيو:

سَڀَت پچار پرينءَ جي، سَڀَتِ ھوت حضور،

مُلڪ مِڙوئي منصور، ڪُھي ڪُھندين ڪيترا؟

 (شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سھڻي، داستان 1، بيت 2، ص: 265)

روزا ۽ نَمازُون، اِيءُ پُڻ چَڱو ڪَمُ

اُو ڪو ٻيو فَھَمُ، جِنہِ ۾ پَسڻُ پِرينءَ کي.

(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (2009ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر آسا، داستان 1، بيت 16، ص: 332)

ان رَوش کي آڏو رکي، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، ’سنڌ جي تاريخ جا وکريل ورق‘ ۾ لکي ٿو تہ: ”مخدوم محمد ھاشم ٺٽويءَ جي سختيءَ سبب مسلمانن توڙي ھندن جي رهڻي ڪھڻيءَ ۾ ڦيرو آيو ۽ منجهن ويڇا وڌيا، سنڌي تهذيب ميٽجڻ لڳي ۽ ھڪ مذھبي ڪٽرپڻي وارو وايومنڊل اُسريو. مخدوم صاحب حڪمرانن تي زور ڀري، شريعت تي پابنديءَ سان عمل ڪرڻ جو ھڪ پروانو بہ جاري ڪرايو. ھن مذھبي ڪٽرپڻي جتي غير مسلم سنڌي ھندن کي ڏنڀيو، اتي ھن ديس جي درويشن ۽ صوفين کي بہ بخش نہ ڪيو. صوفي شاھ عنايت ۽ کُھڙن وارن بزرگن جا ناحق خون وھايا ويا ۽ سندن مريدن کي مارايو ويو.“ تاج جويي جي خيال مطابق، ھنن بزرگن کي مارائڻ ۾ مغل حاڪمن جو ھٿ ضرور ھو، پر سنڌ جي مذھبي عالمن کان ھنن کي تائيد ۽ فتوى ضرور وٺڻي پيئي. ان زماني ۾ اھڙا بہ بزرگ ھئا، جن جي فتويٰ وقت جا عالم، بنا ڪنھن اعتراض جي قبول ڪندا ھئا، جيئن مخدوم عبدالواحد سيوستاني، جنھن کي نعمان عثماني بہ سڏيو ويندو ھو.

 سندس شاگرد، رشيد محمد افضل، مخدوم عبدالواحد جي فتوائن کي ’بياض واحديءَ‘ جي نالي سان گڏ ڪري شايع ڪرايو. اھڙي وقت ۾، جڏهن جڙتو مذھبي ٺيڪيدار عالمن، مذھبن جي بنيادي وحدت ۽ دين فطرت جي قانونن کان اڻواقفيت سبب، پنھنجن خاص مسلڪن جي صداقت جي دعويٰ ڪري پنھنجا خيال ٻين تي زوريءَ مڙهڻ جي ڪوشش ڪن ۽ انسان ذات ۾ نفاق پيدا ڪرڻ جو ڪارڻ بڻجن تہ اھڙي وقت خدا جا نيڪ ٻانها ھادي ۽ رهبر بنجي سڌي واٽ ڏيکارين ٿا. اھڙيءَ طرح ٺٽو، ان زماني ۾ مذھبي ڇڙواڳيءَ جو اھم مرڪز رهيو. ان زماني ۾ مخدوم معين ٺٽوي، مخدوم عبدالرحمٰن کھڙن وارو، صوفي شاھ عنايت شھيد، حضرت خواجہ محمد زمان لنواريءَ وارو ۽ شاھ اسماعيل صوفي جيڪي شاھ لطيف جا ساٿي ۽ ھمعصر ھئا، تن جو مذھب ھڪڙو ۽ حڪمران طبقي جو مذھب ٻيو ھو.

 شاھ لطيف، اھڙي اڙانگي ۽ افراتفري واري دؤر ۾، پوري وايومنڊل جي ابتڙ، سچائيءَ ۽ حق جي طرف ھو، جنھن ۾ نہ انتھاپسندي ھئي ۽ نہ ئي تعصب پرستي يعني، شاھ لطيف جي سوچ جو محور، انسانن جي حرمت ۽ فطري آزادي ھو.

 ڪيھي ڪامَ ڪاپَڙِي ايھِيءَ رَوَسَ رَوَنِ،

نَڪا دِلِ دوزخَ ڏي نَڪِين بِھشِتُ گهُرَنِ،

 نَڪو ڪَمُ ڪُفارَ سِين، نَڪا مُسلمانِي مَنِ،

اُڀا اِيئن چَوَنِ، تہ پِرِين ڪِجاھُون پانھِنجو.

 (بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (2009ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر رامڪلي، داستان 3، بيت 14، ص: 319)

 شاھ جو رسالو، شاھ لطيف جي مذھبي رجحان، انسان دوستي، مذھبي رواداري ۽ عقيدي جو ھڪ کليل ثبوت آھي. شاھ لطيف جو ڪلام پيار ۽ امن جو پيغام ڏئي ٿو ۽ سڄي عالم جي سک ۽ سُڪار لاءِ دعاگو آھي.

 شاھ لطيف شريعت جو پورو پابند ھو، تڏهن بہ مذھب ۾ زور زبردستي جو قائل ڪونہ ھو. مرزا قليچ بيگ لکيو آھي تہ: ”شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جو مذھب تہ ھڪڙو عجائب اسرار ھو، سڀ ڪنھن جي سمجھ ۾ نہ ايندو ھو. منجهس درويشي ۽ مسلماني گڏي پئي ھوندي ھئي. اھڙي ھلت ڪندو ھو، جو سڀڪنھن کي وڻندي ھئي، جو ٻنهي جي حد ڪين ڀڃيندو ھو. ھڪڙي ڀيري پڇيائونس تہ، سُني آھين ڪي شيعو؟ جواب ڏنائين تہ، ”آءٌ ٻنهيءَ جي وچ ۾ آھيان“، چيائونس تہ: ”انھن ٻنهي جي وچ ۾ تہ ڪي ڪين آھي.“ چيائين تہ: ”آھيان بہ اھو، ’ڪي ڪين‘“.(بيگ، 1987ع، ص: 61، 62)

ڊاڪٽر گربخشاڻي، ’شاھ جي رسالي‘ جي مقدمي جي فصل نمبر ٽئين ۾، روايتن جي آڌار تي شاھ لطيف جي مذھب بابت ھن ريت تحرير ڪري ٿو تہ: ”شاھ عبداللطيف، پنھنجي ابن ڏاڏن وانگر سني مذھب جو ھو، مگر ڪن ڳالهين ۾ سندس روش شيعن جھڙي بہ ھئي.“(گربخشاڻي، 1993ع، ص: 42)

 اھڙيءَ ريت، ماڻهن کي پنھنجي پنھنجي مسلڪ تي قائم رهندي، قلب جي صفائي ۽ نفس تي ضبط جي تلقين پڻ ڪئي اٿس. جيئن تہ شاھ لطيف جنھن گهراڻي سان تعلق رکندو ھو، اھو صوفي گهراڻو ھو، ان ڪري شاھ لطيف جو مذھب بہ صوفياڻو ھو، مگر ھو تارڪ الدنيا صوفي نہ ھو، نہ ئي وري مذھبي اعتبار کان متعصب رنگ جو سخت ماڻهو ھو ۽ نہ ئي وري سندس روش ديني ڪمن کان لا تعلقي جھڙي ھئي.

 مطلب تہ مسلمانن ۾ فرقن جي ويڙهه تہ پري، پر شاھ لطيف ٻين مذھبن جي مڃيندڙن سان پڻ رليو مليو رهندو ھو. انهيءَ جو واضح ثبوت مدن ڀڳت سان سندس دوستي ۽ جوڳين سان گڏجي ڪي سال سفر ۽ ياترائون ڪرڻ آھي.

 مطلب تہ شاھ لطيف ھر رنگ ۾، ڪنھن بہ روپ ۾ حق ۽ سچ جو ڳولهائو ھو. سندس سوچ مطابق مذھب ۾ زبردستي اصل روا نہ ھئي. خوشي ۽ آزادي ھن سڀ ڪنھن لاءِ لازمي ڄاتي. ھڪڙي ڀيري، متعلوي سيدن مان شھمير شاھ نالي ھڪ شخص، ڪنھن واڻئي کي زوري مسلمان ٿي ڪيو. واڻيو ويچارو رڙيون ڪرڻ لڳو، شاھ لطيف اتان اچي لنگهيو. لڙي ڏسي تہ خلق واڻئي کي ورايو بيٺي آھي. چيائون تہ مسلمان ٿا ڪنس، تڏهن شاھ لطيف کي قياس آيو ۽ مٺيان بہ لڳس. شھمير شاھ کي اچي چيائين تہ: ”هي ڇا؟ ڪنھن کي موچڙن سان بہ دين تي آڻبو آھي ڇا؟“ ايئن چئي واڻئي کي گوڙ مان ٻاھر ڪڍيائين. اھا شاھ لطيف جي مذھبي رواداري ھئي، جو مسلمان تہ مسلمان، پر ھندو بہ سندس عظمت جا قائل ھئا. اھو ئي سبب آھي، جو ننڍي کنڊ جي ورھاڱيءَ کان پوءِ، سنڌ جا ھندو، پنھنجو ديس ڇڏي ھليا ويا، پر ايترن سالن جي گذرڻ باوجود اڄ بہ، ھنن جي دل ۾ شاھ لطيف جي ياد ۽ عقيدت ساڳي ئي آھي. شاھ جي رسالي جي اشاعت ۽ شاھ جي فڪر جو پرچار اُتي بہ سنڌ وانگر جاري آھي، ڪيترائي ڪتاب لکيا ويا آھن ۽ پي. ايڇ. ڊي جون ٿيسزون تيار ڪيون ويون آھن.

 اِنَ پَرِ نہ اِيمانُ، جيئن ڪَلمِي گو ڪوٺائِييٖن،

دَغا تنھنجي دل ۾، شِرڪُ ۽ شَيطانُ،

 مُنھن ۾ مُسَلمانُ، اَندَرِ آذَرُ آھِييٖن.

 (شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر آسا، داستان 4، بيت 14، ص: 723)

 شاھ لطيف جي دؤر ۾ سنڌ جون سياسي حالتون:      

سنڌ ۾، شاھ لطيف جي ولادت وارو اھو زمانو ھو، جڏهن مغل شھنشاھيت زوال طرف وڌي رهي ھئي، ۽ سنڌ ۾ مڪاني ڪلهوڙن جو ھڪ قبيلو، پيري مريديءَ جي ذريعي، سياست طرف وڌي رهيو ھو. انهيءَ قبيلي جو سياسي بنياد رکندڙ ميان آدمشاھ ڪلهوڙو (1520ع-1600ع) ھو.

 انهن ڏينھن ۾، مرزا عبدالرحيم خان خانان، ٺٽي ڏانھن مرزا جاني بيگ سان جنگ ڪرڻ پئي ويو ۽ ڏس ملڻ تي ميان آدمشاھ کان دعا گهرڻ آيو. ان موقعي تي مرزا عبدالرحيم خان خانان، چانڊڪي جي زرخيز زمين ھن جي حوالي ڪئي. جنھن ڪري آدم شاھ ۽ سندس مريدن جو نالو وڌڻ لڳو. ان کان پوءِ، سندس پوين بہ زمينداريءَ ۽ پيري مريديءَ جي ڪري ڏاڍو نالو ڪمايو. ھنن پنھنجا ڪيئي ڳوٺ، بکر ۽ ٺٽي جا مغل نواب ۽ سندن حامي زميندار ۽ عامل، ھنن کي وڏيون تڪليفون ڏيندا رهيا، پر ھنن، سنڌ جي ڪيترن ئي پرڳڻن تي پنھنجو قبضو ڄمائي ورتو.

1707ع ۾، اورنگزيب عالمگير جي وفات کان پوءِ، مغل سلطنت تڪڙو تڪڙو زوال ڏانھن وڌڻ لڳي، ۽ ڪيئي حڪمران آيا ۽ ويا. ھن سياسي ڦيرڦار جو، ملڪي سماج تي اھڙو ئي اثر پيو جھڙو سورهين صديءَ ۾، ارغونن جي ڪاھ وقت سما خاندان تي پيو ھو.

 سما دؤر جي حڪمران، ڄام نندي جي قائم ڪيل اعليٰ اصولن تي ھلندڙ ملڪ سنڌ کي، سندس پُٽن ڄام فيروزالدين ۽ ڄام صلاح الدين، ھڪٻئي سان جهيڙو جوٽي، سنڌ جي بهادر فرزند دولهه دريا خان کي درٻار مان ڪڍي، سندس جاءِ تي مير ڪيبڪ ارغون کي جاگيرون ۽ خلعتون ڏيئي، درٻار ۾ مٿانھون منصب سونپيو، جنھن نيٺ سنڌ سان دوکو، سازش ۽ غداري ڪئي، جنھن ڪري ھتي جا رهواسي، غلاميءَ کان بچي نہ سگهيا. سنڌ ورھائي ٽڪرا ٽڪرا ڪئي وئي، زرخيز زمينن جي آمدنيءَ کي ڌارين طرفان لٽيو ويو.

1591ع ۾، جڏهن سنڌ کي، سڌيءَ طرح مغل شھنشاھيت ۾ داخل ڪيو ويو، تہ سنڌ جي ماڻهن تي ظلم جي انتھا ٿي وئي. شاھجھان جي دؤر ۾، سنڌ جي سيوھڻ سرڪار جون واڳون ان وقت جي نواب، احمد بيگ جي سفاڪ ۽ بي رحم ڀاءُ، مرزا يوسف جي حوالي ھيون، جنھن جي بي رحميءَ جو داستان ’تاريخ مظھر شاھجھاني‘ جھڙن تاريخي ڪتابن ۽ ’پڙاڏو سوئي سڏ‘ جھڙن نيم تاريخي ناولن ۾ بيان ٿيل آھي. انهيءَ دؤر ۾، ميان نصير محمد جي پُٽ، ميان دين محمد ڪلهوڙي، اورنگزيب جي پُٽ، معزالدين جي مقرر ڪيل نوابن سان، ڪيترن ئي ھنڌن تي سخت مقابلو ڪيو، پر آخرڪار 1700ع ۾، کيس شھيد ڪيو ويو.

سنڌ جا صوفي بزرگ ۽ عالم، ان عظيم تحريڪ جا اکين ڏٺا شاھد ھئا. جڏهن شاھ لطيف جي عمر ٻاويھه سال ھئي، تڏهن سنڌ ۾ ڪلهوڙن پنھنجي حڪومت جو جهنڊو کڙو ڪيو.

ميان يار محمد ڪلهوڙو، ھڪ ھٿ ۾ ڏنڊو تہ ٻئي ھٿ ۾ تلوار کڻي، سنڌ جا پرڳڻا، مغلن کان آزاد ڪرائيندو ويو، تان جو 1711ع ۾، مغل نوابن ھن کي پھريائين سبي ۽ ڍاڍر جو انتظام ۽ ان کان پوءِ بکر ۽ سيوھڻ جا سڀ علائقا حوالي ڪري، کيس ’خدا يار خان‘ جو لقب ڏنو. ان وقت سنڌ جو عوام، مغل حڪمرانن جي سفاڪ نوابن جي دل ڏاريندڙ حرڪتن، اشرافن جي ذلتن جي داستانن ۽ تباھ ٿيل معيشت ۾ وڪوڙيل ھو. ان سڄيءَ صورتحال کي منھن ڏيڻ ۽ ڌارين کان آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ، سنڌي ماڻهن ۾ اجتماعي شعور اُڀري رهيو ھو، جنھن کي شاھ لطيف اُڀاري ۽ وڌائي رهيو ھو. شاھ لطيف آڏو ٻہ وڏا مسئلا ھئا. ھڪ تہ ميانوال تحريڪ ۽ جاگيرداريءَ واري وڌندڙ رجحان سنڌ جي قبيلن کي پاڻ ۾ ئي ويڙهائي ڇڏيو. سما سومرن، ابڙا اُنڙن، چانڊيا مگسين سان ھميشه ويڙهاند واري صورتحال ۾ ھوندا ھئا. ٻيو تہ ھر ايندڙ ارغوني (مغل) حڪمران سنڌ کي انتظامي طور ٽڪرن ۾ ورھائي ڇڏيو ھو. ان لاءِ ھڪ طرف قومي وحدت ۽ ٻئي فڪري جدت جھڙن جذبن کي عملي طور جهر جهنگ ڦھلائي رهيو ھو.

 سندس شاعري، ان وقت جي حالتن ۾ پيدا ٿيل قومي شعور جي ترجمان آھي، ڇاڪاڻ تہ اُھا ھر دؤر جي ماڻهن جي فڪري ۽ علمي ڏاھپ جو داستان آھي.

 شاھ لطيف رڳو شاعر نہ ھو، ھو ھڪ غير معمولي مفڪر ھو. شاعري سندس مقصد نہ پر ھن جي اظھار جو حسناڪ ذريعو ھئي. ھن جي اندر ۾ حسن ايترو ھو ۽ ھن جي ٻولي فن جي انهن بلندين تي پھتل ھئي، جتي ھُو پنھنجا اھڙا عظيم خيال فقط اھڙي ئي حسناڪ انداز سان پيش ڪري ٿي سگهيو. ان کان گهٽ حُسناڪي، فن جي بلندي ۽ اظھار جي جماليات ھن جي وَسَ ۾ ئي نہ ھئي ۽ نہ ئي ھن جي شعور جي شانَ وٽان ھئي.

 جانِبَ تُون جيڏو، آھِين شانَ شَعورَ سين،

مون تي ڪَرِ، منھنجا پِرِين! توھُه تُسِي تيڏو،

اِيءُ ڪامِلَ! ڪَمُ ڪيڏو! جيئن نَوازِيمِ نِگاھَه سين.

 (شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر بروو سنڌي، داستان 2، بيت 1، ص: 767)

 شاھ لطيف، انساني تاريخ جو ھڪ يگانو شاعر، مفڪر ۽ ڏاھو ڏاتار ھو، جنھن جي شاعري، خيال، تفڪر، ٻولي ۽ فن جو ھڪ غير معمولي تخليقي معجزو آھي. کيس سندس ئي لفظن ۾ ارپي سگهجي ٿو.

ڪوڙين ڪايائُون تنھنجيُون، لِکَنِ لَکَ ھزارَ،

 جِيءُ سڀڪِہ جِيَ سين، دَرسَنُ ڌارو ڌارَ،

پِريَمِ، تُھجا پارَ، ڪِھڙا چئِي ڪِي چُئان.

(گربخشاڻي، ھوتچند مولچند، ڊاڪٽر، (1985ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪلياڻ، داستان 1، بيت 21، ص: 85)

”لطيف کي خبر ھئي تہ ھن زماني جا عام مروج خيال، تصور، قدر ۽ انساني رويا توڙي مفاد تہ لوڻ جي کاڻ آھن، پنھنجي دؤر جي تصورن ۽ روين توڙي آئيڊيلز جو ڳيجهو زماني ۾ ڇا ڪندو؟ ڪيترو ادراڪ رکندو ۽ اڳتي ويندو؟ ھو پنھنجي دؤر جي جھالتن، عقيدن، فرسودہ تصورن، خسيس روين ۽ رواجي مفادن جو مَڄُو ۽ انهن آڏو سِرنِگون ھوندو. ان ڪري ئي لطيف زماني جي مروج فرسودہ دستور کان اُلٽي اک ڌارڻ ۽ لھواري لوڪ آڏو اوچو ۽ ابتو ھلڻ جي ڳالهہ ڪري ٿو، پر اھو سڀ ايئن تہ ڪونہ ٿيندو؟... ان لاءِ تياڳ گهرجي، دنيا کان نہ دنيا جي مروج فرسودہ دستور کان ۽ اھو سڀ عشق کان سواءِ ممڪن ناھي. سڌڙيا اھو منصب نہ ڪڏهن ماڻي سگهيا ۽ نہ ماڻي سگهندا. لطيف اھا مامَ پروڙي ان مقام کي رسڻ جو راز بہ ٻڌائي ٿو. ھو چوي ٿو:

 پھرين ڪاتي پاءِ، پُڇج پوءِ پريتڻو،

ڏُک پريان جي ڏيلَ ۾، واڄٽَ جيئن وَڄاءِ،

سيخن ماھُه پچاءِ، جي نالو ڳيڙءِ نينھن جو.

دنيا جو ڪو بہ غير معمولي ڪم عشق کان سواءِ ممڪن ناھي. شعبو ڪھڙو بہ ھجي، ادب، فن، سياست، سائنس، مصوري، موسيقي، ايجادون، قربانيون، ھي سڀ عشق جو جھان آھي، تڏهن ئي تہ فلسفين کي ڏاھپ جا عاشق چئبو آھي. ھي تہ ان کان بہ اڳئين منزل جو ماڻهو آھي، جو لطيف وٽ رڳو ڏاھپ سان محبت ناھي، پر زندگيءَ تي ڏاھپ جو اطلاق آھي. سراپا ڏاھپ جو مجسمو ٿيڻ جو سوال آھي. ان ڪري ھن جو درجو عام فلسفين کان بہ ان مخصوص معنيٰ ۾ مٿي آھي، ھيگل، مارڪس ۽ اينجلز جھڙا ماڻهو ھن جا ھم منصب آھن، جيڪي ڏاھپ کي منزل نہ ٿا سمجهن، پر ڏاھپ کي ذريعو ۽ پنڌ سمجهن ٿا. شاھ لطيف وٽ ڪائنات، فطرت، زندگي ۽ خيال ۽ گهري احساس ۽ ادراڪ جي وحدت آھي. ھن جا ڪردار بظاھر مختلف آھن، سندن ماحول، محرڪ ۽ حالتون مختلف آھن.“ (چانڊيو، (2016ع)، ص: 27) انهيءَ سوچ ۽ فڪر کي شاھ لطيف پنھنجي شاعريءَ وسيلي عام ماڻهن تائين پھچايو آھي.

 1718ع ۾، جهوڪ وارو قومي سانحو پيش آيو، جنھن ۾ صوفي شاھ عنايت جي شھادت ٿي. ھن واقعي، وقت جي ڪيترن ئي بزرگن کي ڏاڍو ڏکايو ۽ ان وقت جي حڪمران قبيلي، ڪلهوڙا خاندان جي خلاف، عوام ۾ نفرت پکيڙي ڇڏي. اھڙيءَ ريت سنڌ ۾ مغل سلطنت جي ڪرندڙ عمارت ڪرندي ڪرندي بہ سنڌ جي آزاديءَ لاءِ وڙهندڙ ٻن مرڪزن (ڪلهوڙن ۽ شاھ عنايت) کي پاڻ ۾ ٽڪرائي وئي.

سڄڻ ۽ ساڻيھ، ڪنھن اڻاسي وسري!

 اھي لفظ فقط شاھ لطيف ئي چئي سگهي ٿو. سنڌ جو سمورو سياسي فڪر، ڪالهہ، اڄ ۽ سڀان جي سموري سياست انهن لفظن سان واڳايل آھي. اھي ٽي لفظ آھن، جيڪي شاھ کي سنڌ جو اھڃاڻ بڻائي چڪا آھن... بظاھر انهن ۾ فلسفي جا ڪي عميق نقطا سمايل بہ ڪينھن، نڪي منجهن ڪا سياست ٿي بکي. انهن ۾ ڪا سنئين سڌيSindhi Chauvinism بہ ڪانهي... نہ انهن ۾ ڪا مارڪسزم ڀريل آھي... پر انهيءَ جي باوجود اھا سٽ سنڌ جي سموري سياسي فڪر جو نچوڙ آھي، جيڪو موھن جي دڙي واري وقت کان اڄ تائين سنڌين جي رهبري ڪندو آيو آھي. فلسفو اھو ئي طاقتور ٿيندو آھي، جيڪو عام انسانن جي دلين ۾ گهر ڪري وڃي، سندن دلين جي ڌڪ ڌڪ سان گڏ ڌڙڪندو رهي ۽ زمان ۽ مڪان کان ماوُرا ھجي، جيڪو نسورو سچ نڪورو سچ ھجي، ۽ جيڪو وقت گذرڻ سان وڌيڪ پختو، وڌيڪ اٽل ٿيندو وڃي. بقول ڀٽائيءَ جي ’پئي پراڻو نہ ٿئي‘، جيڪو انسان جي روح جي اوسر جو حصو بڻجي وڃي ۽ چتاءُ ڏي تہ:

 وَڳرَ ۾ وائي، ڪالهہ تنھنجي ڪونجڙي،

سَرَ ۾ سارينئي گهڻو، ڀينر ۽ ڀائي،

پسين نہ ڦاھي، جا ماريءَ سندي مَنَ ۾!

۽ اھڃاڻ بہ ڏئي تہ:

 بَغَل منجهه بندوقَ، ماريءَ ميرا ڪپڙا،

ماريو مير ملوڪ، لتاڙيو لَڪَ چڙهي!

 اھو آھي ڀٽائيءَ جو سياسي فڪر، اھو آھي ھن جو اسان لاءِ ڇڏيل ورثو! اسان اُن مان ڇا پرايو آھي، سو بہ اوھان جي، منھنجي سامھون آھي. لطيف جو اھو مثلث، اھو ٽہ – پاسو سنيھو جيترو ڪالهه سچو ھو، اوترو ئي اڄ سچو آھي. ڪالهه بہ Relevant ھو، اڄ بہ Relevant آھي. اڄ وري سنڌ، سنڌي ماڻهن ۽ سنڌي ٻولي کي ياد ڪرڻ جي سئن ھڻڻ جو وقت آھي نہ تہ تاريخ ۾ اسين اڻاسا سڏباسون. ھميشه لاءِ گونگا ٿي وينداسون. شل نہ ڀٽائي جو ھي پاراتو اسان جو نصيب بڻجي:

ڇَنل ڇَڄَ ھٿن ۾، ڪُلھن ڪوڏارا،

 پورهئي خاطر پانھنجي، اُٿين سَوارا،

اوڏ تہ ويچارا، لاکا! وڃن لڏيو!

۽ اھا حيثيت حاصل ڪري، جنھن لاءِ ڀٽ ڌڻي پاڻ اھڃاڻ ڏئي تہ:

 ڳالهيون پيٽ وَرن ۾، وڌي وڻ ٿيون!

اسان سنڌين لاءِ اھو ئي فلسفو آھي، اھا ئي سياست آھي، اھو ئي آئين آھي، جنھن ۾ ڪنھن بہ ارڙهين ترميم جي نہ ڪنھن کي مجال آھي، نہ گنجائش. اچو تہ انهن لفظن تي ٿورو غور ڪريون تہ ڇو ۽ ڪيئن شاھ جو اھو بيت اسان جو سياسي فڪر بڻيو آھي.

 لطيف، سنڌ جي تاريخ جي اُن دور ۾ ڄائو، نپنو ۽ جواني ماڻيائين، جڏهن سنڌ وڏن ڏولاون ۾ ھئي. ارغونن ۽ مغلن جي باھوڙ مان سنڌين مَس مَس وڃي جند آزاد ڪرائي ھئي، ۽ ان آزاديءَ لاءِ رت جي سمنڊ کي پار ڪري آيا ھئا. ڪلهوڙن جي حڪومت جو دور ائين چئجي تہ نيم آزادي، نيم غلامي جو دور ھو. سنڌ آزادي ھوندي بہ، پنھنجن جي حڪومت ھوندي بہ، مغل شھنشاھت جي وفاق (Federation) ۾ واڳيل ۽ جوٽيل ھئي.“ (ابڙو، آفتاب، 2005ع، ص: 141-142)

 شاھ عنايت جي شھادت وقت شاھ لطيف ڪوٽڙيءَ ۾ ھو. شاھ لطيف کي ان جو سخت صدمو پھتو، جنھن جو ذڪر شاھ لطيف تمثيلي طور سُر ڪلياڻ، سُر رامڪلي ۽ سُرکاھوڙيءَ ۾ ڪيو آھي:

اَڄُ نَه اوطاقُنِ ۾، سَندِي جوڳين ذاتِ،

ساري سَناسِين کي، رُنُم سارِي راتِ،

مُون تَنَ جَنِين جي تاتِ، سي لاھُوتِي لڏي وِيا.

 (شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُررامڪلي، داستان 8، بيت 10، ص: 815)

 ان کان پوءِ، ننڍو کنڊ، ڇڙواڳيءَ ۽ انڌيرنگريءَ جي لپيٽ ۾ اچي ويو. سنڌ، حڪومت جي مرڪز کان گهڻو پري ھئي؛ ٺٽي جا مغل نواب جيڪي ٽن يا پنج ھزاري رتبي جا ھئا، بيوس ٿي پيا. ڪلهوڙن جي فوجي قوت، ٽالپر سپاھين جي ڪري مضبوط ٿي چڪي ھئي، بعد ۾ مغل سرڪار پنھنجي رضامنديءَ سان، سن 1736ع ۾ بکر، سيوھڻ ۽ ٺٽي جا پرڳڻا، ميان نور محمد ڪلهوڙي جي حوالي ڪيا. شاھ لطيف، ان دؤر ۾ پنھنجو گهڻو وقت سفر، مشاھدي، الھامي علم، رياضت، عبادت، ۽ شعر گوئي ۾ گذاري رهيو ھو. سندس سمورو ڌيان علم، رياضت ۽ خدمت خلق ڏانھن ھو. شاھ لطيف پنھنجي اٺيتاليھه سالن جي عمر ۾، گڏيل سنڌ جو ٻہ صديون پراڻو خواب عمل ۾ ايندي ڏٺو، پر جلد ئي يعني ٻن سالن جي اندر نادرشاھ سڄي ھندستان کي تاراج ڪري، کانئن ’طائوسي تخت‘ ڦُري، سنڌو نديءَ جي اولھندي ڪناري وارا ملڪ پنھنجي قبضي ھيٺ رکيا. ميان نور محمد ڪلهوڙي ساليانو ويھه لک رُپيا، ايراني فاتح کي ڍل ڏيڻ منظور ڪئي.

نادر شاھ جي قتل کان پوءِ، احمد شاھ ابداليءَ (جيڪو قنڌار کان سنڌ ۾ آيو ھو) ڍل وٺڻ شروع ڪئي.

ان کان پوءِ ڪلهوڙن پنھنجن مريدن جي جماعت جي زور تي حڪومت قائم ڪري ورتي. انهيءَ ڪري ڪلهوڙا خاندان کي ھميشه پنھنجي ملڪ ۾، ڪنھن بہ پير ۽ فقير جي طاقت ۾ اچڻ کان ڊپ رهندو ھو. انجي اُبتڙ، شاھ لطيف جي پنھنجي ٻاجهاري طبيعت جي ڪري خلقخدا ڏانهس ڇڪجي آئي. سندس ايتري عزت ۽ اھميت ڏسي، حاڪمن جي دلين ۾ حسد پيدا ٿيو ۽ ساڳي ڪار ڪلهوڙا حڪمران ميان نورمحمد ڪلهوڙي سان بہ ٿي. ان حوالي سان ڪيترا ئي واقعا مشھور آھن، جن مان ڪن جو ذڪر ھن جلد ۾ موجود آھي.

 شاھ لطيف جي دؤر ۾ سنڌ جون علمي حالتون:        

 اھا ھڪ حيران ڪندڙ ڳالهہ آھي، تہ سنڌ جي ڪيترن ئي عالمن پاران سنڌي ٻوليءَ جو سنسڪرت يا پراڪرت ۽ ان دؤر جي ٻين ٻولين سان زوري واسطو ڳنڍيو ويو، تہ ڪڏهن وري اُن کي عربي ۽ فارسيءَ جي ھيٺ رکڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، تہ ڪڏهن وري ڌارين حڪمرانن جي سياسي مفاد خاطر سرڪاري برتريءَ جي مفروضن ھيٺان دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. ڪڏهن وري عوامي سنڌي ٻوليءَ کي ڪنھن جڙتو علمي ادبي معيار تي رکي، ان کي اڻسڌريل ٻوليءَ جي حيثيت ڏيندي، ان جي پنھنجي سرزمين تي ان کي جائز مقام کان محروم رکڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. نتيجي ۾ اھا ٻولي علمي مقام حاصل ڪرڻ ۾ پٺتي رهجي وئي. ھن سلسلي ۾ محققن ۽ مؤرخن جو خيال آھي تہ، مياننورمحمدڪلهوڙي، ڪيترين ئي خامين ھوندي بہ، چاليھن سالن جي ڪوشش سان، ملڪ اندر ھڪ اھڙي اتحاد جو پايو وڌو ھو، جيڪو وقت جي ضرورت ھو. سنڌ جي ترقيءَ لاءِ ٿورا گهڻا قدم بہ کنيا ھئائين، ۽ ماڻهن ۾ ٿوري گهڻي خوشحاليءَ جا آثار پيدا ٿيا ھئا. سنڌ جي ان وحدت ۾، نادرشاھ، احمد شاھ ابدالي ۽ مدد خان پٺاڻ جي حملن ھڪ ڀيرو وري ڏار وجهي ڇڏيا، پر ان جي نتيجي ۾، ڌارين تهذيب ۽ ثقافت، فارسي ٻوليءَ بدران، پنھنجي تهذيب، ٻولي ۽ ادب سان چاھ وڌيو، قومي شعور ۾ واڌارو ٿيو. اھو ئي دؤر ھو، جنھن ۾ شاھ لطيف پيدا ٿيو ھو، جنھن قومي شعور کي پختي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، قومي فڪر کي زندھه رکيو. سنڌ ۾ مغلن جي حڪومت جي خاتمي کان پوءِ، ڪلهوڙا خاندان جو دؤر شروع ٿيو، جيڪو خود شاھ لطيف جو دؤر ھو. ڪلهوڙا، مڪاني ماڻهو ھئا، سنڌي قبيلي ھوندي بہ سندن دؤر ۾ فارسي زبان سرڪاري دفتري زبان کان ويندي، مدرسن تائين قائم رهي ۽ ساڳئيءَ حيثيت ۾ رهڻ ڪري، ھڪ طرف شاھوڪارن لاءِ ’فارسي گهوڙي چاڙهسي‘ ۽ غريبن لاءِ ’پڙهيو پارسي وڪڻي تيل ڏسو زماني جو کيل‘جھڙا پھاڪا عام ٿيا. شاھلطيف ان سڄي صورتحال جو ذڪر ھن ريت ڪيو آھي:

 جي فارسي سِکيو، گولو، توءِ غُلامُ،

جو ٻَڌو ٻِنِ ڳالهييٖن، سو ڪيئن چائي ڄامُ؟

اُڃو تان آبُ گُهري، بُکِيو تان طَعامُ،

اِيءُ عَامِيَنِ سَندو عامُ، خاصَنِ منجهان نہ ٿِئي.

 (شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر آسا، داستان 4، بيت 23، ص: 725)

ڪلهوڙن جي دؤر ۾، لکڻ ۽ پڙهڻ/پڙهائڻ جو سڄو ڪم عربي ۽ فارسيءَ ۾ ٿيندو ھو. جيتوڻيڪ فارسي زبان، ارغون، ترخان ۽ مغل دؤر ۾ مڪمل طرح، سنڌيءَ ۽ عربيءَ تي تدريسي طور حاوي رهي، پر ڪلهوڙن جي دؤر ۾، فارسيءَ جي ڀيٽ ۾ عربي ٻوليءَ ۾ وڌيڪ ڪتاب لکيا ويا. ان جا ٻيا ڪھڙا بہ ڪارڻ ھجن، پر سڀ کان وڏو سبب اھو ھو تہ عالمن ۽ فاضلن عربي زبان جي ديني لحاظ کان وڌيڪ اھميت ۽ افاديت محسوس ڪئي ۽ انهن عربيءَ سان گڏ سنڌيءَ ۾ پڻ ڪيترائي ڪتاب لکيا.

عربي ۽ فارسيءَ جي ھوندي، سنڌ جي عالمن جو ڌيان پنھنجيءَ مادري سنڌيءَ زبان طرف بہ گهڻو ھو. ’پارسي گهوڙي چاڙهسي‘ جي دؤر ۾ ئي لکڻ ۽ پڙهڻ جو ڪم، سنڌيءَ ۾ شروع ٿيو. انهيءَ سلسلي ۾، سنڌ جي عالمن مان مخدوم ابوالحسن، مخدوم عبدالله نري وارو، مخدوم محمد ھاشم ٺٽوي ۽ ٻين نمايان حصو ورتو. ان اٿل جا ڪيترائي ڪارڻ ھئا، پر وڏي کان وڏو سبب اھو ھو تہ عربي ٻولي اچارڻ عام ماڻهن لاءِ اوکي ھئي، تنھن ڪري دين جي تعليم ۽ دين جا اصول ۽ عقيدا، مادري ٻوليءَ ۾ سمجھائڻ وڌيڪ سولا ھئا. ھنن عالمن ھڪ مقصد کي اڳيان رکيو. انهن ان مقصد کان ھٽي، انهن موضوعن کي ڇھيو بہ ڪونہ، رڳو دين اسلام جي مسئلن جون ڳالهيون، پنھنجيءَ سنڌي نثر ۽ شاعريءَ ۾ ڪتب آنديون. انهيءَ ضرورت کي محسوس ڪندي، ھن دؤر ۾ مقدمة الصَلواة (ابوالحسن سنڌي)، مخدوم ضياءَالدين جي سنڌي وغيرہ جھڙا ڪتاب لکيا ويا.

مٿي جن عالمن سڳورن ۽ انهن جي ڪتابن جو ذڪر ڪيو ويو آھي، انهن ٻيا بہ ڪيترائي عربي ۽ فارسيءَ ۾ ڪتاب بہ لکيا. انهن عالمن کان سواءِ ٻيا بہ ڪيترائي وڏا وڏا دين جا عالم فاضل ٿي گذريا، جن جون سڄيون ڄمارون ڪتابن لکڻ، درسن ۽ فتوائن ڏيڻ ۾ گذريون. ميرعلي شير قانع، ڪيترن ئي عالمن، فاضلن ۽ درويشن جا احوال ’تحفةالڪرام‘، ’مڪالات الشعراء‘ ۽ ٻين ڪتابن ۾ درج ڪيا آھن، جن جي ڳاڻيٽي کي ڏسندي، خاطريءَ سان چئي سگهجي ٿو، تہ شاھ لطيف جي دؤر ۾ نہ صرف ٺٽو، سيوھڻ ۽ بکر علم ۽ ادب جو مرڪز ھئا، پر سڄي سنڌ، علم جي دولت سان مالا مال ھئي.

 شاھ لطيف جو دؤر، جتي ديھي ادب (نثر يا نظم) سان مالا مال ھو، اُتي ٻين صنفن تي پڻ لکيو ويو. جتي سنڌي شاعريءَ جي نج صنفن تي طبع آزمائي ٿي، اتي شاعريءَ جون ٻيون صنفون پڻ ملن ٿيون، جھڙوڪ: ڪافي، سينگار جي شاعري، ھنر جي شاعري بيت (فني لحاظ کان پختگي ماڻي) ڏور، واقعاتي بيت، جنگناما، مدح، مناجات، مناقبو، حمد، ٽيھ اکري، مولود، مداحون، غزل وغيرہ. مطلب تہ ڪلهوڙا دؤر، نثري ادب کان سواءِ سنڌي شاعريءَ جي ترقيءَ جو دؤر پڻ ھو. ان سونَهري دؤر ۾، سنڌي شاعري، ھر لحاظ کان وڌي ۽ ويجهي ۽ ترقيءَ جون منزلون طئي ڪري، بلند مقام تي پھتي. ھن دؤر ۾ شاھ لطيف جھڙو عظيم شاعر، پيدا ٿيو، جنھن سنڌي شاعريءَ کي فڪر جي گهرائي، وسعت ۽ فني پختگي بخشي.

 ھن دؤر ۾ سنڌي شاعريءَ ارتقا جون ڪافي منزلون پار ڪيون ۽ ڪيترين نئين صنفن جا پڪا پختا بنياد وڌا. شاعريءَ سان گڏ سنڌ جي تاريخ تي پڻ ڪافي لکيو ويو. مثلاً تحفةالڪرام، مقالات الشعراء، تاريخ عباسيه، تاريخ طاھري، لب تاريخ ڪلهوڙا، گلدستہ، نورس بھار (خطن جو مجموعو)، رفعات ۽ بدائع وقائع (مخلص) انشاءِ عطارِ (خطن جو مجموعو)، اُن دور جا، تاريخي لحاظ کان معلومات ڏيندڙ اھم ڪتاب آھن. ساڳي ريت سنڌ جي عشقيہ داستانن کي فارسيءَ ۾ منظوم ڪيو ويو. علمي ترجيحات جي لحاظ کان ڪلهوڙا دؤر يعني شاھ لطيف جي دؤر کي اڳئين دؤرن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ فضيلت حاصل آھي. فضيلت ۽ برتريءَ جو واضح ڪارڻ اھو آھي، تہ مغلن سنڌ تي اٽڪل سؤ سال حڪومت ڪئي، ۽ ھنن حاڪمن، ڌارين عالمن جي سنڌ جي عالمن کان علمي لحاظ ۾ وڌيڪ سرپرستي ڪئي، پر تنھن ھوندي بہ، انهن سَو سالن ۾، ٺٽي شھر ۾، ڇھانوي (96) ڪتاب لکيا ويا. ڪلهوڙن جو دور جيتوڻيڪ مغل دؤر کان گهٽ عرصو ھو ۽ کين خودمختياري پڻ نالي ماتر ھئي، تنھن ھوندي بہ ڪلهوڙا دؤر ۾ لکڻ ۽ پڙهڻ جو ڳاڻيٽو مغل دؤر کان وڌيڪ ھو، ۽ تمام گهڻا ڪتاب صرف ٺٽي شھر ۾ لکيا ويا، يعني ڪلهوڙا دؤر ۾، ٺٽي شھر اندر عربيءَ جا 166 ڪتاب، فارسيءَ جا 62 ڪتاب ۽ سنڌيءَ جا 12 ڪتاب ۽ ھڪ ڪتاب ھنديءَ ۾ تصنيف ٿيو. مٿيان سڀيئي ڪتاب، گهڻو ڪري مذھبي ھئا، پر ڏسڻ گهرجي تہ، ڪلهوڙا دؤر ۾ لکيل ڪتاب، ڪھڙي ڄاڻ ۽ فڪر پيش ڪن ٿا. (ڇاڪاڻ تہ ڪتاب ڪنھن نہ ڪنھن شعور/موضوع جو نمائندو ھوندو آھي.). ڪتابن جي مطالعي کان پوءِ ڏسجي ٿو تہ، اُھي ڪتاب، ٻن فڪري تضادن جا اھڃاڻ آھن. ائين بہ ڪونهي تہ ڪو اھو فڪر، سنڌ پرڳڻي تائين ئي محدود ھو، پر ان دؤر جي تاريخ جو اڀياس ٻڌائي ٿو تہ، ان وقت سنڌ تہ ڇا، پر سڄو ڏکڻ ايشيا، علمي ۽ فڪري لحاظ کان ٻن ٽولن ۾ ورھايل ھو. انهن مان ھڪڙا اُھي ديني عالم ھئا، جيڪي درسگاھن ۾ مذھب اندر شريعت (راسخ العقيدگي) جي پاڙن کي مضبوط ڪرڻ ۾ رڌل ھوندا ھئا.

مؤرخن جو چوڻ آھي تہ، سنڌ جي ھندن ۽ مسلمانن ۾ مذھبي ڇڪتاڻ ۽ تعصب ڏاڍو وڌي ويو. مخدوم محمد ھاشم ٺٽويءَ جي سخت گير پاليسي سنڌ اندر عالمن جو ھڪ اھڙو طبقو تيار ڪري ڇڏيو ھو، جنھن تبليغ اسلام لاءِ گهڻي حد تائين ڏاڍ وارو بلڪہ غير اسلامي انداز اختيار ڪيو ھو. جيڪڏھن ڪنھن غير مسلم جي واتان الله، محمدؐ ۽ رسول جو لفظ نڪرندو ھو، تہ ور ڏيئي ان کي حلقہ اسلام ۾ داخل ڪري يعني مروج محاوري مطابق ’مشرف بہ اسلام‘ ڪري پنھنجا تبليغي فرض بجا آڻيندا ھئا. انهيءَ جو لازمي نتيجو اھو نڪتو، جو سندن طور طريقي ۽ انهيءَ لفظي ڦند ۽ ڦير، غير مسلمانن کي ھول ۽ حراس ۾ وجهي ڇڏيو. اُنهن اھي نالا وٺڻ تہ پري رهيا، پنھنجو خير ۽ تحفظ ان ۾ سمجهيو، تہ مُرڳو اِھي لفظ ئي اچارڻ ڇڏي ڏين، جن مان خطري جو امڪان ھجي. انهيءَ پوري پس منظر جي، شاھ لطيف کي شعوري توڙي لاشعوري ڄاڻ ھئي، جنھن اُن ڀائپي واري فضا کي ٻيھر بحال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ اھڙن ظاھري فتني پرست مذھبي مولوين ۽ پنڊتن کي، سُر آسا ۽ سُر رامڪلي ۾ خوب ننديو آھي:

 جي ڀانئِين جوڳِي ٿيان، تہ طَمَعَ ڇَڏِ تَمامُ،

گولا جي گولنِ جا، تَنِ جو ٿِيءُ غِلامُ،

صَبُرَ جي شَمشِيرَ سِين، ڪَرِ ڪَينِي کي قَتلَامُ،

 تہ نانگا تُنھنجو نامُ، لِکِجي لاھُوتَ ۾.

(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (2009ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر رامڪلي، داستان 2، بيت 3، ص: 312)

ڪَنَ ڪَپائِين ڪاپَڙِي، اِيءُ زَنانو جَوڳُ،

سامِيءَ سُڃاڻڻ پئو، ھِڪَ دُئِي ٻئو دَوڳُ،

 جَنہِ وَڙَ، ڀانيو ڀوڳُ، رامَ تَنھِين کي رَيبِئو.

(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (2009ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر رامڪلي، داستان 2، بيت 24، ص: 315)

اِنَ پَرِ نہ اِيمانُ، جئن ڪَلِمي گو ڪوٺائيين،

دَغا تنھنجي دِلَ ۾، شِرڪَ ۽ شيطانُ،

 مُنہُ ۾ مُسلِمانُ، اَندرَ آزَرُ آھِيين.

 (بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (2009ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُرڪلياڻ، داستان 3، بيت 12، ص: 54)

ڪُوڙو تُون ڪُفرَ سين، ڪافِرُ مَ ڪوٺاءِ،

 ھِندُو ھَڏِ نہ آھِييٖن، جَڻِيو تو نَه جُڳاءِ،

تِلڪُ تَنِين کي لاءِ، سَچا جي شِرڪَ سين.

 (شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر آسا، داستان 4، بيت 15، ص: 723)

جيئن تہ شاھ لطيف، عالمن جي وحدت الوجودي نظريي سان لاڳاپيل ھو، جن جي پوري حياتي، انسانيت جي ڀلائيءَ ۽ انهن جي خدمت ڪرڻ ۾ صرف ٿي ھئي. سندن قلم ۽ تعليم، عام انسانن لاءِ وقف ٿيل ھئي. سندن دليون، آئيني وانگر اُجريون ۽ کير جھڙيون اڇيون ھيون. ھنن وٽ نہ ھو مذھبي متڀيد ۽ نہ ڪي وري ذات پات جو فرق. انسانيت ئي سندن مذھب ۽ مسلڪ ھو. تعصب ۽ منافقت کان سندن پلاند آجا ۽ اُجرا ھئا. شاھ لطيف ۽ ان جي ساٿارين، مخدوم معين ٺٽوي، ميان صاحب ڏني فاروقيءَ، شاھ عنايت شھيد، مخدوم محمد زمان لنواري وارو، روحل فقير ۽ ٻين عالمن ۽ صوفين جي تعليم، فلسفي ۽ پنھنجائپ واري سڀاءَ ڪري پيڙهيل طبقي جي ھندن ۽ مسلمانن جي وچ ۾، ھٿرادو ڪدورت ۽ نفرت جون ديوارون ڀُرڻ لڳيون ۽ خوف جا پاڇا ننڍا ٿيڻ لڳا ۽ اھوئي ڪارڻ ھو، جو سنڌ جي ڪيترن عالمن بنا ڪنھن زور ۽ زبردستيءَ جي، ھندن کي پنھنجو مريد بنايو ۽ شاھ لطيف جا پڻ ڪيترائي ھندو مريد ۽ دوست ھئا، ايستائين جو ھندن نہ صرف شاھ لطيف ۽ سنڌ جي ٻين صوفين جي ڪلام کي پنھنجو سمجهيو، پر سندن ڪلام تي پڻ وڌيڪ تحقيق ھندو عالمن ئي ڪئي.

مطلب تہ شاھ لطيف جي دؤر ۾، سنڌ جي ڪُنڊ ڪڙڇ ۾، تعليم جا نمايان مرڪز موجود ھئا، جتي وقت جا ماھر استاد، درس تدريس ۾ مشغول ھئا. ظاھر آھي تہ جتي مڪتب ۽ مدرسا ھئا، اتي لائق استاد ھئا، بھترين ڪُتب خانا ھئا ۽ علم ادب جي واڌاري لاءِ سازگار ماحول پڻ موجود ھو. ان پس منظر ۾، ڪلهوڙن جي دؤر ۾، سنڌ اندر مختلف ٻولين ۾ سوين ڪتاب لکيا ويا ۽ وڏي تعداد ۾ شاعر پيدا ٿيا. عربي، علمي ۽ ديني تعليم جي حوالي سان، اھميت رکندڙ ٻولي ھئي. فارسي ٻولي وقت جي سرڪاري زبان ھئي. لکپڙهه جو سمورو ڪم فارسي زبان ۾ ٿيندو ھو. ان ريت فارسيءَ کي سرڪاري سرپرستي حاصل ھئي. حاڪمن نہ رڳو فارسي عالمن جي مدد ڪئي، پر پاڻ بہ ھن زبان ۾ لکپڙهه ڪئي. سنڌي ٻولي، عوام جي ٻولي ھئي، خود حاڪمن جي ڳالهہ ٻولهہ جي زبان بہ سنڌي ھئي. اھڙيءَ ريت ڪلهوڙن جي دؤر ۾ پھريون ڀيرو سنڌي زبان وڏي پيماني تي لکڻ ۾ آئي ۽ عام ڪچھرين ۾ سگهڙن ۽ سپورنجن جي زبان بڻي. 

 شاھ لطيف جي دؤر ۾ سنڌ جون اقتصادي، سماجي ۽ ثقافتي حالتون:

 شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ، سنڌ ۾ ھڪ وڏي بحراني دؤر يعني سترهين صدي عيسويءَ ۾، اک کولي ۽ ان انتشار واري ماحول ۾ نپنو ۽ جوان ٿيو.

 ھڪ شاعر جي حيثيت ۾، پنھنجي دؤر ۾ ٿيندڙ واقعن توڙي سماجي، ثقافتي، سياسي، معاشي ۽ اقتصادي حالتن جي کيس پوري ڄاڻ ھئي. ان سان گڏ کيس اھا بہ خبر ھئي تہ سنڌي سماج جي تهذيب ۽ ثقافت اُسريل ۽ قديم ھئي.

 ڏهين صديءَ عيسويءَ کان وٺي 1520ع تائين اٽڪل سوا پنج سئو سال لاڳيتا، سنڌ جي رياست، سنڌ جي ماڻهن جي ھٿ ھيٺ رهي، جنھن ۾ ساڍا ٽي سئو ورهيہ سومرن ۽ پوڻا ٻہ سئو ورهيہ سمن جي حڪومت ھئي. اھو دؤر، سنڌي سماج جي اوج جو دؤر ھو. سنڌ جا لڳ ڀڳ سمورا تاريخي ۽ نيم تاريخي قصا، ھن ئي دؤر ۾ نسريا ۽ اُسريا. سنڌ جي تاريخ جو ھيءُ، غيرمعمولي قومي اھميت وارو دؤر، 1520ع ۾ ختم ٿيو. ان دؤر جي پڄاڻي تي سنڌ ارغونن، ازبڪن ۽ ترخانن جي حوالي ٿي. جن سنڌ جي ماڻهن جي عام ڪوس سان گڏوگڏ، کين اذيت ڀريون سزائون پڻ ڏنيون، جيئن مخدوم بلاول جھڙي مذھبي عالم کي جيئرو گهاڻي ۾ پيڙهائڻ ۽ مريد ڪٽاري جي کل لھرائڻ وغيرہ. 1699ع ۾ (جڏهن شاھ لطيف ڏهن سالن جو ھو)، ھڪ انگريز سياح، اليگزينڊر ھئملٽن ٺٽي پھتو. ھن ڏٺو تہ: ”اتي ھن جي پھچڻ کان اڳ، اسي ھزار ڪوري، پليگ وگهي مري چڪا ھئا.“ سنڌ جي حالتن جو ذڪر ڪندي ھو، وڌيڪ ٻڌائي ٿو تہ: ”عام رستي جي مسافري بنه خطري واري ھئي، ۽ ان جو عام طريقو ھيءَ ھو تہ، اُٺن جا قافلا ھلندا ھئا، جن سان ھڪ سؤ کان ٻہ سؤ کن گهوڙي سوار سپاھي حفاظت لاءِ ساڻ ھوندا ھئا.“(جويو، 1990ع، ص: 65)

1707ع ۾ جڏهن مغل شھنشاھ اورنگزيب عالمگير فوت ٿيو ۽ سندس موت سان گڏ سندس عالم گيريت بہ واءُ ٿي وئي، ان وقت شاھ لطيف جي عمر 18 سال ھئي. مغلن جي ’سنڌ ولايت‘ جا ٽي حصا، سيوي، بکر ۽ سيوھڻ، اڳي ئي مغل والار کان آجا ٿي چڪا ھئا، باقي ٺٽو اڃا مغل والار جي قبضي ھيٺ ھو. سنڌ جي نجات ۽ بحاليءَ جي تحريڪ جو ٻيو دائرو، ڏکڻ سنڌ (لاڙ) ھو، جنھن جو مرڪز ۽ روح، بٺوري ’پرڳڻي‘ جي جهوڪ (نصريہ ميران پور) جي لانگاھ قبيلي جا بزرگ ھئا. تاريخ ۾ ھن درويش خاندان جي پھريئن بزرگ جو ذڪر مخدوم صدو لانگاھ جي نالي سان ملي ٿو، جيڪو ميان آدم شاھ ڪلهوڙي جو ھمعصر ھو.

 تان ڪِي ساڻُنِ اورِ، جان ڪِي آھِنِ اوطاقُنِ ۾،

 ڏهَ ڏهَ ڀيرا ڏينھن ۾، پاڻُ مَٿائُنِ گهورِ،

 وِيا جي ھِنگِلورِ، تہ ڪَرَمِ مِلَندَءِ ڪاپَڙِي.

 )شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر رامڪلي، داستان 8، بيت 3، ص: 813(

 جهوڪ جي سانحي وقت (1718ع)، شاھ لطيف جي عمر 28 ورهيہ ھئي. (وڌيڪ ڏسو عنوان: صوفي شاھ عنايت شھيد واري تحريڪ، ص: 209) مطلب تہ مغلن جي پوئين دؤر ۾، ٺٽي جي نواب، ’نواب اعظم خان‘ جو اٽڪل چئن سالن (1718ع - 1715ع) جو عرصو اھل سنڌ وارن لاءِ ڏاڍو ڏکيو ھو. ھڪ تہ ملڪ ۾ سخت ڏڪار ھو، ٻيو تہ ڪيترن ئي انسان دوست بزرگن جي شھادت جا واقعا پيش آيا ھئا. اھڙيءَ ريت، سن 1733ع ۾، کھڙن جي مخدوم عبدالرحمان ۽ سندس 222 ساٿين جي شھادت جو واقعو ان جو مثال آھي. ان وقت شاھ لطيف جي عمر، لڳ ڀڳ 44 ورهيہ ھئي. (وڌيڪ ڏسو عنوان: مخدوم عبدالرحمان ’کھڙن واري‘ واري تحريڪ، ص: 211) ان کان علاوہ ٻيا بہ ڪيترائي واقعا پيش آيا. ھن ٻن سو سالن کان بہ مٿي، ڌارين جي غلاميءَ واري دؤر جا لڳ ڀڳ 47 سال، شاھ لطيف پاڻ، اکئين ڏٺا ھئا، ڇو تہ 1737ع ۾، مغلن جي آخري نواب صادق خان، ٺٽو، دھلي سرڪار کان مقاطعي تي ورتو ھو، پر خاص فائدو نہ ڏسي، اُن جون واڳون، ميان نور محمد ڪلهوڙي جي حوالي ڪيو ھئائين، ڇو تہ سيوھڻ، بکر ۽ سيوي اڳي ئي نور محمد ڪلهوڙي جي ھٿ ۾ اچي چڪا ھئا. (وڌيڪ ڏسو عنوان: ڏيھي حاڪم، ص: 215)

نادر شاھ جي سنڌ تي حملي وقت، شاھ لطيف جي عمر 50 ورهيہ ھئي. نادر شاھ جي قتل ٿيڻ بعد، سنڌ جي ٽن قيدي شھزادن مان، ميان غلام شاھ ۽ عطر خان، ايران مان آزاد ٿي، 1162ھ/1749ع ۾، جڏهن پنھنجي وطن موٽيا ۽ ٻن سالن کان پوءِ سنڌ جو ولي عھد، شھزادو محمد مرادياب بہ واپس پنھنجي وطن پھتو، ان کان پوءِ شاھ لطيف ھن دنيا ۾، فقط ھڪ سال زندھه رهيو. سندس عمر جا 63 سال، سنڌ جي اتحاد ۽ آزاديءَ جي جدوجھد وارا سال ھئا.

 ان کان سواءِ، شاھ لطيف جي دؤر ۾ سماجي ۽ ثقافتي زندگي پنھنجن سمورن ڳُڻن ۽ اوڳڻن سميت موجود ھئي. اُن دور جون ڪيتريون ئي ثقافتي، ريتون، رسمون، رواج ۽ ٻيا سرشتا، اڄ بہ سنڌ جي ٻہراڙيءَ وارن علائقن اتر، لاڙ، ڪاڇي، ڪوھستان ۽ ٿر ۾، موجود آھن. مختصر ذڪر ڏجي ٿو:

  1. ذات پات جو سرشتو:

ذات پات جي شروعات سنڌ واديءَ ۾، آرين جي ھتي اچڻ کان ملي ٿي. آرين پاڻ کي اُتم، اعليٰ ۽ برتر نسل ظاھر ڪندي، ھتي جي رهاڪن کي، اڻ آريا ۽ اڻ سڌريل چئي سماجي طور غيرفطري ٻج ڇٽڻ جي شروعات ڪئي، جيڪا تاريخي ڌارا سان گڏ وڌي وڻ ٿي ۽ ھن خطي کي طبقن ۾ ورھائي ڇڏيو. جيئن ھن وقت بہ ھندو مت، انسانن کي چئن طبقن ۾ ورھايو آھي. ذات پات جي مت ڀيد سبب، ڪيترائي ھندو پنھنجيءَ حالت کي سڌارڻ لاءِ مسلمان ٿيندا ھئا، پر پوءِ بہ سندن حالت نہ بدلي ڇاڪاڻ تہ جيڪو مرتبو، ھندن ۾ برهمڻن کي ھو، اھو ساڳيو مرتبو سنڌ ۾ مسلمانن ۾ وري عرب، ايراني، افغاني ۽ مغل نسل جي ماڻهن کي حاصل ھو.آرين کان پوءِ وڏي پيماني تي والار عربن ڪئي. جيئن تہ ھو زراعت جي فن کان بيخبر ھئا، ان ڪري ھنن پنھنجي اعتماد وارن ماڻهن ، جيڪي سندن ھر وقت خوشامد ڪندا ھئا، انهن کي زرعي زمينون جاگير طور ڏنيون. ان سبب سنڌ ۾ پھريون ڀيرو جاگيرداري سرشتي جو بنياد پيو ۽ ھٿرادو طور ھڪ اعليٰ نسل ٿي اُڀريو. اھي ورسايل مڪاني ماڻهو اڳتي ھلي پاڻ کي زوري عرب نسل جا سڏائڻ لڳا. جن ۾ سومرا ، ابڙا، مھر، وغيرہ شامل ھئا. اھا علت اڃا تائين ھلندي پئي اچي. جيئن ھندن ۾، اعليٰ ذات وارا، گهٽ ذات وارن مان شادي نہ ڪندا ھئا، تيئن ٻاھرين نسلن جا مسلمان بہ ذاتپات جي ڪري، گهٽ سمجهي ويندڙ ذات جي ڇوڪرين سان تہ شاديون ڪندا ھئا، پر پنھنجون ڇوڪريون، گهٽ سمجهي ويندڙ ذات وارن ۾ نہ ڏيندا ھئا. ايئن ئي جاگيرداري سرشتي ۾ ذات پات جا ويڇا ايترا تہ مضبوط ۽ پختا ٿيا، جو ھن سرشتي موجب ڪوبہ ماڻهو پنھنجيءَ ذات کان سواءِ، ٻئي ھنڌ شادي وغيرہ جو سوچي بہ نہ سگهندو ھو. اھڙيءَ طرح سڄي سنڌ، ذاتين ۾ ورھائجي وئي. سنڌ جو ھيٺيون طبقو ذات پات جي انهيءَ مت ڀيد ۾ وڌيڪ پيڙهجندو رهيو. تاريخ مان خبر پوي ٿي تہ سنڌ جي تباھيءَ ۾ ٻين سببن سان گڏ مٿيون سبب اھم ھو.

 شاھ لطيف جو تعلق جيتوڻيڪ سيد خاندان سان ھو، پر ھن رائج سماجي طور طريقن جي مخالفت ۽ مزاحمت ڪندي ذات پات جي متڀيد کان مٿانھون، انسان جي عظمت جو درس ڏيندي چيو آھي تہ:

 ڏات نہ آھي ذات تي، جو وَھي سو لهيٖ.

 آرِيُون اٻوجَھنِ جُون، سَپَڙُ ڄامُ سَھيٖ،

 جو راءَ وَٽِ راتِ رَهيٖ، تنھن جُکِي تان نَه ٿِئي.

 )شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر پرڀاتي، داستان 1، بيت 10، ص: 860(

مَٿَنِ ٽُٻَڪَ ٽُٻَڪَڙا، چِڪَندَڙا اَچَنِ،

کُڙِيُون کيھَ ڀَڪُلِيُون، پَگَھرُ، سِر پيرَنِ،

اِي وَڙَ ويڙھيچَنِ، مُون لوڏائِين لَکِيا.

 )شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مارئي، داستان7، بيت 8، ص: 585(

  1. طبقاتي فرق:

ان دؤر ۾، پورهيت طبقي کي ڪمي ڪاسبي قرار ڏئي سماج ۾ گهٽ ذات سمجهيو ويندو ھو. پر شاھ لطيف وٽ، پورھيو ڪندڙ ئي اتم ۽ اعليٰ انسان ھئا:

 پِنڻ سندي پورهيي مان، ڪنھن نہ ڀريا پل،

 مانجهي اھي مل، ھر جنين جي ھٿ ۾.

ڄارِيُون، کارِيُون، ڇَڄَ ، ڇِپِريُون، جَنِ جِي محَبَتَ مَڇِيءَ ساڻُ،

 رَھَنِ، وِھَنِ سِرِ ٻانڌِيين، سَڀيئِي بَدِبُوءِ ھاڻُ،

 لُڌِڙَنِ جيئن، لَطِيفُ چي، پاڻِيَ وِجَھنِ پاڻُ،

تَنِ مَلاحَنِ جو ماڻُ، سَمي سِڙِ ڪِيو پانھنجي.

 )شاھواڻي ، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سر ڪاموڏ، داستان 1، بيت 12، ص: 622(

ڪِتي مَٿي آئِيُون، ڪَري تَندُ تَيارُ،

اُتَلَ اوڏاھِين ٿِئي، جيڏانھن پرينءَ پارُ،

ڪاپائتِيءَ قَرارُ، منجهان پورهِئي آئيو.

)شاھواڻي ، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سر ڪاپائتي، بيت 25، ص: 833(

سِرُ سانداڻِ ڪَري، پُڇِجِ گَھرُ لُھارَ جو،

ڌَڪَنِ ھيٺِ ڌَري، ماَن گَڏيئِي رُڪَ سين.

 )شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر يمن ڪلياڻ، داستان 3، بيت 23، ص: 98(

 نينھن نِھائينءَ جان، ڍَڪِيو ڪوھُ نہ ڍَڪِيين،

ڄَرَ ڄيري ڇڏِي، تہ ڪيئن پَچَندا ٿانءُ،

سَندِي ڪُنڀاران، ڪَنِ ڪَرياجا ڳالھڙي.

 )شاھواڻي ، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر رپ، داستان 2، بيت 15، ص: 741(

سنڌي سماج جڏهن پرڏيھه پڌاريو ۽ وڻج واپار جي ڪرت کي لڳو تہ پيداوار جي وسيلن ۾نواڻ پيدا ٿي، تڏهن ان نواڻ، نئين سوچن کي جنم ڏنو ۽ نون خيالن جي واڌ سبب ھڪ الڳ طبقو جڙي پيو، جنھن جو ذڪر شاھ لطيف سامونڊي، سريراڳ ۾ ڪيو، ان کان علاوہ مٿئين ۽ ھيٺئين طبقي، يعني آقا ۽ غلام ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي ۽ اُھا ڇڪتاڻ، پنھنجي پورهئي جو حق گهرڻ لڳي. پوءِ اھو غلام ڦري، ھاري بڻجي ويو، پر ھاريءَ جي حيثيت ان سماج ۾ لڳ ڀڳ غلام جھڙي ئي ھئي. صرف سندس نالي ۾ تبديلي آئي ھئي. پوءِ بہ ھاري، پنھنجي پيداواري اوزارن جو مالڪ تہ ھو ۽ فصل ۾ بہ سندس ڪجهہ ذاتي حصو ھو، جنھن ڪري ھُن غلام جي ڀيٽ ۾، ڪم ۾ وڌيڪ دلچسپي ورتي، تنھن ھوندي بہ زميندار/جاگيردار ۽ ھاريءَ جي وچ ۾ وڏو فرق موجود ھو.

 شاھ لطيف جي شاعريءَ، اِنھن سمورن سماجي طور طريقن ۾ تبديلي آندي ۽ سماج کي اڳتي وڌائڻ جو درس ڏنو ۽ انهن جاگيرداري طور طريقن کان بغاوت ڪئي:

مَتو آھِين مَڇَ، ٿلھو ٿيو ٿُونا ھَڻين،

 جا تو ڏِٺِي اَڇَ، تنھن پاڻِيءَ پُنا ڏينھڙا.

 )شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڏهر، داستان 1، بيت 14، ص: 870(

اَکِ اُلِٽِي ڌارِ، وَنءُ اُبَتو عامَ سين،

جيٖ لَهوارو لوڪُ وَھيٖ، تُون اُوچو وَھُه اَوڀارِ،

 منجهان نوچَ نِھار، پُرُ پُٺِيرو پِرِينءَ ڏي.

 )شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر آسا، داستان 2، بيت 21، ص: 713(

 شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾، سندس دؤر جي ٻہراڙيءَ جي سماج جو نقشو چٽو پٽو ڏسڻ ۾ اچي ٿو:

 جُھڙ ڦُڙ جِتِ ٿِيَانِ، اُتِ اَڏِئَائُون پَکَڙا،

)شيخ، ٻانهون خان، (2012ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مارئي، داستان 8، بيت 23، ص:438(

اَڳَڻَ تازِي، ٻَھَرِ ڪُنڍِيُون، پَکا پَٽَ سُونھنِ،

 سُرَهِي سيجَ، پاسي پِرِين، مَرُ پِيا مينھن وَسَنِ،

اسان ۽ پِرِين، شالَ ھُونِ بَرابَرِ ڏينھڙا.

)شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سارنگ، داستان 1، بيت 25، ص: 689(

ڇِنَلَ ڇَڄَ ھَٿَنِ ۾، ڪُلَھنِ ڪوڏارا،

 پورهِئي خاطِرِ پانھنجي، اُٿَنِ سَوارا،

اوڏَ بِھ ويچارا، لاکا! وَڃَنِ لَڏِيو.

 )شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڏهر، داستان 4، بيت51، ص: 890(

بَرَ وَٺا، ٿَرَ وَٺا، وَٺِيُون تَرايُون،

 پِرِههَ جو پَٽَنِ تي، ڪَنِ وِلوڙا وايُون،

مَکَڻَ ڀَرِينِ ھَٿَڙا، سنگهارِيُون سايُون،

ساري ڏُهَنِ سامُهيُون، ٻولايُون رايُون،

 ٻانِهِيون ۽ ٻايُون، پَکي سُونھنِ پانھنجي.

 )شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سارنگ، داستان 1، بيت 26، ص: 689(

مٿين بيتن مان ثابت ٿو ٿئي تہ، شاھ لطيف جي دؤر ۾، آباديءَ جو گهڻو تڻو حصو زراعت ۽ چوپائي مال سان لاڳاپيل ھو ۽ باقي واپاري، ڪاريگر ۽ ھنرمند پنھنجي پنھنجي ڌنڌي ڌاڙي ۾ رُڌل ھئا، جنھن مان پنھنجو پيٽ گذر ڪندا ھئا.

 ان کان سواءِ سنڌ جا سامونڊي وڻجارا بہ ھئا، جيڪي ٻيڙين وسيلي ڏيھي بندرن کان ايراني نار، يمن ۽ لنڪا جو سفر ڪري وڻج واپار ڪندا ھئا. ھو صدين کان سوداگريءَ جي پيشي سان واڳيل ھئا. کين ھوائن، مندن ۽ موسمن جي ڦيرگهير جو وسيع تجربو ھو. سنڌ جا ٻيڙياتا گهڻو ڪري سياري جي ھوائن سان جيڪي اُتر کان ڏکڻ ڏي ھلنديون ھيون، سفر تي اُسھندا ھئا ۽ واھوندن وقت موٽي ايندا ھئا. ھي سامونڊي سوداگر ڪپڙي، گرم مصالحي ۽ خاص طور تي موتين جو واپار ڪندا ھئا، جنھن جو ذڪر شاھ لطيف ھن ريت ڪيو آھي:

اِيءَ گَتِ غَواصَنِ، جيئن سَمنڊُ سوجِھيائُون،

 پيھِي مَنجِھ پاتارَ جي، ماڻِڪَ ميڙِيائُون،

آڻي ڏِنائُون، ھِيرو لالُ ھَٿَنِ سين.

 )شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سر سريراڳ، داستان 2، بيت 9، ص: 161(

ڊاڪٽر غلام حيدر چنا پنھنجي پي. ايڇ ڊي. لاءِ پيش ڪيل مقالي ’شاھ عبداللطيف ڀٽائي ۽ سندس دؤر‘ ۾ ڄاڻايو آھي تہ: ”مزدور جي ڏھاڙي اُجرت ٻہ يا ٽي دام ھئي ۽ 40 دام ھڪ رُپئي ۾ ھوندا ھئا ۽ ھنرمند يا ڪاريگر جي مھيني جي اُجرت ٽن روپين کان پنج روپيا ھوندي ھئي.“(چنا، 1995ع، ص: 454)

سماجي تاريخن جي ڏنل حوالن يا انگن اکرن جي روشنيءَ ۾ چئي سگهجي ٿو تہ ان وقت عام ماڻهوءَ جي سماجي حالت تمام ھيٺاھين پدَ تي ھئي.

 اھڙيءَ ريت، ’شاھ جي رسالي‘ جا سُر مارئي ۽ سُرڪاموڏ، سُر ڪاپائتي، سُر سامونڊي ۽ سُر سريراڳ اھم سُر آھن، جن ۾ غريب عوام، حڪومتي سرشتي ۽ حڪمران طبقي جو خوب ذڪر ڪيل آھي. جن ۾ ٿر جي ماروئڙن جي رهڻي ڪھڻي، ڪينجهر جي مھاڻن ۽ حڪمران طبقي جي سندن عوام ڏانھن رويي وغيرہ جي عڪاسي ھنن بيتن مان ٿئي ٿي:

فِڪرُ ۽ فَاقو، مَرَڪُ مَاروئڙَنِ جو،

 ڪَڏِهِين ڪَڏِهِين ڏُٿَ جو، چَکَنِ چُئَاَڪو،

 ھِڪُ اَنَدَرِ اولاڪو، ٻِي وِنُجهُل ويڙھيچن جي.

)شيخ، ٻانهون خان، (2012ع)، ’شاھ جو رسالو‘، جلد ٽئو، سُر مارئي، داستان 8، بيت 12، ص:435(

آڻِينِ ڪي چاڙهِينِ، ڏُٿُ ڏِيھاڻِي سُومَرا!

سَٿا ڪِيو، سَيّدُ چَي، سائون سُڪائِينِ.

 منجهان لَنبَ لطِيفُ چَي، چانئُر ڪِيو چاڙهِين،

 پُلاءُ نہ پاڙِينِ، عُمَرَ! آراڙيءَ سين.

 )شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مارئي، داستان 7، بيت 4، ص: 584(

وَرُ سي وَطَنَ ڄائِيۡون، صَحرا سَتُرَ جَنِ،

گولاڙا ۽ گُگِرِيُون، اَوَڇڻ اباڻِن.

 ويڙهئا گهمن وليين، جھانگي منجهہ جهنگن،

 مون کي مارُوئَڙَنِ، سُڃَ ڳڻائِي سَيڄَ ۾.

 )شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مارئي، داستان 3، بيت 15، ص: 568(

ٻِيءَ جاءِ تي شاھ لطيف، غريب سنڌي عوام،

 (مھاڻن) جي خوراڪ ۽ پوشاڪ لاءِ چئي ٿو تہ:

 ڪُمَ ڪَالوڙا ڪُوڻِيُون، پَھتِ جَنِ جِي پَرِ،

لايو لُنگَ لَطِيف چَئي، جُنبنِ جَھجهي جَرِ،

 گهوٽُ اُنِين جي گَهرِ، راجَا رِيجِھي آيو.

)شيخ، ٻانهون خان، (2012ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪاموڏ، داستان1، بيت 11، ص:520(

گَندَ جَنِ جِي گوڏِ ۾، پاٻوڙا پوشاڪَ،

اُنِين جِيَ اوطاقَ، راجا رِيجِھي آئِيو.

 )شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪاموڏ، داستان1، بيت 13، ص:622(

ڊاڪٽر فھميدہ حسين لکيو آھي تہ: ”شاھهجي دؤر جو سماج، تضادن جو سماج ھو. ان تضادن واري سماج ۾جتي ھڪڙا مراعات يافتہ طبقا (Privileged classes) ھئا تہ ٻيا محروم طبقا (Deprived classes) ھئا. ھڪڙن وٽ دنيا جون سڀ نعمتون ھيون ۽ سندن ضرورت کان گهڻو وڌيڪ ھئن، تہ ٻين وٽ ڪجهہ بہ ڪونہ ھو. بنيادي انساني ضرورت جون شيون بہ وٽن ڪونہ ھيون. ھڪڙا سارو ڏينھن ڪجهہ بہ نہ ڪرڻ جي باوجود سُکيا ھئا، تہ ٻيا اَسُر کان سومھڻيءَ تائين پورھيو ڪندي بہ پيٽ بکيا ھئا. ھڪڙا سست، ڪاھل، ڪم چور، پرائي مال تي پرمار ڪندڙ اوچي ذات وارا سڏبا ھئا، شاھ، ملان ۽ قاضي ڪوٺبا ھئا تہ ٻيا وري، پورھيو ڪرڻ وارا، پگهر وھائڻ وارا، پرماريت جو شڪار ھاري ناري، ڪمي ڪاسبي، مُھاڻا، ماڇي، موچي ۽ ساٽي وغيرہ نيچ ذات سڏبا ۽ ڌڪاريا ويندا ھئا.“ (فھميدہ حسين، 1993ع، ص: 339)

 شاھ لطيف جي ڪلام ۾، دائميت ۽ آفاقيت آھي. ’شاھ جو رسالو‘ ھڪ اھڙو دستاويز آھي، جو ڪالهہ، اڄ ۽ سڀاڻي لاءِ انسانذات جي رهنمائي ڪري ٿو. موجودہ جديد دؤر ۾، جتي سائنس جي ترقي ۽ ايجادن انيڪ تبديليون آنديون آھن، گهڻن ئي وھمن ۽ وسوسن جا بُت ڀورا ڪيا آھن، اُتي انسانذات جي تباھيءَ جا سامان بہ مھيا ڪيا آھن. اڄ بہ اھائي رتوڇاڻ آھي، جنگيون آھن، انسان ھٿان انسان جو ڪوس آھي. انسان جا حق، تڏهن بہ پائمال ٿي رهيا ھئا. انسان جا حق اڄ بہ پائمال ٿي رهيا آھن، انسان جا حق، تڏهن بہ غصب ڪيا پئي ويا، انسان جا حق اڄ بہ غصب ڪيا پيا وڃن. ڪڏهن ڌرم ڪرم جي نالي ۾، ڪڏهن ذات پات جي نالي ۾ تہ ڪڏهن اوچ نيچ جي نالي ۾. ڪالهه جيان اڄ بہ ڪوڙ، ٺڳيءَ، منافقيءَ ۽ جھالت تي ماڻهو فخر ڪن ٿا. ظلم کي جائز سمجهيو ٿو وڃي، مال ميڙڻ لاءِ ھٿرادو ڏڪار پيدا ڪرڻ کي ئي واپار قرار ڏنو ٿو وڃي.

 شاھ لطيف کي اِھي طور طريقا پسند ڪونہ ھئا. سندس ويچار ۾ اھي ويڇا وڏي خرابي ھئا. پاڻ پھرئين طبقي مان ھوندي بہ، محروم طبقن سان ٻڌل يا لاڳاپيل ھو. ڌرتيءَ جي ڌوڙ ۽ ان ۾ ڌڌڙ ٿيل انسانن سان، سندس نہ ٽُٽندڙ تعلق ھو.

 پورهئي ۽ پورهيتن لاءِ وٽس مانُ ھو. جھڙيءَ ريت ھڪ ماڙيچيءَ مارئيءَ کي، پنھنجي رسالي جي سُر ’مارئي‘ ۾، سچي سورميءَ ڪري پيش ڪيائين. تهڙيءَ ريت، نوري مھاڻيءَ کي اعليٰ وصفن واري ڇوڪري ڪري ڏيکاريو اٿس.

ميءِ ھَٿَ ۾ مَڪُڙِي، ڄامَ ھَٿَ ۾ ڄارُ،

سَڄو ڏينھن شِڪارُ، ڪيِنجُھر ۾ ڪالَھ ھُئو.

 (شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘،سر ڪاموڏ، داستان 2، بيت7، ص: 627(

 اھڙيءَ ريت، شاھ لطيف جي دؤر ۾، جيڪي ثقافتي حالتون يا رسمون رواج ھئا، اھي اڄ بہ سنڌ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ مروج آھن.

  1. سام جهلڻ ۽ سام پوڻ:

ھر ڪنھن ديس جون جدا جدا ريتيون ۽ رسمون ٿينديون آھن، جن جو ٻين ملڪن جي ماڻهن ۾ رواج ڪونہ ھوندو آھي. اھڙين ريتين رسمن ۽ رواجن جو، سندن مذھب يا ڌرم سان کڻي لاڳاپو ھجي يا نہ، پر اھي ايترا تہ قديم ھوندا آھن، جو عام ماڻهن جي سرشتن ۽ عادتن ۾ داخل ٿي، سماج جي دستورن جو حصو بڻجي ويندا آھن.

 سنڌي سماج جا پنھنجا نرالا ۽ انوکا قدر ۽ وھنوار آھن، جيڪي شاھ لطيف جي دؤر ۾ بہ نمايان طور موجود ھئا، جن مان مھمان نوازي ۽ سام جهلڻ ھڪ واڌو ۽ انوکو ڳڻ ھو ۽ آھي، جيڪو ٻين سماجن ۾ گهٽ ڏسڻ ۾ ايندو. غلام حيدر چنا پنھنجي ٿيسز ’شاھ عبداللطيف ڀٽائي ۽ سندس دور‘ ۾، ڊاڪٽر شاھنواز سوڍر جو حوالو ڏيندي لکي ٿو تہ: ”سام جهلڻ جو رواج دنيا جي ڪنھن بہ ٻئي معاشري ۾ نظر نٿو اچي، پر اھو رواج رڳو سنڌي سماج ۾ ئي موجود آھي.“(چنا، 1995ع، ص: 473) شاھ لطيف ان وڙائتي وڙ کي ھن طرح ڳايو آھي:

 سَرَڻِيَنِ جي سُکَ لَئي، سامَ کنئِي سَردارَ،

جي آيُون اَبَڙي جي آڌارَ، سي سُونگُ نہ ڏِيندِيون سُومرِيُون.

 (شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر بلاول، داستان 1، بيت 15، ص: 896)

سمي ابڙي موت قبوليو، جهيڙو واريو پر ساموُن نہ موٽايون.

 شاھ لطيف سندس ڪردار کي واکاڻيندي فرمايو:

اَبِڙو وَڏ وَڙو، سُوَڙو، سَمو سُونھن سَڀنِ،

 تنھن دَرِ سَڀِ اَچَنِ، ڪَنڌُ نَه ڪَڍي ڪَڇَ ڌَڻِي.

 (شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر بلاول، داستان 1، بيت 18، ص: 897)

  1. خوشين جا ڏڻ:

 ھر قوم ۾، خوشين جا ڏڻ ھوندا آھن. اُھي ڏڻ جيڪي جوش جذبي ۽ ڌام ڌوم سان ملهايا ويندا آھن. اھڙيءَ طرح سنڌ ۾ بہ ڪي ڏينھن، مذھبي طور ملهايا ويندا آھن. جيئن مسلمانن ۾ عيدالفطر ۽ عيدالاضحيٰ وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهايون وينديون آھن. جيئن شاھ لطيف چوي ٿو:

عِيدُنِ بَرادُن تي، کِھَ مانڌاڻُو کِيندي..

 (شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مارئي، داستان 9، وائي-1، ص: 596)

ڪَتڻَ جِي ڪانَ ڪَرِين، سُتِي ساھِين ھَڏَ،

 صُبُحَ ايندَءِ اوچَتِي، عِيدَ اُگهاڙَنِ گَڏَ،

جِت سَرَتِيون ڪَندَءِ سَڏَ، اُتِ سِڪَندِينءَ سينگارَ کي.

 (شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪاپائتي، بيت 6، ص: 830)

عيد جو ذڪر ھن بيت ۾ بہ آھي:

 جا عُمَرَ! تو مُلِ عِيدَ، سا اسان سُوءِ وَرَتِي سُومِرا،

ويئِي ويچارَنِ وِسَرِي، خُوشِي ۽ خَرِيدَ،

سِڪَڻَ ڪِيا شَھِيدَ، مارُو جي مَلِير جا.

 (شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مارئي، داستان 3، بيت 18، ص: 569)

سنڌ ۾، مسلمانن کان سواءِ، ھندو بہ پنھنجا مذھبي ڏڻ جوش سان ملهائيندا آھن، جيئن ھولي، ڏياري، شوراتڙي وغيرہ، شاھ لطيف انهن جو ذڪر بہ پنھنجي شاعري ۾ ڪيو آھي.

 ھِندُوئَنِ جيئن ھولِي ڪَري، مُون ڌُوڙِ مَٿي تان وارِي،

 آئُون جا ڪَندِيَس زارِي.

 (شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُرڪوھياري، داستان 6، وائي-1، ص: 432)

 شاھ لطيف جي وقت ۾، سنڌ ۾ واپاري طبقو، گهڻي ڀاڱي ھندو ڌرم سان واسطو رکندو ھو، جيڪي سمنڊ پار ملڪن سان واپار سانگي وڃڻ لاءِ، سمنڊ جو سفر، مندن جي اچڻ تي ڪندا ھئا. انهن مندن ۾، سياري جي مند وڌيڪ سڻائي ھوندي ھئي ۽ سيارو شروع ٿيندي ئي ڏياريءَ جو ڏڻ ملهائڻ کان پوءِ، اُھي سفر جا سانباھا ڪندا ھئا. شاھ لطيف اھڙي روئداد کي بلڪل چٽيءَ طرح، پنھنجي شاعريءَ ۾ بيان ڪيو آھي:

 ڏِٺِي ڏِيَارِي، سَامُونڊِيَنِ سِڙَهَه سَنبَاھِئَا،

 اُنِ کي مُندَ اُتَرَ جِي، اوچِتِي آئِي،

وَڻِجَارَنِ وَائِي، آھي پَرِيين پَارَ جِي.

(شيخ، ٻانهون خان، (2000ع)، ’شاھ جو رسالو‘، جلد 1، سُرسامونڊي، داستان 5، بيت 4، ص:210)

ٿِي ڏِيَارِيءَ ڏيٺِ، ڍولو ھَلَڻ جُون ڪَري،

مَکِئو پَنهِنجِي مَڪُڙِي، چيٺي چَڱيءَ چيٺِ،

رُئَان رَهَنِ نَه سُپِرِين، جَان ڪي جَهلِيَان بيٺِ،

مُون سين ڪَري ميٺِ، وِئو وَڻِجَارو اوھرِي.

 (شيخ، ٻانهون خان، (2000ع)، ’شاھ جو رسالو‘، جلد 1، سُرسامونڊي، داستان 5، بيت 8، ص:211-212)

تَڙَ نِهَارِئَان تي مُنھِنجَا بَندَرِ وِئَڙَا جي،

 مَان نَه سِڙَهَه سُڃَاڻَان سَڄَڻين،

 گهَڻُو اُڪَنڊِي آھِيَان، پرينءَ پَنهِنجي کي،

کَٿُورِي سَمُنڊَ کي، اکا ڏِيان آڻي،

اُڀي اوسَھَه پَايَان، ڪَارَڻِ وَڻِجَاري،

آسَائِتِي آھِيَان، اللهَ ڪَانڌُ اَچي.

(شيخ، ٻانهون خان، (2000ع)، ’شاھ جو رسالو‘، جلد 1، سُرسامونڊي، داستان 1، وائي-2، ص:186)

جَرِ تَڙِ ڏِيَا ڏي، وَڻِ ٽِڻِ ٻَڌي وَانئٽِيُون،

اَلاَ ڪَانڌُ اَچي، آسَائِتِي آھِيَان.

 (شيخ، ٻانهون خان، (2000ع)، ’شاھ جو رسالو‘، جلد 1، سُر سامونڊي، داستان 2، بيت 23، ص:191)

جا جَرِ جاٽُون نہ ڏِئي، ڏِيا نہ موھي،

 سَڌُون ڪوھُ ڪَري، سا پَنهِنجي ڪانڌَ جون؟

 (شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سامونڊي، داستان 2، بيت 23، ص:202)

  1. ساڻيھ جي سِڪَ / حب الوطني:

وطن جي حُب انساني فطرت جو لازمي جُز آھي. ڪو اَڻاسي ئي ھوندو، جيڪو ساڻيھ جي سِڪ، اُڪنڊ ۽ اُڪير جي جذبن کان عاري ھوندو!

 ”عربي ٻوليءَ جو قول آھي تہ، ’حُب الوطن من جُزُ الايمان‘ يعني وطن جي حُب، ايمان جو جُزو آھي، فارسيءَ ۾ حُب الوطنيءَ جو اظھار ھيٺئين نموني ڪن ٿا:

خاکِ وطن از مُلڪ سليمان بھتر،

 خارِ وطن از سُنبل و ريحان بھتر.

 مطلب: وطن جي مٽي، سليمان (نبي) جي مُلڪ کان بھتر آھي، وطن جو ڪنڊو بہ سُنبل ۽ نازبوءِ جي گل کان بھتر آھي.“ (ڀرڳڙي، 2000ع، ص: 345)

 جڏهن مينھن پنھنجي وٿاڻ لاءِ رنڀندي آھي، ڪتو پنھنجي مالڪ جو در ڇڏڻ لاءِ تيار نہ ھوندو آھي، پکي پکڻ پنھنجي آکيري تي ويھي لاتيون لنوندو آھي تہ پوءِ انسان جي دل اُن ڌرتيءَ لاءِ ڪيئن نہ ڌڙڪندي، جيڪا اُن جي جنم ڀومي آھي! جتي اُن جو ننڍپڻ گذري ٿو، مٽن مائٽن، دوستن ۽ ھڪ جيڏن سان محبت جو ھڪ اَٽوٽ رشتو جُڙيل ھوندو آھي. جتي اُن جي وڏڙن جا ھڏا پُوريل ھوندا آھن، جنھن ڌرتيءَ جي تاريخ، ثقافت، حالتن ۽ ماحول سان انسان جي شخصيت، نفسيات ۽ لاشعور جي جُڙت ٿيل ھوندي آھي، اُن ملڪ سان محبت ۽ وفاداري سندس سرشت ۾ ڪيئن نہ سمايل ھوندي؟

 شاھ لطيف، سنڌ جو ڏاھو، مفڪر ۽ انسان دوست شاعر ھو، تنھن جو پڻ پنھنجي وطن جي ھر شيءِ سان پيار ۽ محبت ھئي. ان جو اظھار ھن مختلف سُرن ۾ مختلف انداز ۾ ڪيو آھي. ساڻيھ جي سِڪ سندس ڏنل پيغام ۾ نھايت اھم مقام رکي ٿي. سندس ڪلام ۾ سنڌ جي ٻولي، درياھ، سَمنڊ، ڍنڍن ڍورن، ھتان جي ماڻهن جي رهڻي ڪھڻي، مينھن وسڻ کان پوءِ مٽيءَ جي مھڪ سان فطري لڳاءَ کي چٽائيءَ سان بيان ڪيو ويو آھي. وطن سان محبت، وفاداري ۽ عشق جي بيان سان سندس رسالو ٽمٽار آھي.

 شاھ لطيف، انسان تہ ڇا ’ڪونج‘ ۾ ساڻيھ جي سِڪ جي پرک ڪري ٿو.

ڪُونجِيُون ٿِيُون ڪُڻُڪَنِ، جيڪُسِ ھَلَڻَ ھارِيُون،

 ٻَچا پوءِ اَٿَنِ، وَڃَنِ وانڌا ڪَندِيُون.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڏهر، داستان 4، بيت 12، ص: 883)

يا وري ٻئي بيت ۾ ھن ريت ٿو چوي:

جَرَ ۾ سِپُون جِيئن، آھِينِ اَبرَ آسَري،

جيئن ڪُنجُون سارِن روھَه کي، مُون تَن اَندَرِ تِيئن،

 ھُتِ وَعِدا وَڃَڻَ جا، ھِتِ نَه ڀانيُمِ ھِيئن،

 ڪوٺِيَنِ وِھان ڪيئن، جي نَظرَبَندِياڻِي نَه ھُئان.

 (شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مارئي، داستان 10، بيت 13، ص: 599)

 شاھ لطيف کان اڳ ۽ اُن جي دؤر ۾ سنڌ ۾ سياسي، سماجي، اقتصادي ۽ مذھبي حالتون اطمينان جوڳيون نہ ھيون. سياسي طور توڙي جو ارغونن، ترخانن ۽ مغلن جي اونداھي دؤر جو خاتمو ٿي رهيو ھو، پر سنڌ ۾ اڃا بہ مغلن جو تمام گهڻو اثر ھو. مسلسل ڌارين قومن جي غلاميءَ ھيٺ رهڻ ڪري سنڌ جو ھاري، مزدور، ھنرمند، ڪاريگر ۽ ڪاروباري ماڻهو تنگدستي ۽ ڏيوالپڻيءَ جو شڪار ھو. ڌارين حڪمرانن، سنڌي قوم کي پاڻ ۾ ڳنڍجڻ ۽ قابض حڪومت جي بنيادن ۾ ڏار وجهڻ کان روڪڻ لاءِ کين مذھب، فرقن ۽ قبيلن ۾ ورھائي رکيو ھو. سنڌ ۾ آباد ھندن ۽ مسلمانن جي وچ ۾ ويڇا وڌائڻ ۾ سندن وڏو ڪردار ھو.

 ڌارين قومن جون ڪاھُون، قبضا ۽ ڦُرلُٽ، انهن جي نتيجي ۾ آيل تباھي ۽ بربادي ڏسي، وري انهن ڪاھن، حملن ۽ تباھين خلاف عوامي بغاوتن جي ڪاميابي ۽ ڌارين حاڪمن جا پير اکوڙڻ لاءِ ڪيل جدوجھد سان سنڌ جي جاگيردار طبقي جي غداري ڏسي سنڌ جو عوام مايوسي ۽ ويڳاڻپ جي ور چڙهي ويو ھو. اھڙو اظھار شاھ لطيف جي ڪلام ۾ پڻ پسي سگهجي ٿو.

ڪاڇي پيئي ڪُوڪَ، سَچُ ڪِ سَنگهارَنِ لَڏِئو،

مادَرَ اُوءِ مَلوڪَ، اُٺي وِئڙا اُڪَرِي.

(بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، (2009ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڏهر، داستان 4، بيت 18، ص: 169)

ويڳاڻپ سبب سنڌي ماڻهو پاڻ کي اَڇوت ۽ پنھنجي ٻوليءَ کي حاڪم طبقن جي ’فارسيءَ‘ کان گهٽ سمجهڻ لڳو ھو. سنڌ جي ڌرتيءَ تي ترقيءَ جي ضامن سنڌي ٻولي نہ ھئي بلڪ ’فارسي گهوڙي چاڙهسي‘ جي ھاڪ ھئي. سنڌ جي عام پڙهيل لکيل طبقي کان وٺي ھتي جو عالم، اديب ۽ شاعر بہ درٻار جي راضپي خاطر فارسيءَ ۾ ڪلام ڪري رهيو ھو. سندن لکتن ۽ شعرن جو ماحول، ٻولي، تشبيھون، استعارا ۽ ڪردار بہ ساڳي فارسي شاعريءَ جا ھئا، جيڪي ھنن ڏٺا نہ ٻڌا، انهن ڇسين تشبيھن ڪري، سندن نظم توڙي نثر ۾ ڪو وزن ڪونہ ھوندو ھو.

 اھڙي دؤر ۾ اھو انتھائي ضروري ھو تہ سنڌ جي عام ماڻهن جي دلين ۾ پنھنجي وطن، ٻولي ۽ تھذيب جي محبت جو اُجهايل ڏيئو ٻاري ھڪ نئين جوت جَلائجي، شاعريءَ جي ڏات کي پرچائي سنڌ جي سرزمين تي آڻجي ۽ انهيءَ فرض کي پورو ڪرڻ لاءِ شاھ لطيف سنڌي ٻوليءَ جي اھميت تي زور ڏيندي حاڪمن جي ٻولي فارسيءَ جي نندا ڪري ٿو:

جي فارسي سِکيو، گولو، توءِ غُلامُ،

جو ٻَڌو ٻِنِ ڳالهيين، سو ڪيئن چائي ڄامُ؟

اُڃو تان آبُ گُهري، بُکِيو تان طَعامُ،

اِيءُ عامِيَنِ سَندو عامُ، خاصَنِ منجهان نہ ٿِئي.

 (شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر آسا، داستان 4، بيت 23، ص: 725)

سنڌ جي پيڙهيل عوام، جنھن کي اَڇوت سمجهيو ويندو ھو، شاھ لطيف اُن جي اھميت کي اُجاگر ڪري کين وقت جي حاڪم کان بہ وڌيڪ اھميت ڏني آھي:

 نُورِيءَ جي نَوازِيو، ٿِيو تماچِي تي،

گاڏي چاڙهي گَندِري، ماڙهُو ڪِيو مي،

 ڪِينجُهرِ چُوندا ڪي، تہ سَچُ سَڀائِي ڳالَهڙي.

 (شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪاموڏ، داستان 2، بيت 8، ص: 628)

سنڌي عوام جي گذران جو واحد وسيلو زراعت ۽ چوپايو مال ھو، جيڪو مسلسل ڌارين حڪومتن جي لاپرواھيءَ سبب تباھ ٿي چڪو ھو، تنھن ڪري شاھ لطيف، عوام کي مايوسيءَ مان ڪڍڻ لاءِ کين آٿت ڏني ۽ زندگيءَ سان منھن مقابل ٿيڻ لاءِ محنت ۽ جفاڪشيءَ سان پنھنجي وسيلن جي بچاءَ ڪرڻ جو درس ڏنو.

ڪانڌَ مَ وِڪُڻِ ڪُنڍِيُون، ڌَڻُ سَڀوئي ڌارِ،

اَڀَرِيُون، سَڀَرِيُون پانھنجون، سَسِيُون سَڀِ سَنڀارِ،

ٻَنَ ڇَڏي، ڇَنَ پَئِي، وَڃِي وَلَهارَنِ وارِ،

 تہ اَچي اَڱِڻان بَھارِ، سَرِلا ڪَندي سَڏَڙا.

 (شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سارنگ، داستان 1، بيت 31، ص: 690)

 جڏهن ھنڌين ماڳين فارسيءَ جي ھاڪ ھئي، تڏهن شاھ لطيف پنھنجي سنڌي ٻوليءَ کي اظھار جو وسيلو بڻايو. اُن شاعريءَ جي تشبيھن ۽ استعارن کي عرب ۽ ايران مان درآمد ڪرڻ بدران سنڌ جي سرزمين مان چونڊي، سنڌ کي پنھنجي ايمان جو جُز بڻايو.

ان حوالي سان رسول بخش پليجو پنھنجي ڪتاب ’انڌا اونڌا ويڄ‘ ۾ لکي ٿو: ”هن عرب ۽ ايران جي بدران پنھنجي دل جو ڪعبو بدنصيب ۽ پياري وطن سنڌ کي بنايو. ايران جي آبجو ۽ شيراز جي باغن ۾ ٽڙندڙ سرو، سمن، لاله، نرگس ۽ سنبل جي بدران ھن پنھنجي وطن جي پُسين، پيرن ۽ ڏونرن جي حُسن جا نغما ڳايا، جتي اُن وقت جي ھند ۽ سنڌ جا نام ڪٺيا شاعر بهادريءَ ۾ رستم، سھراب ۽ اسفنديار جا مثال ڏيندا ھئا، اُتي ھن پنھنجي وطن جي ھيرن ابڙي، جکري ۽ سپڙ تان گهورون گهوريون. سندن سخا، مردانگي ۽ دليريءَ جا داستان ڳائي کين امر ۽ لازوال ڪري ڇڏيائين.“ (چانڊيو، 1998ع، ص: 250)

 شاھ لطيف، ايران جي سَرو ۽ صنوبر بدران پنھنجي ديس جي لوھيڙي کي ڳايو.

سَرَ، لوھِيڙا ڳَڀِيا، ڪُسَرَ نِسَرِيا،

تو ڪيئن وِسَرِيا، ڍولِيا! ڏينھَن اَچَڻَ جا؟

 (شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سامونڊي، داستان 1، بيت 28، ص: 194)

 شاھ لطيف پنھنجي ڪلام ۾ مڪاني عشقيہ داستانن ۽ اُنهن جي ڪردارن وسيلي سنڌي سماج جو عڪس چٽيو، ھتي جي ريتن رسمن، ڌنڌن ڌاڙين، ڪاريگرن ۽ اُنهن جي اوزارن، وڻن ٽڻن، پکي پکڻن، مُندن موسمن، بادلن برساتن ۽ ڍنڍن ڍورن کي پنھنجي ڪلام ۾ ڳائي، اُنهن جي اھميت کي اُجاگر ڪيو آھي.

سندس ڪردارن ۾ مارئي ھڪ اھڙي سورمي آھي، جنھن جي سَنڌ سَنڌ ۾ سِنڌُ سمايل آھي، جنھن جو سڄڻ ۽ ساڻيھ سان ھڪ اَٽوٽ ۽ سگهارو سُنٻنڌ جُڙيل آھي. ھوءَ ھر قسم جا قيد و بند، اذيتون ۽ مصيبتون سھي ٿي، پر وطن سان وفاداريءَ واري سندس جذبي کي ڪوبہ ڇيھو نٿو رسي.

جي لُوڻُ لِڱين لائِيين، چِيري چِيري چَمُ،

مُون ڪُرَ اَڳِ نَه ڪِيو، اِھَڙو ڪوجهو ڪمُ،

جان جان دَعويٰ دَمُ، تان تان پِرِتِ پَھُنوارَ سين.

 (شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مارئي، ابيات متفرقه، بيت 17، ص: 607)

 شاھ لطيف جي سورمين ۾ مارئيءَ جو ڪردار وطن دوستيءَ جو ھڪ اھڙو مثال آھي، جھڙو دنيا جي ڪنھن بہ زبان جي ادب ۾ نہ ٿو ملي. شاھ لطيف، مارئي جي ڪردار ذريعي

حب الوطنيءَ جو اعليٰ مثال پيش ڪيو آھي، جيڪا ھڪ جبري حاڪم جي ڪوٽ ۾ قيد آھي. کيس ڪيتريون ئي لالچون ڏنيون وڃن ٿيون، ھيرا جواھر، ويس وڳا، سون چاندي، عمر، مارئيءَ کي ڇا ڇا نہ آڇيو، پر ھوءَ عمر جي لالچ ۾ ڪانہ آئي.

پَٽولا پَھُنوارِيُون، مُورِ نَه مَٿي ڪَنِ،

 جُھِ لاکَ رَتائُون لوئِيُون، تَھ سالُنِئان سُونھنِ،

 اُنّ ايلاچِنئُون اَڳَرِي، بَخِمَلَ بافِتَنِ،

سَکَرَ ڀانئِيان سُومِرا! کَٿِيءَ کان کُھِنبَنِ،

 جا ڏِنِيَمِ ڏاڏڻَنِ، سا لاھِيندي لَڄَ مَران.

 (شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مارئي، داستان 3، بيت 1، ص: 565)

 ھڪ نوجوان حسين ڇوڪري جي سامھون وقت جي بادشاھ جون قسمين قسمين پوشاڪون، طرح طرح جي ھيرن جواھرن سان جُڙيل زيور، طرح طرح جا کاڌا ۽ شربت رکيل آھن، پر اُن جو مَن ملير جي مٽيءَ جي مھڪ سان جُڙيل آھي. ھوءَ عمر جي حاڪماڻي محل جي سيج پلنگن تي سمھڻ ۽ ھندورن ۾ لڏڻ بدران پنھنجي جوءِ ۾ ٻڪرين جا ڦَر چارڻ جي خواھش رکي ٿي.

 جَھڙِي آيَسِ جيئن، جي تَھڙِي مِلان تَنِ کي،

ڦِران، ڦَرَ چارِيان، ھِنيون چَئيم ھيئن،

 وَڃان ڪيئن وَطَنَ ڏي، ڪاڻِ لَھَندِيَمِ ڪيئن؟

مُندائِتي مِينھن سونھان سَرَتِيَنِ وِچَ ۾.

 (شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مارئي، داستان 6، بيت 2، ص: 578)

محلن ۾ رهڻ تہ ٺھيو پر مارئي مرڻ کان پوءِ دفن ٿيڻ لاءِ بہ پنھنجي وطن جي مٽيءَ جي چونڊ ڪري ٿي.

 واجهائي وَطَنَ کي، آئُون جي ھِتِ مُياسِ،

گورَ منھنجي سُومرا! ڪِجِ پَھُنوارَنِ پاسِ،

ڏِجِ ڏاڏاڻي ڏيھَ جي، مَنجهان وَلڙينِ واسِ،

مُيائِي جِياسِ، جي وَڃي مَڙهُ مَلِيرَ ڏي.

 (شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مارئي،داستان 6، بيت 12، ص: 581)

 شاھ لطيف ھر اُن ڪردار يا عمل جي ساراھ ڪئي آھي، جيڪو سنڌي سماج، تاريخ، اقتصاديات ۽ اخلاقيات جي نمائيندي طور ظاھر ٿئي ٿو. ڄام ابڙو سمون بہ ھڪ اھڙو ئي ڪردار آھي، جنھن سنڌي نياڻين کي ڌارين جي حملي آورن کان بچائڻ لاءِ سِر جو سانگو نہ ڪيو. ابڙي سمي لاءِ بدر ابڙو لکي ٿو: ”جڏهن علاؤالدين سنڌ تي ڪاھيو، تڏهن لاڙ مان ڪڇ ڏانھن سومرن ۽ سمن جي وڏي لڏپلاڻ ٿي ھئي، ڇاڪاڻ تہ علاؤالدين سندن پيڇو ڪندو ٿي آيو، پر اُن موقعي تي سنڌ جي ابڙي سمي (جاڙيجو سمو سردار، جيڪو گاجان پٽ رائڌن پٽ لاکي جو پڙ پوٽو ھو) شاھي فوج تي حملو ڪري کين شڪست ڏني ۽ شاھي خاندان جي عورتن کي ڇڏايو.“ (ابڙو، بدر، 2000ع، ص: 239)

 شاھ لطيف، سُر بلاول ۾ ابڙي سمي جي ڪردار کي ھن ريت پيش ڪيو آھي:

 عَلاؤالدين آئِيو، تنھن جي ھاٿِيءَ ھاڪَ ھَئِي،

 ڀَڳو ڪوٽُ ڪُفارَ جو، پيئِي ڀُڄَ ڀئِي،

آرَڻِ ٻَڌِي اَبڙي، ٿِي رِڻَ ۾ رُڪَ رَئِي،

تيغين تاءُ تِکو گَهڻُو، سَگهي ڪونَه سَھِي،

 ”رَبِّ ھَبۡ لِيۡ اُمّتِي“ چَڙِهيو ڄامَ چَئِي،

سَمي سامَ کَئِي، سَرَڻِيَنِ جو سُکَ ٿِيو.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر بلاول، داستان 1، بيت 12، ص: 895)

لاکو ڦلاڻي، جنھن کي سنڌ جي تاريخ ۾ ڌاڙيل ڪري لکيو وڃي ٿو، سندس لاءِ اھو مشھور ڪيو ويو آھي تہ ھُو مالدار ماڻهن جي وٿاڻن تي ڌاڙا ھڻي ڦُرلُٽ ڪندو ھو، پر شاھ لطيف کيس پنھنجي ڪلام ۾ ھڪ نرالي سڃاڻپ ڏني، جنھن ۾ ھُو وطن جي ويري جاگيردار طبقي جي خلاف بغاوت جو علمبردار طور سامھون اچي ٿو. سندس ڦُرون ۽ ڌاڙا عام ماڻهن بدران خاص ڦورو ماڻهن ۽ طبقن ۽ انهن جي حامين جي خلاف ھوندا ھئا. ان سلسلي ۾ بدر ابڙو لکي ٿو: ”سندس بغاوت Targeted ھئي ۽ ھر ماڻهوءَ جي خلاف ڪونہ ھئي، ان ڪري ھن مالوند ريٻاڙين، جاڙيجن ۽ پڇاڙيءَ خود راءِ کنگهار جو مال ۽ اُٺ ڪاھڻ شروع ڪيا. ان ريت ھن زورآور زميندارن کي ڦُرڻ ۽ مظلومن کي انصاف ڏيڻ لاءِ پنھنجو طريقو اختيار ڪيو.“ (ابڙو، بدر، 2000ع، ص: 223)

 شاھ لطيف پنھنجي رسالي ۾ ان جو ذڪر ھن ريت ڪيو آھي:

 لاکا لَکَ سُڄَنِ، ڦُلاڻِيءَ ڦيرُ ٻِئو،

 جِنہِ ڀَرِ راڻا، راڄِيا، ڪوٽَنِ ڌَڻِي ڪَنبَنِ،

 تِنہِ جو جاڙيجَنِ، سُتي سَئُنڪو نہ لَهي.

 (بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (2009ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڏهر، داستان 3، بيت 16، ص: 165)

ان کان سواءِ شاھ لطيف، جادم جکرو، سپڙ ڄام، بڊاماڻي پُنرو، جسوڌڻ جھڙن سورهيہ ۽ سخي مردن کي پنھنجي ڪلام ۾ ڳايو آھي، جيڪي سنڌ جي عوامي تاريخ ۾ سنڌ وطن جي بچاءَ ڪندڙ ۽ عام ماڻهن جي ڀلائي ۽ مالي مددگار جي علامت طور سڃاتا وڃن ٿا.

 اھڙن ڪردارن کي ڳائڻ مان بنيادي طور شاھ لطيف جو مقصد سنڌي ماڻهن کي پنھنجي وطن، تاريخ ۽ ثقافت سان محبت جو شعور ڏيڻ ھو، جيئن ھُو پنھنجي ساڻيھ کي مَھان ۽ پاڻ کي اڇوت، نٻل ۽ ڪمزور سمجهڻ بدران ھن سماج جو اھم حصو سمجهن.

  1. وندر ورونھن:

اھڙن مذھبي ڏڻن جي خوشين کان سواءِ، ماڻهن جي وندر ۽ ورونھن لاءِ، بزرگن ۽ ولين جون مزارون ۽ مقبرا زيارت گاھ جا مرڪز ھوندا ھئا، جتي ميلي جو منظر ھوندو ھو، جنھن ۾ ھندو توڙي مسلمان، مذھبي، سماجي ۽ اقتصادي سرگرمين ۾ مشغول ٿيندا ھئا. سنڌ جي ڪيترن ئي صوفين جي مزارن تي، عرس جي موقعي تي، وڏا ميلا لڳندا ھئا، جنھن ۾ راڳ رنگ کان سواءِ زندگيءَ جي اھم ضرورتن جا وکر جن ۾ ھر، گاڏي، نار، ھرلو، ڪپڙا، سرخي پائوڊر ۽ ٻارن لاءِ رانديڪا، اناج وغيرہ وڪري لاءِ رکيا ويندا ھئا.

 راڳ رنگ، ميلن ۽ ملاکڙن کان سواءِ سنڌين جي وندر ۽ ورونھن جا انداز ئي نرالا ھئا، جيڪي صدين کان ٿر ۽ ڪوھستان ۾ اڄ بہ رائج آھن. مثلاً رات جو ڪچھري ڪرڻ، ڳجهارتون ۽ بيت ڏيڻ، مند آھر گيت ڳائڻ، شام جو ملهہ، ونجهہ وٽي، ڪوڏي ڪوڏي رانديون رچڻ شامل ھئا.

 شاھ لطيف جي دؤر ۾ ويدانتي، صوفي، ڌرمي ۽ مذھبي تحريڪون:

سنڌ ڌرتيءَ تي صدين کان مختلف مذھبي، ڌرمي، صوفي ۽ ويدانتي تحريڪن جو پرچار ٿيندو رهيو آھي، جن مان جين مت، ٻُڌمت، ويدانت، ناٿ پنٿ ۽ ڀڳتي مت جو اثر سنڌ جي صوفي شاعرن خاص طور تي قاضي قادن، لطف الله قادري، شاھ ڪريم، مخدوم نوح، ميين شاھ عنات رضوي ۽ شاھ لطيف جي ڪلام ۾ پسي سگهجي ٿو.

تصوف جي وصف ۽ مختلف صوفي سلسلن جي باري ۾، اسلام، ھندومت يا عيسائيت ۾ ھڪ جھڙن فلسفن بابت ڪيترائي ڪتاب لکيا ويا آھن، پر مختصر طور اھو چئي سگهجي ٿو تہ سنڌ جي صوفين ۾ قادري، چشتي، نقشبندي ۽ سھروردي طريقا اھم رهيا آھن. جن، سنڌ جي مذھبي ماحول کي پنھنجي رنگ ۾ رڱيو ۽ ھتي صوفياڻين تحريڪن جنم ورتو. شاھ لطيف جي دؤر ۾ جتي صوفين جي مختلف سلسلن سنڌ ۾ اسلام جي محبت ڀرئي تصور ذريعي ان کي عام ماڻهن ۾ پکيڙڻ لاءِ اھم ڪردار ادا ڪيو، اتي خالص مذھبي تحريڪن پڻ پنھنجا اثر ڇڏيا، جنھن ڪري ھتي مذھبي عنصر بہ موجود رهيو، پر صوفين، عام لوڪن جي تخليقي سگهه ۽ فڪري سوچ جي آبياري ڪندي، ھڪ صالح ۽ صحتمند سماج جي جوڙجڪ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو. ان ڏس ۾ شاھ لطيف پنھنجي ڪلام ۾ انسان دوستي، پنھنجائپ ۽ ھر ڏاڍ ۽ ڏهڪاءُ کان آجي ۽ ميٺ محبت واري سماج جي جوڙجڪ لاءِ اھم ڪردار ادا ڪيو آھي:

 مَحبتي ميڙي ڳوٺ ٻڌجي ھيڪڙو،

 تنين جي ويڙھي، پاڻهي ايندو پاتشاھُ.

 ويدانت:

سنڌ ۽ ھند جي تاريخ، ثقافت، معاشيات، مذھب، فلسفي، اخلاقيات، جماليات ۽ ٻين گهڻن ئي پھلوئن بابت لکت ۾ پھريون دستاويزي ثبوت ’ويد‘ آھن. سنڌو جي ڪَپ تي لکيل انهن ويدن، جيڪي وقت بابت فطرتي، تاريخي ۽ فڪري ڪردار ادا ڪن ٿا. ويدن جو دؤر قديم ھندستان جو ٻہ ھزار ق.م کان ھزار ق.م وارو دؤر سمجهيو وڃي ٿو. ڪل چار ويد آھن: رگ ويد، سام ويد، يجر ويد ۽ اٿر ويد.

اوائل ۾ ڪنھن بہ قسم جي ڪابہ طبقاتي ورڇ ۽ اوچ نيچ نہ ھئي، نہ ئي معاشي بنياد تي ننڍ وڏائي ھئي ۽ نہ ئي مذھبي بنيادن تي ڪنھن جي برتري ھئي. ماڻهوءَ جو فطرت سان سڌو سنئون ۽ روحاني تعلق ھو. زمين: اخلاق، پوڄا ۽ روحانيت جو مرڪز ھئي، ڇاڪاڻ تہ زرخيزي ۽ تخليقي عمل جو تعلق زمين سان سمجهيو ويندو ھو. اھا سوچ سنڌي سماج ۾ شاھ لطيف جي دؤر ۾ بہ ھئي تہ اڄ بہ آھي.

 ويدن ۾ پوري ڪائنات جي جيوت سان پيار جو اظھار ملي ٿو ۽ انهن ۾ انهيءَ وجود کي وڌيڪ پيار ۽ احترام لائق سمجهيو ويو، جيڪو تخليقي سگهه رکي ٿو. انهن ۾ ڌرتيءَ کان علاوہ ’عورت‘ اھم ھئي، جنھن سان پيار ۽ جمالياتي لڳاءُ رهيو، انهيءَ جا اھڃاڻ ۽ ثبوت موھن جي دڙي مان مليا. موھن جي دڙي جي سماج ۾ تخليق جي حوالي سان عورت ۽ ڌرتيءَ جي پوڄا ٿيندي ھئي، ۽ ٻنهي کي ماتا تصور ڪيو ويندو ھو.

 شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ بہ ڌرتي ۽ ان جي تخليق، ان جا ماڻهو ۽ عورت اھم ۽ بنيادي موضوع آھن.

 ويدن ۾ تخليقي عمل، زندگيءَ جو جوھر آھي ۽ مطلق حقيقت بابت جيڪو بحث ٿيل آھي، اھو ھوبهو سنڌ جي (خاص ڪري شاھ لطيف جي) وحدت الوجودي فڪر سان ملي ٿو. حق سڀ ۾ وسي ٿو، ھُو فطرت ۾ آھي، ھر ذري پرزي ۾ آھي. شاھ لطيف جي پوري ڪلام ۾ اِھائي ڳالهہ ڪيل آھي. مثال طور:

ڪوڙيين ڪايائون تنھنجيون، لِکن لک ھزار،

 جيءُ سڀ ڪنھن جيءَ سين، درسن ڌارو ڌار،

پِرِيمِ! تنھنجا پار، ڪھڙا چئي ڪيئن چُوئان.

 (شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)،’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪلياڻ، داستان 1، بيت 24، ص: 70)

جين مت:

جين ڌرم وارن جو خيال آھي تہ سندن ڌرم يا طريقو تمام پراڻو آھي. موجودہ جين ڌرم جي باني مھاوير کان اڳ ٽيويھ مھاوير ٿي گذريا آھن، جن مختلف زمانن ۾ جين ڌرم جو پرچار ڪيو، پر موجودہ جين ڌرم جي عقيدي موجب سندن ڌرم جو باني مھاوير آھي، جنھن جو اصل نالو ورڌماڻ ھو، جيڪو 527 ق-م کان 599 ق-م تائين زندہ رهيو. انهيءَ زماني ۾ چين ۾ ڪنفيوشس ۽ لائوزي، ايران ۾ زرتشت، عربستان فلسطين ۾ حضرت اسماعيل ۽ حضرت اسحاق پنھنجن مذھبن جي تبليغ ۾ مصروف ھئا.

 جين ڌرم جو مول متو 'نرواڻ` حاصل ڪرڻ آھي، جنھن لاءِ مھاوير ٻہ طريقا بيان ڪيا: ھڪ سلبي ۽ ٻيو ايجابي. سلبي طريقي موجب پنھنجي دل مان ھر قسم جون خواھشون ڪڍي ڇڏيو؛ ڇاڪاڻ تہ خواھشون ڏک ۽ غم جو باعث بنجن ٿيون ۽ ايجابي طريقي موجب انسان جا عقيدا عمل ۽ علم صحيح ھجن، جيڪي ھيٺين بنيادن تي آھن.

 ڪنھن ساھواري کي نہ مارجي ۽ نہ تڪليف ڏجي.

سڌي رستي تي ھلجي، ڪنھن کي نہ ڏکوئجي ۽ ھر ڪنھن سان ميٺ محبت سان ھلڻ گهرجي.

 چوري ۽ پرماريت کان پاسو ڪجي، حلال روزي ڪمائجي ۽ ٻين جا حق ھضم نہ ڪجن.

پاڪائيءَ واري زندگي گذارجي.

حواسن کي قابو ۾ رکجي ۽ مادي لذتن کان پاسو ڪجي.

جين مت جو سمورو فلسفو خواھشن کي ترڪ ڪرڻ تي ٻڌل آھي، جنھن لاءِ ڪنھن عبادت جي ضرورت نہ آھي. جين مت ۾ امن پسندي ۽ عدم تشدد جون حدون تمام گهڻيون وسيع آھن. جين جي عقيدي موجب سڀ کان وڏو گناھ ڪنھن کي ايذاءُ رسائڻ آھي.

 تنھن ڪري جين ڌرم جا پوڄاري ڪنھن بہ ساھواري جو گوشت نہ کائيندا آھن. وات ۽ نڪ تي سَنُڙو ڪپڙو ٻڌندا آھن تہ جيئن ڪو تمام ننڍِڙو ساھوارو ساھ کڻندي نڪ ۾ نہ ھليو وڃي. پيرن ۾ جتي نہ پائيندا آھن، متان ڪو جيت جڻيو جُتيءَ جي زور تي مري پوي، رات ٿيندي ئي ڪنھن مٿانھين جڳهہ تي سُمھي پوندا آھن، بتي نہ ٻاريندا آھن ڇو تہ بتيءَ تي جيت جڻيا اچي گڏ ٿيندا آھن ۽ سڙي مري پوندا آھن.

 جين ڌرم جو اثر سنڌ ۾ ٿرپارڪر ۾ وڏو رهيو. ان اثر سبب ھتي جين مت وارن جا شھر ۽ مندر قائم ٿيا، جيڪي ڪارونجهر جي ڪڙ تي اڃا بہ موجود آھن. گجرات جينين جو وڏو مرڪز رهيو آھي، ننڍي کنڊ جي ورھاڱي تائين ٿرپارڪر ۽ گجرات جو پاڻ ۾ ڌرمي لاڳاپو بلڪل سڌو رهيو آھي.

 اھڙي طرح سنڌ ۾ جيني آبادين جا اثر پھرين صدي قبل مسيح کان شروع ٿيا. ٺٽي جي ڀرسان مڪليءَ جو نالو بہ جين مت جي فرقي ڊيگا ميراس جي نالي تان پيو، جنھن جو ٻيو نالو (مشڪلا) بہ ھو. انهن مرڪزن تي تارڪ الدنيا فقير گوشا نشينيءَ جي زندگي پيا گذاريندا ھئا. سنڌ ۾ جوڳي، ھن ڌرم جي مختلف سلسلن ۽ طريقن وارن جا پوئلڳ آھن.

 توڙي جو شاھ لطيف جي دؤر کان اڳ جين ڌرم جو زور بلڪل ٽٽي چڪو ھو، پر جين ڌرم جي فڪر جو اڻ سڌي ريت سنڌي سماج ۽ شاھ لطيف جي شاعريءَ تي ڪيترين ئي جڳهہن تي جهلڪندو نظر اچي ٿو. ھر وجود ۾ پاڻ کي ۽ ھر وجود جي سوچ ھيٺ ئي پيار ۽ امن سرجي ٿو، جيڪا جين مت جي فلاسافي آھي. شاھ لطيف چوي ٿو تہ:

 پائي ڪانُ ڪَمانَ ۾، مِيان! مارِ مَ مون،

مون ۾ آھِين تون، مَتان تنھنجو ئِي توکي لڳي.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر يمن ڪلياڻ، داستان 6، بيت 10، ص: 117)

 ھي سَڀِ ھَلَڻِ ھارا، ڪونَه رَهندو ڪو ھِتِ، جيڏِيُون!

اَڏِيا رَهندا اِتَھِين، ھي سَڀِ ماڳَ موچارا،

 ڪونَه رَهندو ڪو ھِتِ، جيڏِيُون!

 (شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڏهر، داستان 4، وائي، ص: 890)

ٻُڌ ڌرم:

ٻڌ ڌرم جو باني گوتم ٻڌ (558-478 ق.م) آھي. جڏهن برهمڻ مذھبي آڙ ۾ پنھنجي برتري رکي، عام ماڻهن کي سماجي طور ڌڪاري ڇڏيندا ھئا ۽ سندن مذھبي عقيدو ذات پات جي متڀيد، ڪريا ڪرمن، قربانين، ظاھري پاڪائي، ڏيک ويک تي وڃي بيٺو، ھنن ڌرمي پچار لاءِ ’سنسڪرت‘ کي زور وٺايو، جنھن لاءِ سندن چوڻ ھو تہ اھا اوتارن جي پاڪ زبان آھي. ان ڪري سواءِ برهمڻ ۽ کتري (فوجي عملو) جي ھيٺين ذات وارا اھا نہ ڳالهين. جنھن جو نتيجو اھو نڪتو تہ ھيٺيون طبقو ذات پات، ڇوت ڇات ۽ معاشي ڪمتري ۾ دٻجي ويو. برهمڻن جي اھڙي رَويي جي نتيجي ۾ ’ٻڌ مت‘ جي تحريڪ پيدا ٿي، جنھن ۾ اسان کي ويدن جا اثر بہ ملن ٿا. ويدن ۾ بار بار اھو آيل آھي تہ سچائي يا حقيقت ھڪ لطيف شيءَ آھي، جيڪا عدم وجود يا نيستي آھي. اھا ئي برهما جي اصلي صداقت آھي.

 ٻڌ جو چوڻ ھو تہ جيتري قدر ماڻهو انا کي جڳهہ ڏيندو، اوترو مصيبتن، بيمارين ۽ دنيا جي مسئلن ۾ ڦاسندو ۽ موت جو احساس وڌندو، ۽ موت جو احساس ئي ڏکن ۽ تڪليفن جو ڪارڻ بنجي ٿو. ڇو تہ شخصي وجود محدود آھي ۽ باقي دنيا حريف بنجي سامھون اچي ٿي، ماڻهو ڪل کان ڪٽجي وڃي ٿو. ڪثرت جو ھڪ ذرو ٿي پاڻ کي حد ۾ قيد ڪري ٿو، ۽ حد ۾ رهڻ جھالت آھي، جسم ھڪ قيد خانو آھي، جيڪو محدود دنيا سان لاڳاپا جوڙي رکڻ لاءِ مجبور ڪري ٿو، ۽ دنيا سان لاڳاپا جوڙڻ سان شخصي وجود ۽ انا برقرار رهي ٿي، ڇاڪاڻ تہ جسم سان خواھشون آھن، ضرورتون آھن، جيڪي ڪڏهن بہ ختم ٿيڻ جون ناھن.

 ٻڌ جي فڪر مطابق تہ ڪٿي بہ لذت ناھي، ڪو لمحو جيڪڏھن اسان سک ماڻيون ٿا تہ ان جي پٺيان ڏک ۽ ڪرب جون گهڙيون اچن ٿيون، ۽ اھي مسلسل وڌنديون رهن ٿيون.

ڏُکَ سُکَنِ جِي سُونھن، گهورِيا سُکَ ڏُکَنِ ري!

جَنِين جِي وِرُونھن، سَڄَڻُ آيو مان ڳري.

 (شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر حسيني، داستان 6، بيت 24، ص: 459)

دنيا سان لڳ لاڳاپا ۽ دنيا سان دل لڳائڻ ڪري، اسان جو واسطو اميد نااميدي، محرومي ۽ حاصلات سان پوي ٿو، تنھن ڪري اسان جي دل ۾ حوس، ڪروڌ ۽ لالچ پيدا ٿي سگهن ٿا ۽ اسان ڪنھن کي تڪليف پھچائي سگهون ٿا يا خود اسان کي ڪوئي تڪليف پھچائي سگهي ٿو. زندگي پاڻيءَ جي ڦوٽي وانگر آھي،

 جَرَ ۾ ڦوٽو جِيئَن، لَهريُون لَڳندي اَڌَ ٿِئي،

تُون پُڻ آھِين تِيئَن، دُنيا ۾ ڪو ڏِينهَڙَو.

 (بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (2009ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سريراڳ، داستان 3، بيت 18، ص: 121)

 جڏهن اسان دل دنيا سان لڳايون ٿا، مال متاع، مادي آسائشون حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا. رس ڀري زندگي گذارڻ جي ڪوشش ۾ ويتر اسان پريشاني ۽ نفسا نفسي ۾ ڦاسي وڃون ٿا ۽ موت وڌيڪ تڪليف ڏيندڙ بڻجي وڃي ٿو، جنھن کي دنيا جي ڪا بہ طاقت روڪي نہ ٿي سگهي.

 ڪنھن بہ شيءِ کي بقا ناھي، سواءِ آتما (روح) جي ٻڌ ڌرم ۾ نجات جو رستو صرف ان صورت ۾ آھي تہ، خواھشن کي ترڪ ڪجي، پنھنجي انا، خودي ۽ شخصي وجود جي سڃاڻپ کي گم ڪجي، ھيٺائين وٺجي، نفس کي ماري ڇڏجي، جسماني لڳ لاڳاپا ختم ڪري ڇڏجن. نفعي ۽ نقصان کان ٻوڌي ڀکشو، تارڪ الدنيا ٿي گيڙو ڪپڙا پائي مٿو ڪوڙائي، جهنگلن ۾ گهمندا وتندا آھن. ڪٿي بہ ڪو ٺڪاڻو نہ ڪندا آھن، ڇو تہ ھڪ جڳهہه تي رهڻ سان ان جڳهہ سان دل لڳي ويندي، ۽ روز ڀکشا وٺي کائيندا آھن، پني پيٽ گذر ڪندا آھن.

ڇاڪاڻ تہ ھر شي فنا آھي، جنھن کي ڪا بہ دائميت ناھي، دنيا ھڪ مسلسل وھڪرو آھي. زندگي مختلف لمحن تي آڌاريل موت جي عذاب مان گذري ٿي ۽ ڪائنات جي وسعت ۾ ھڪ جهلڪ وانگر آھي تنھن ڪري ڇا جو ڪروڌ، ھوس، لالچ، دوکو، طمع ۽ خواھشون سڀ بيڪار آھن.

سنڌ ۾ گهڻو تڻو ٻُڌ مت کي موريا خاندان جي راجائن پکيڙيو. بندو سارہ جو پٽ اشوڪا 237 ق-م مڳڌ جي تخت تي ويٺو تہ ھن ٻُڌ ڌرم کي زور وٺائڻ لاءِ افغانستان، بلوچستان، سوات، ڪشمير، سنڌ ۽ نيپال ۾ ڪَتبا ٺھرايا، جن مان ڪجھه اڄ سوڌو موجود آھن. سنڌ ۾ وري مڪاني راءِ گهراڻي ان ڌرم کي زور وٺايو. سندن 11 سؤ سالن واري حڪومتي عرصي ۾ سنڌ ۾ ٻڌمت اوج تي ھو. ٻڌمت جي پرچار لاءِ ’پالي‘ ٻولي کي تقويت وٺائي وئي. جتي جتي بہ ٻڌ ڌرم پھتو، اتي پالي ٻولي رائج ٿي. سنسڪرت وانگر ان جي ڳالهائڻ تي ڪابہ پابندي لاڳو نہ ھئي، بلڪ اھا عام جي ٻولي ھئي. راءِ گهراڻي جي حڪومتي عرصي ۾ اھا سنڌ ۾ عام ڳالهائي ويندي ھئي. ڏکڻ ايشيا جي سڀني ملڪن، سريلنڪا، ٿاءِ لينڊ، ڀوٽان وغيرہ ملڪن ۾ اھا عام ٻولي ھئي. ان جو مثال عرب دنيا جي مشھور ٻولي ’عبراني‘ سان ڏئي سگهجي ٿو. ٻئي ٻوليون Lingua Franca جو درجو رکن ٿيون.

 شاھ لطيف جي دؤر ۾ ٻڌ ڌرم جو نہ اوج ھو نہ ئي ڪا تحريڪ، پر فڪري طور تي سنڌ تي انهيءَ ڌارا جو اثر ھو، جنھن ڪري سنڌ ۾ اسلام جي صورت بہ صوفياڻي نموني سان قبول ٿي ۽ پکڙي. انهيءَ جو سبب، سنڌي سماج تي ٻڌ مت جا اَڻ لکا ۽ گهرا اثر موجود ھئا، جن تحت صبر، ھمدردي، پيار، امن، ٻئي جو ڀلو سوچڻ، ھر ننڍي وڏي وجود کي عزت ڏيڻ، لالچ لوڀ کان پري رهڻ وغيرہ جھڙا عنصر موجود ھئا.

 ھُو چُونِئي، تون مَ چَئو، واتان وَرائٖي،

اَڳِ اَڳرائِي جو ڪري، خطا سو کائٖي،

پاندَ ۾ پائٖي، وِيو ڪِيني وارو ڪِينَ ڪِين.

 (شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر يمن ڪلياڻ، داستان 8، بيت 17، ص: 126)

ناٿ پنٿي:

اکنڊ ڀارت ۾ برهمڻن جي مذھبي سختين ۽ ذات پات جي اونچ نيچ سبب جوڳين جو ٽولو اُڀريو. جوڳي مذھبي ايڪتا واري زندگي اختيار ڪندڙ ھڪ ٽولو رهيا آھن، جنھن جو بنياد بابا گورکناٿ وڌو ۽ جيڪي گرو گورکناٿ جي پنٿ جا پوڄاري ٿيا، تن کي ”ناٿ پنٿي جوڳي“ سڏيو ويو.

جوڳي، ھڪ خاص جاتي آھي. جن جي دعويٰ آھي تہ، جوڳ جي ابتدا گورکناٿ کان ٿي ۽ گرو گورکناٿ اھو طريقو مھاتما شِوَ کان حاصل ڪيو. گرو گورکناٿ جي گُروءَ جو نالو ’مڇيندر ناٿ‘ ھو.

 مھاتما شِوَ، پنھنجي پتني پارپتي ديويءَ کي چيو ھو تہ گورکناٿ جا ڪَن ٽوپي، انهن ۾ سوراخ ڪري ۽ سوراخن ۾ کيس مٽيءَ مان ٺھيل والا يا ڪنڊل پھرائي. پارپتي ديويءَ پوءِ گورکناٿ جي ڪنن ۾ سوراخ ڪري، سندس رت مان ڪپڙو ٻوڙي کيس (گورکناٿ) ڏنو ۽ چيائينس تہ ھُو ھاڻ روز اھو رتو ڪپڙو اوڍيندو ڪري.

ڊاڪٽر غلام علي الانا پنھنجي مقالي ۾ لکي ٿو: ”هڪ ٻيءَ ڏند ڪٿا موجب، بيصورت ۽ بيشڪل (نَرِنجن ۽ نرآڪار) خالق مخلوق، بابا گورکناٿ کي پنھنجي سيني مان جوڙيو، ان ڪري ھن کي ”گهورناٿ “ (Ghornath) بہ چوندا آھن. خالق مخلوق پوءِ ڪائنات جوڙي. ھن جي Navel مان ولين وارا ٻوٽا (Creeping Plants) جوڙيائين. انهن ٻوٽن مان ڪنول جا ٽڙندڙ گل پيدا ڪيائين ۽ انهن مان وشنو، برهما، شِوا ۽ ھڪ خوبصورت خاتون يعني شڪتي پيدا ڪيائين. شڪتيءَ پاڻيءَ ۾ ٽُٻي ھڻي، پاتال ۾ وڃي پنھنجي جاءِ ورتي. ان جڳ ۾ اڃا زمين، آسمان، ھوا ۽ باھ خلقيائي نہ ويا ھئا.“ (سنڌي، حميد، 1993ع، ص: 38 - 39)

 ھن نظريي يا فڪر کي اسماعيلي داعين وضاحت سان بيان ڪيو آھي. اسماعيلي عقيدي جي اوائلي ۽ ابتدائي سکيا جي اڀياس مان معلوم ٿو ٿئي تہ، جوڳ ۽ جوڳ پنٿ، دنيا جي پيدا ٿيڻ سان گڏ وجود ۾ آيا.

عام رواج موجب ڪوبہ ماڻهو، ھندو توڙي مسلمان جوڳي بڻجي سگهي ٿو، پر ان زماني ۾ ھندو ئي جوڳ اختيار ڪندا ھئا. جوڳي بڻجڻ کان پوءِ منجهانئن ذات پات جو ڀيد ڀاؤُ بلڪل ختم ٿي ويندو آھي، يعني تہ جوڳ پنٿ ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ، ڪنھن بہ جوڳيءَ ۾ ذات پات جو ڀيدڀاؤُ ڪونہ رهندو آھي.

 جوڳي بڻجڻ جي خواھش رکندڙ ماڻهو کي دنيا تياڳڻ لاءِ سخت قاعدن ۽ قانونن جي پابندي ڪرڻي پوندي آھي. ھن کي ٽن يا چئن ڏينھن تائين ورت/روزو بہ رکڻو پوندو آھي، جنھن لاءِ شاھ لطيف فرمائي ٿو:

بُکَ وِڌائُون بگِرِئين، جوڳِي ڪندا جُڃَ،

طَلَبَ نَه رَکَنِ طَعامَ جِي، اوتِيو پِيئَنِ اُڃَ،

 لاھُوتين، لَطِيفُ چي، مَنُ ماري ڪِيو مُڃَ،

سامِي جهاڳي سُڃَ، وَسِينءَ کي ويجها ٿِيا.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)،’شاھ جو رسالو‘، سُر رامڪلي، داستان 9، بيت 1، ص: 817)

ٽن ڏينھن جي روزي واريءَ منزل کان پوءِ، زمين ۾ خنجر کوڙي ھن کان قسم کڻايو ويندو آھي، جنھن موجب ھُو واعدو ڪندو آھي تہ:

  • پاڻ کي، دنيا جي ڪنھن بہ وڻج واپار ۾ رُڌل نہ رکندو.
  • ڪا بہ نوڪري چاڪري نہ ڪندو.
  • ڪنھن بہ ڳالهہ تان، ڪنھن سان ناراض نہ ٿيندو، جهيڙو جهٽو نہ ڪندو، چاھي کڻي کيس ڪو گاريون ڇونہ ڏي.
  • ھُو شادي نہ ڪندو.
  • گوشت، مڇي ۽ شراب نہ واپرائيندو.

جوڳي بڻجڻ لاءِ ھر شخص کي گهٽ ۾ گهٽ ٽي منزلون ضرور طئي ڪرڻيون پونديون آھن.

  1. پھرين منزل موجب ھن کي چيلو يا شاگرد ٿي رهڻو پوندو آھي.
  2. ٻي منزل موجب، ھن کي اوگڻ يا سنياسي ٿي رهڻو ھوندو آھي. سنياسيءَ واري منزل کي اداسي يا ويراڳ / ويراڳي چوندا آھن، جنھن ۾ دنيا تياڳڻ جو شرط لازمي ھوندو آھي. ھن منزل دوران ڪنيا ناٿ ۽ جلندر ناٿ جي چيلن طور زندگي گذارڻي ھوندي آھي، پر جيڪي ڪَنَ ڦَٽَ، ڪَنَ ڪَٽَ يا ڪَنَ چِير جوڳي ھوندا آھن، سي گرو گورکناٿ ۽ بابا مڇيندر ناٿ جا پوئلڳ ھوندا آھن.
  3. ٽين ۽ آخري منزل، ڪَنَ چِير، ڪَنَ ڪَٽَ ۽ ڪاپٽ ڪاپڙين واري ھوندي آھي. جوڳي پنھنجو پاڻ کي ڪَنَ ڪَٽَ، ڪَنَ ڦَٽَ يا ڪَنَ چِير ڪونہ سڏيندا آھن، تنھن ڪري سندن لاءِ اھي لفظ لقب طور ڪم ايندا آھن.

 انهن ٽنهي منزلن واري عرصي ۾، انهن جوڳين جا ٻيا بہ لقب مقرر ٿي ويندا آھن ۽ انهن سان سندن درجي بندي ٿي ويندي آھي، جيئن:

  1. بسترداري – ھي جوڳي مڙهين ۽ مَٺن ۾ رهندا آھن.
  2. دُڌ داري – ھي جوڳي اناج ڪونہ واپرائين، پر کير تي گذارو ڪندا آھن.
  3. جٽا داري – ھي جوڳي وڏيون وڏيون جٽائون رکندا آھن.
  4. اَتيت – ھي جوڳي دنيا تياڳي ھوندا آھن ۽ دنياداريءَ کان بي پرواھ ھوندا آھن.

 ھن قسم نامي کان پوءِ، گُرو سندس مٿو ڪوڙيندو آھي. مٿي ڪوڙائڻ کان پوءِ، ھُو جڻيو لاھي ڇڏيندو آھي ۽ گروءَ جي دونھينءَ جي رَک سان، پنھنجي جسم کي ڀَڀوت ڪندو آھي. ٻين لفظن ۾ ھيئن چئبو تہ ھُو رَک سان سنان ڪندو آھي. رَک يا مٽيءَ سان جسم کي ڀڀوت ڪرڻ واري انهيءَ عمل کي دنيا ترڪ ڪرڻ يعني دنيا تياڳڻ واري علامت چئبو آھي. انهيءَ عمل کان پوءِ ھُو گيڙو رتا ڪپڙا پائيندو آھي ۽ لنگوٽي ڍڪيندو آھي. گيڙو رتن ڪپڙن کي شاھ لطيف ’ڌاڄا‘ سڏيو آھي.

 اَڄُ مَلِيندِيَس، ماءِ! ڌاڄا ڪَندِيَسِ ڪَپِڙا،

جِيجان! جوڳِياڻِي ٿِيان، مُون کي جَهلَ مَ پاءِ،

 ھوتَ ٻَروچي لاءِ، ڪَنيٖن ڪُنِرَ پائيان.

 (شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سسئي آبري، داستان 4، بيت 10، ص: 299)

ان کان پوءِ گرو ھُن کي جوڳين واري پڳڙي يا ٽوپي پھرائيندو آھي ۽ ڪفني ڍڪائيندو آھي. ڪفني پائڻ بہ دنيا تياڳڻ جي علامت آھي.

 ھن منزل تي پھچڻ کان پوءِ ڇھن مھينن جي عرصي کان پوءِ جوڳ پنٿ موجب، گرو ھن جا ڪن ٽوپيندو ۽ سندس ڪنن ۾ ڪنڊل يا والا وجهندو آھي. انهيءَ منزل تي پھچي ھُو ويراڳي بڻجي ويندو آھي ۽ دنيا تياڳڻ واري منزل ۾ داخل ٿي ويندو آھي. ھاڻ گرو ھن کي رازداريءَ ۾ منتر يا ٻول سيکاريندو آھي ۽ ويراڳ واري راھ تي لائيندو آھي. ھن منزل کان پوءِ ھُو پاڻ کي ’ناٿ‘ سڏائي سگهندو آھي. ناٿ بڻجڻ يا ناٿ بڻجڻ واري منزل، جوڳي پنٿ ۾ داخل ٿيڻ جي اعليٰ منزل سمجهي ويندي آھي.

 جوڳ پنٿ جي روايتي تاريخ (Oral History) مان معلوم ٿو ٿئي تہ، ننڍي کنڊ جي قديم خِطن مان، اولهه، اتر – اولهه ۽ ڏکڻ – اولهه واري خطي مان پنجاب ۽ سنڌ ۾ گرو گورکناٿ جي تحريڪ جو گهڻو اثري رهيو آھي. بابا گورکناٿ ئي جوڳ پنٿ جو بنياد وڌو ۽ سندس پوئلڳ ’ناٿ پنٿي جوڳي‘ سڏبا آھن. گورک پنٿ جو پنھنجو جهنڊو بہ ٿيندو آھي، جنھن ۾ ناٿ پنٿي جوڳي مور جا کنڀ ٻڌندا آھن. اھو جهنڊو ھُو ھميشه پاڻ سان کڻندا آھن.

 ناٿ پنٿي جوڳين جي خاص نشاني اِھا آھي تہ، ڪَنَ ڪَٽَ يا ڪَنَ ڦَٽَ ھوندا آھن، يعني تہ ناٿ پنٿي جوڳين جي ڪنن ۾ وڏا وڏا سوراخ ھوندا آھن، جن ۾ ھُو عاج، مٽي، ھڏي يا مڇيءَ جي ڪنڊي مان ٺھيل ڪُنڊل، ڪينرَ ۽ والا وجهندا آھن، ان ڪري انهن کي ڪَنَ وڍيا، ڪَنَ ڪَٽَ، ڪَنَ چِير يا ڪَنَ ڦٽ جوڳي سڏيندا آھن. کين لاھوتي جوڳي بہ سڏيندا آھن. شاھ لطيف اھڙن جوڳين لاءِ فرمائي ٿو:

ڪَنَ ڪَٽَ، ڪَاپَٽَ، ڪَاپَڙِي، ڪَنوَٽِيا، ڪَنَ چِيرَ،

سَدا وِھَنِ سامُھان، عاشِقَ اُتَرَ ھِيرَ،

 تَسِيا ڏيئِي تَنَ کي، ساڙِيائُون سَرِيرَ،

 ھُو جي فَنا ٿِيا فَقِيرَ، ھلو تَھ تَڪِيا پَسُون تَنِ جا.

 (شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)،’شاھ جو رسالو‘، سُر رامڪلي، داستان 3، بيت 4، ص: 790)

ڪَنَ ڪَٽَ، ڪَاپَٽَ، ڪَاپَڙِي، لَانگَوٽِيا لَالَ،

 لاھُوتِي لَطِيفُ چي، موھِيا ڪنھن نہ مالَ،

 ھِهڙا وَٺِي حالَ، ھَلو تَھ تَڪِيا پَسُون تَنِ جا.

 (شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)،’شاھ جو رسالو‘، سُر رامڪلي، داستان 3، بيت 7، ص: 791)

ناٿ پنٿي فڪر جا جوڳي پنجاب، سنڌ، راجسٿان ۽ اوڀر ھند تائين پکڙيل آھن. انهن سڀني خطن ۾ ناٿ پنٿ، ۽ مسلمان صوفين جا ھڪ ٻئي تي اثر پيا ۽ وڌيا. اڄ بہ مسلمان جوڳي فقير، گيڙو رَتيون ڪفنيون پائي، بُگريون/گودڙيون ڪلھن ۾ وجهي، مُرليون وڄائيندا، ڳوٺ ڳوٺ، وستي وستي گهمندا، پنندا، ٺٽي ۽ مڪليءَ جي پيرانديءَ ۾ گورکناٿ جي مڙهيءَ ۾ تڪيا ڪندا، چلا ڪڍندا، راتيون ٽڪندا، لڪيءَ وٽ ڌارا تيرٿ جي پاڻي جي پوڄا ڪندا، اکا وجهندا، سيوھڻ شريف ۾ لال جي باغ وٽ ڍاٻا ڪندا، جھانگارن ۽ باجارن کان اڳتي نئنگ وٽ موليٰ عليءَ جي چشمن واري پاڻيءَ ۾ وھنجي پوتر ٿيندا، ڪريا ڪرم ادا ڪندا، اڳتي اولهه طرف کيرٿر جبل اُڪري، بلوچستان ۾ شاھ بلاول نورانيءَ جي درگاھ تي سلام ڀريندا، حاضريون ڏيندا، ھنگلاج، لاھوت لامڪان ۾ ناني ديويءَ جي زيارت ڪندا ۽ جاٽائون ڏيندا، ڪجھه ڏينھن قيام ڪري چلا ڪڍندا، تپسيائون ڪندا، واپس ورندا آھن ۽ سنڌ ۾ گنجي ٽڪر وٽ نانيءَ جون جاٽائون ڪندا آھن.

 ناٿ پنٿي جوڳي ھڪ طرف ھنگلاج ۽ لاھوت لامڪان تائين ويندا آھن تہ ٻئي پاسي اوڀر طرف گرنار، دوارڪا ڏانھن بہ ياترائون پوريون ڪرڻ لاءِ ويندا آھن.

 شاھ لطيف تي ناٿ پنٿي جوڳين جو تمام گهرو اثر پيل معلوم ٿئي ٿو، جو پاڻ انهن سان سفر ڪيو، چلا ڪاٽيا، تپسيائون ڪيائون ۽ مڪمل سُر رامڪلي چيائين.

 شاھ لطيف، سُر رامڪليءَ ۾ سامين کي جتي ”راول“ سڏيو آھي، اُتي ھو ”ناٿ“ جوڳين جو بہ ذڪر ڪري ٿو. ناٿ جوڳي گهڻو ڪري مسلمان ھوندا آھن. شاھ لطيف فرمائي ٿو:

نَانگَنِ ڪِينَ نَمايو، نَاٿُ نَمايو نِينھَن،

 مَڙهينِ اُٺا مينھَن، جوڳيان سَندِيءَ ذاتِ کي.

 (شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)،’شاھ جو رسالو‘، سُر رامڪلي، داستان 6، بيت 7، ص: 805)

 نَہ ڪِيِ نَمَنِ نَاٿَ کي، نَاٿُ نَہ نَمائِينِ،

جَاٽَا ڪَن نہ جَوڳَ جِي، جَوڳُ نہ جُھارِين،

 آديسِي آڻِينِ، اُھڃاڻِيُون اَلماسَ جُون.

 (شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)،’شاھ جو رسالو‘، سُر رامڪلي، داستان 6، بيت 8، ص: 805)

راول جوڳين لاءِ شاھ لطيف فرمائي ٿو:

ويراڳِي واڳِي، ڏِينِ ڏِيھاڙِي ڏِيلَ کي،

رَاوَلَ رَتِيِن مَولِهئيِن، سَامي سُهاڳِي،

 لَنءُ جَنِين سين لاڳِي، سي جوڳِي پَسان تَھ جِيان.

 (شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)،’شاھ جو رسالو‘، سُر رامڪلي، داستان 7، بيت 15، ص: 811)

پارس ناٿ جوڳين جا طور طريقا، راول جوڳيءَ سان ملن جلن ٿا. پارس ناٿ، مڇيندر ناٿ جي ٻن پٽن مان ھڪ جو نالو ھو. ھن پار ناٿ جوڳي پنٿ جو بنياد وڌو.

 شاھ لطيف، سُر رامڪليءَ ۾ جوڳين جا چوڏھن قسم بيان ڪيا آھن، اُھي ھي آھن: جوڳي، جوڳيئڙا، لاھوتي، ويراڳي، ڪاپڙي، فاني، بابو، راول، بيکاري، نانگا، سامي، مھيسي، آديسي،۽ لانگوٽيا. جوڳين جا قسم سُر رامڪليءَ مان بيت:

  1. جوڳي:

جي ڀائين جوڳِي ٿِيان، تَھ مَنُ پوري مَنجِهه مارِ،

دائِمُ دُونھين دِلِ ۾، مَنَ سين مالِها وارِ،

 سَھُ سَڀڪا آرِ، آگي جِي آدَبَ سين.

 (شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)،’شاھ جو رسالو‘، سُر رامڪلي، داستان 4، بيت 6، ص: 794)

  1. جوڳيئڙا:

نُورِي ۽ نارِي، جوڳيئڙا جَھانَ ۾،

ٻَرِي جَنِ ٻارِي، آئون نَه جِيئندي اُنِ ري.

 (شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)،’شاھ جو رسالو‘، سُر رامڪلي، داستان 1، بيت 1، ص: 778)

  1. لاھوتي:

 ٽينءَ منزل تي پھتل جوڳي. ڪل منزلون آھن: ناسوت، ملڪوت، لاھوت ۽ ھاھوت.

 لَکين ڪِيا لَسانَ سين، لاھُوتِيَنِ لوڙا،

 گهوڙا ڙي گهوڙا! آئون نَه جيئندِي اُنِ ري.

 (شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)،’شاھ جو رسالو‘، سُر رامڪلي، داستان 1، بيت 3، ص: 778)

  1. ويراڳي:

دنيا تياڳيندڙ، دنيا ترڪ ڪندڙ، تارڪ.

ڳولِيانِ ۽ ڳُنڌِيانِ، وِيا ويراڳِي نِڪِري،

صُحِبَتَ جا سَندِيانِ، آئون نَه جيئندِي اُنِ ري.

 (شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)،’شاھ جو رسالو‘، سُر رامڪلي، داستان 1، بيت 4، ص: 778)

  1. ڪاپڙي:

قَدَمَ ڪاپَڙِيَنِ جا، لَڳا ۾ لاھُوتَ،

 جَنِين سين ياقُوتَ، آئون نَه جيئندِي اُنِ ري.

 (شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)،’شاھ جو رسالو‘، سُر رامڪلي، داستان 1، بيت 7، ص: 778)

  1. فاني:

ويراڳِيَنِ وَرَنُ، ڏِسَڻُ گَهڻُو ڏُهِلو،

 ھِڪُ ٻولڻُ ٻوڙَنِ سين، ٻِيو سَندا فانِيَنِ فَنَ،

ڪِي گُهرجَنِ ڪَنَ، آئون نَه جيئندي اُنِ ري.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)،’شاھ جو رسالو‘، سُر رامڪلي، داستان 1، بيت 34، ص: 784)

  1. بابو:

بابُو بِيکارِي ٿِيا، اَڇُ نَه آسَڻُ وَٽِ،

خُودِي کانئي ھَليا، پيرُ نَه لائِينِ پَٽِ،

ھَئي ھَئي جَنِينِ ھَٽِ، آئون نَه جيئندِي اُنِ ري.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)،’شاھ جو رسالو‘، سُر رامڪلي، داستان 1، بيت 23، ص: 782)

  1. بيکاري:

بابُو بِيکارِي ٿِيا، ڀَڃِي ڇَڏِيائُون ڀاڻُ،

نِسورو ئِي نينھن جو، نانگَنِ وَٽِ نِڌاڻُ،

سِرِ کَنڊُ جَنِين ساڻُ، آئون نَه جيئندِي اُنِ ري.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)،’شاھ جو رسالو‘، سُر رامڪلي، داستان 1، بيت 24، ص: 782)

  1. نانگا: تارڪ، لانگوٽي ٻڌڻ وارا جوڳي.

نانگا نانِيءَ ھَلِيا، چيلِها چيلِهه ٻَڌَنِ،

 ھو جي ھُتِ ھَلَنِ، آئون نَه جيئندِي اُنِ ري.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)،’شاھ جو رسالو‘، سُر رامڪلي، داستان 1، بيت 27، ص: 783)

  1. سامي:

نانگ پوڄا وارا، نانگ جي منڊ جا ماھر جوڳي.

نانگا نانِيءَ ھَلِيا، سامي سَڀيئِي،

 وَھَڪَ مُون ويئي، آئون نَه جيئندِي اُنِ ري.

 (شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)،’شاھ جو رسالو‘، سُر رامڪلي، داستان 1، بيت 25، ص: 782)

  1. راول:

ويراڳِي واڳي، ڏِينِ ڏِيھاڙِي ڏِيلَ کي،

راوَلَ! رَتين مولهئين، سامِي سُهاڳِي،

 لنءُ جَنِين سين لاڳِي، سي جوڳِي پَسان تَہ جِيان.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)،’شاھ جو رسالو‘، سُر رامڪلي، داستان 7، بيت 15، ص: 811)

  1. مھيسي:

 نانگا نانِيءَ ھَلِيا، ھِنگلاجان ھَلِي،

 ديکِي جَنِ دُوارِڪا، مَهيسِنِ مَلھِي،

 آڳَھُ جَنِ عَلِي، آءٌ نَه جيئندِي اُنِ ري.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)،’شاھ جو رسالو‘، سُر رامڪلي، داستان 1، بيت 27، ص: 783)

  1. آديسي:

آديسِي آديس، ھِئائِين ڪَري ھَلِيا،

 ڪاپَڙِيَنِ قَلبَ ۾، ڪِيو ڏُوراڻو ديسُ،

ويراڳي نَئُون ويسُ، راوَلَ ڍَڪي رَمِيا.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)،’شاھ جو رسالو‘، سُر رامڪلي، داستان 7، بيت 11، ص: 810)

  1. لانگوٽيا:

ڪَنَ-ڪَٽَ، ڪاپَٽَ، ڪاپَڙِي، ڪَنوٽِيا، ڪَنَ ڌار،

 ھَلَنِ جي ھنگلاجَ ڏي، بابُو ڇَڏي بارَ،

جي ڪِينَ قَبُولَڻَهارَ، ھَلو تَھ تَڪِيا پَسُون تَنِ جا.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)،’شاھ جو رسالو‘، سُر رامڪلي، داستان 3، بيت 7، ص: 791)

ڀڳتي تحريڪ:

سنڌ ھند ۾ برهمڻ مت جي ناانصافين جي نتيجي ۾ ٻڌ مت ۽ جين مت کان علاوہ سک مت بہ باغي ٽولي طور جنم ورتو، جنھن اڳتي ھلي ’ڀڳتي تحريڪ‘ کي نروار ڪيو.

خدا جي صفتن کي اسلامي اصطلاحن ۽ ھندو ڌرم جي اصطلاحن سان ملائي ھڪ تصور پيش ڪرڻ، تهذيب ۽ مذھب جو اشتراڪ ڪرڻ، سنڌ جي فڪر ۽ اسلامي فڪر جو ميل ڪري، تصوف کي پروان چاڙهڻ ۾ ڀڳتي تحريڪ جو بہ وڏو ھٿ آھي. ڀڳتي تحريڪ جي شروعات ٻارهين صدي ۾ ٿي، جنھن جا باني سوامي رامائج آنند تيرٿي (1016ع-1117ع) وشنو سوامي ۽ باسو ھئا.

 سنڌ ۾ ڀڳتي تحريڪ جي پرچار ڪرڻ وارن ۾ نام ديو ساڌنا ۽ گرونانڪ زيادہ مشھور آھن. ڀڳتي تحريڪ جو مقصد پريم جو پرچار ڪرڻ ھو. خدا ۽ انسان وچ ۾، انسان ۽ انسان وچ ۾ پريم جو پرچار ڪرڻ ھو.

 گرونانڪ جو مقصد ھندو ۽ مسلمانن ۾ اتحاد قائم ڪرڻ ھو. ھن جو چوڻ ھو تہ ڪائنات ۾ صرف ھڪ خدا آھي، جنھن جو ڪو شريڪ ناھي.

 مجموعي طور ڀڳتي تحريڪ وارا سماج ۾ طبقاتي

 ننڍ وڏائي جي خلاف ھئا. سندن چوڻ ھو تہ سڀئي انسان برابر آھن، خدا تائين رسائي صرف محبت جي ذريعي ٿي سگهي ٿي ۽ انهيءَ مقصد لاءِ مذھبي قيد بي جواز آھي.

 ھيءَ تحريڪ روحاني رجعت پسندي ۽ عقيدہ پرستيءَ جي خلاف ھئي. ھُو ذات پات جا سخت دشمن ھئا. سندن چوڻ ھو تہ سچائي ھڪ آھي ۽ ان جو اظھار بي شمار مختلف صورتن ۾ ٿئي ٿو، تنھن ڪري ھڪ صورت کي درست چوڻ ۽ ٻين کي غلط چوڻ نامناسب آھي. خدا ھڪ آھي ۽ ان ڪري سڀ انسان برابر آھن. ھندو مسلم جي ورھاست بي معنيٰ آھي. ھن تحريڪ کي اڳتي وڌائڻ ۽ شاعري ذريعي پنھنجي فڪر کي ماڻهن تائين پھچائڻ ۾ ’ڀڳت ڪبير‘ اھم ڪردار ادا ڪيو.

 اھڙيءَ طرح سنڌ ۾ اسلامي فڪر جي واڌ ويجهه تصوف جي شڪل ۾ ٿي. تصوف جي فڪري گهرائيءَ ۾ ڏٺو وڃي تہ سنڌ جي سرزمين انهيءَ لاءِ زيادہ موزون ھئي. بنيادي طرح صوفي ھڪ بيچين وجود ھوندو آھي، ھُو پنھنجو پاڻ مان بہ مطمئن ڪونہ ھوندو آھي، ھُو بھتري جي تلاش ۾ ھوندو آھي.

 شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ تي ڀڳتي تحريڪ جا گهرا اثر نظر اچن ٿا. سُر رامڪلي ۾ جوڳين، ناٿن، ڪاپڙين ۽ سنياسين سان سفر، چلا ڪاٽڻ ۽ ھندن جي ڏڻ، ڏياريءَ کي ڳائڻ تہ ھندئن جي اوتار ’رام‘ جو پنھنجي ڪلام ۾ ذڪر ڪيو آھي:

 روح ۾ رَهِيُنِ رامُ، ٻَھَر ٻولين ڪي ٻيو،

پيالو پُر ڪري، جوپُ پيتائون جامُ،

 تِھان پوءِ تمامُ، تَنِ تَڪِيا تاڪي ڇڏيا.

 (شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)،’شاھ جو رسالو‘، سُر رامڪلي، داستان 1، بيت 2، ص: 804)

 تہ ٻئي پاسي ڪوڙي ۽ منافق کي نندڻ، پوءِ چاھي ڪنھن بہ مذھب يا ڌرم سان تعلق رکندڙ ھجي.

 ڪوڙو تون ڪفر سين، ڪافر مَ ڪوٺاءِ،

 ھندو ھڏ نہ آھيين، جَڻيو تو نہ جُڳاءِ،

تلڪ تنين کي لاءِ، سچا جي شرڪ سين.

 (شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)،’شاھ جو رسالو‘، سُر آسا، داستان 4، بيت 15، ص: 723)

ڀڳتي تحريڪ جو بنيادي نڪتو رواداري، پيار، انسانيت ۽ سچائي آھي. شاھ لطيف جي ڪلام جو پڻ اھو ئي محور آھي.

 صوفي شھيد شاھ عنايت واري تحريڪ:

صوفي شاھ عنايتؒ، جڏهن سمورن ظاھري ۽ باطني علمن سان سينگارجي، اچي جهوڪ شريف وسائي تہ ان وقت مغل شھنشاھيت جو ڇٽ، شھزادي فرخ سير جي سر تي ھو. سندس ڪم عقليءَ ۽ عياشين جي ڪري، ھندستان ۾ وڏا وڳوڙ پيدا ٿيا، ننڍيون ننڍيون تحريڪون ۽ ڇڙوڇڙ بغاوتون تہ مغل بادشاھت خلاف اڳ ۾ ئي شروع ٿي چڪيون ھيون، جن لاءِ ٻرنديءَ تي تيل وارو ڪم ھن دؤر ۾ ٿيو ۽ جنھن جا اُلا سنڌ تي بہ اچي ڪريا، جو ان وقت، سنڌ جون مڪاني قوتون، وڏيرن، زميندارن، جاگيردارن، پيرن ۽ مغل عملدارن جي ھٿ ۾ ھيون. انهن جي ذاتي مفادن جي اندروني جهيڙن ھوندي بہ، سنڌ جي غريب عوام تي انهن قوتن جو گڏيل قبضو ھو، جنھن ڪري ھتي جي رهاڪن جا سڀيئي انساني حق کانئن کسيل ھئا. سنڌ جي معاشي حالت، حد کان وڌيڪ خراب ھئي. تنگ دستي ۽ بُک، انتھا تي پھچي چڪيون ھيون. انهيءَ بدحاليءَ واري دؤر ۾، تبديليءَ جي ڏس ۾، شاھ عنايت شھيد جو نالو مٿانھون آھي. ۽ کيس پھريون زرعي ۽ سماج سڌارڪ سمجهيو وڃي ٿو، جنھن دنيا جي تاريخ ۾ پھريون ڀيرو اجتماعي زراعت جو بنياد رکيو، جنھن جي نتيجي ۾ مڪاني ننڍا وڏا جاگيردار، مير، پير، وڏيرا ۽ خود مغل حڪمران، سندس خلاف ٿي پيا. ھن طبقاتي ڦُرلٽ ۽ بي انصافيءَ واري دؤر ۾، سنڌ جي عوام کان حڪومتي ڍل يا اوڳاڙي سراسر ناانصافيءَ تي ٻڌل ھئي.

 اُھا سموري آمدني، سنڌ جي غريب عوام جي رت ۽ پگهر مان وصول ڪئي ويندي ھئي. انهيءَ طبقاتي ڦُرلٽ ۽ بي انصافيءَ واري سرشتي ۾، مسڪين ھارين کي معاشي جبر کان آجو ڪرائڻ لاءِ، صوفي شاھ عنايت، ھڪ اھڙو معاشي انقلابي سرشتو متعارف ڪرايو، جيڪو مظلومن جي خوشحاليءَ جو مظھر ھو.

 ھڪ طرف ملڪ جون اُھي اَبتر حالتون ۽ ٻئي پاسي صوفي شاھ عنايت جي اُن زراعتي سرشتي جو چوٻول، عام ٿيڻ لڳو، جنھن ڪري مختلف علائقن کان ٽولن جا ٽولا اچي سندس روحاني حلقي ۾ شامل ٿيڻ لڳا. انڪري نہ رڳو جاگيردار ۽ وڏيرا، پر پير، ملان، مولوي ۽ حڪمران طبقو پڻ ناراض رهڻ لڳو ۽ سندن وجود ۽ تحريڪ کي پنھنجي تسلط خلاف بغاوت تصور ڪرڻ لڳو.

 شاھ عنايت، پنھنجي نظريي کي عملي جامو پھرائڻ لاءِ، پنھنجي طريقي کي ھڪ تحريڪ جي شڪل ڏني، جيڪا روحاني تحريڪ سان گڏوگڏ انقلابي تحريڪ پڻ ھئي.

 بقول پير حسام الدين راشديءَ جي، شاھ عنايت پنھنجي وقت جو پھريون زرعي نعرو ’جو کيڙي سو کائي‘ ھنيو. انهيءَ اصول کي نظر ۾ رکندي، اعلان ڪيائين تہ، زمين جو اصل مالڪ خداوند ڪريم آھي ۽ ھن دنيا ۾ جيڪو بہ اُن زمين کي کيڙي ٿو، سو ان جو مالڪ آھي. انهيءَ نقطئي نظر پٽاندڙ جهوڪ ۾، پنھنجن مائٽن جون زمينون، جيڪي کيس ان وقت جي دستور موجب (ان دؤر جو دستور ھو تہ زمين جو ڪجهہ حصو مدرسن، خانقاھن، مشائخن ۽ عالمن کي خرچ پکي طور ڏنو ويندو ھو ۽ ان تان ڍل نہ ورتي ويندي ھئي.) تيموري سلطانن طرفان مليل ھيون، سي عام انسانن ۽ غريبن ۾ ورھائي ڇڏيون. اھڙيءَ ريت، صوفي شاھ عنايت، سماجي انقلاب جو پرچار ڪندي، پنھنجي اباڻي ملڪيت/زمين کي گڏيل ملڪيت قرار ڏيندي، ھڪ اھڙي سماج جو بنياد رکيو ۽ انهيءَ کي عملي طور ھلائڻ جي ڪوشش بہ ڪئي، جنھن جي پيداوار ۽ آمدنيءَ تي سڀنيءَ جو برابر جو حصو قائم ٿيو ۽ درجي بہ درجي انهيءَ سرشتي ۾ شامل ٿيندڙن جي معاشي حالت بھتر ٿيندي وئي. انهيءَ صورتحال کي ڏسندي، نتيجو اھو نڪتو، جو وقت جي حاڪمن، زميندارن ۽ پيرن کي ڏاڍي ڪاوڙ بہ لڳي، بعد ۾ اھي ئي اختلاف، سرڪاري قابض ڌُرين جي خواھش پٽاندر صوفي شاھ عنايت جي شھادت جو سبب بڻيا. شاھ عنايت ۽ سندس فقيرن جو اثر رسوخ وڌندو ويو. ڪيترائي غريب غربا ۽ ٻيا ماڻهو مغل عملدارن، وڏيرن ۽ جاگيردارن جي ظلم جا ستايل بہ فقيرن جي پناھ ھيٺ آيا ۽ وٽن اچي آباد ٿيا. جن فقير جون زمينون نورمحمد پليجي ۽ حمل پٽ لاکي جت جي ملڪيتن اندر ھيون، انهن سان باھمي رقابت ۽ عداوت زور وٺندي وئي. انهن ڏينھن ۾ دھلي حڪومت جي طرفان مغل حاڪمن، ٺٽي جي گورنر، لطف علي خان کي عھدي تان ھٽائي 1128ھ/1716ع ۾ نواب اعظم خان کي ٺٽي جو گورنر مقرر ڪيو ويو ھو. ھن، جهوڪ پھچي فقيرن کان سندن زمينن جي ڍل طلب ڪئي، جيئن تہ اھا ڍل، سلطان جي حڪم تي کين معاف ٿيل ھئي، ان ڪري فقيرن اھا ڏيڻ کان معذرت ڪئي.

 اُھي وڏيرا ۽ سرڪاري دلال، جيڪي موقعي جي تاڙ ۾ ھئا، تن سرڪاري عملدارن جي ذريعي، نواب اعظم خان کي ڀڙڪايو تہ فقير، سلطنت جي انتظام ۾ خلل وجهي رهيا آھن. اھڙين ڳالهين کي نظر ۾ رکندي، علائقي جي زميندارن ۽ ٺٽي جي مغليہ گورنر، نواب اعظم خان سان گڏجي، شاھ عنايت ۽ سندس فقيرن جي تحريڪ کي بغاوت ظاھر ڪري، شاھي درٻار مان سندن خاتمي لاءِ حڪم نامو جاري ڪرايو. اِھڙيءَ ريت سنڌ جي سمورن پرڳڻن مان فوج جمع ڪري، يار محمد ڪلهوڙي جي اڳواڻيءَ ۾ شاھ عنايت تي حملو ڪيو ويو. جڏهن فقيرن بهادريءَ سان مقابلو ڪيو، تڏهن مخالف فوج مجبور ٿي، شاھ عنايت کي جنگبندي ۽ صلح جي درخواست ڪئي ۽ قرآن پاڪ تي قسم کڻي، دوکي ۽ دغا نہ ڪرڻ جي خاطري ڪرائي. ھيڏانھن شاھ عنايت بہ عام خلق جي ڀلائيءَ کي نظر ۾ رکندي، تُرت اُن آڇ کي قبول ڪيو، پر پوءِ شاھ عنايت کي انهيءَ دوکي ۾ رکندي، کيس قيد ڪري، شھيد ڪيو ويو. انهيءَ سازش ۾ ميان يار محمد ڪلهوڙو برابر جو شريڪ ھو.

 شاھ عنايت جي تحريڪ، مظلومن ۽ محڪومن کي غلاميءَ، خواريءَ ۽ بيوسيءَ جي زندگيءَ مان آزاد ڪرائي، سندن جائز حق ڏيارڻ لاءِ آواز بلند ڪيو، جنھن تي وقت جي حاڪمن کيس اِھا سزا ڏني.

 شاھ عنايت جي شھادت وقت، شاھ لطيف 28 سالن جي عمر جو ھو، سُر رامڪليءَ جا ھيٺيان ڪجهہ بيت، اُن واقعي جي پس منظر ۾ چيل لڳن ٿا:

اَڄُ نَه اوطاقُنِ ۾، جاڳَر جوڳِيئَڙَنِ جو،

ساريٖ سَناسِيَن کي، رُوندين تان رو،

پَسُ! پارِئان تو، لاھُوتِي لَڏي وِيا.

شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر رامڪلي، داستان 8، بيت 7، ص: 814)

اَڄُ نَه اوطاقُنِ ۾، سَندِي جوڳين جوڙَ،

ساري سَناسين کي، کامِي ٿِيَس کوڙَ،

مَنَ جَنِين سان موڙَ، سي لاھُوتِي لَڏي وِيا.

 (شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر رامڪلي، داستان 8، بيت 9، ص: 815)

 ھي دؤر، معاشي ۽ سياسي بدحاليءَ وارو دؤر ھو. عوام مظلوميت، نااميديءَ ۽ نراسائيءَ جو شڪار ٿي چڪو ھو. اھڙين حالتن سبب، شاھ عنايت جي سوچ ۾ ھڪ تعميري فڪر جنم ورتو ۽ اھو فڪر پنھنجي دؤر ۾ ھڪ اھم تحريڪ جي صورت ۾ اڀريو، جنھن شاھ لطيف جي ذھن ۽ فڪر تي اڻ مٽجندڙ اثر وڌو.

مخدوم عبدالرحمان ’کھڙن واريٖ‘، واري تحريڪ:

ميان نور محمد ڪلهوڙي جي حڪومتي دؤر ۾، نہ رڳو عام ماڻهن پر الله لوڪ صوفي بزرگن جي زندگين ۾ پڻ ڏکائيون ۽ مشڪلاتون پيدا ڪيون ويون. ميان نور محمد ڪلهوڙو ھڪ تنگ نظر مذھبي شخص ۽ حڪمران ھو. کيس ھر وقت پنھنجي تخت جي ڳڻتي رهندي ھئي، جنھن ڪري ھن، عام ماڻهن جي سماجي توڙي معاشي سڌاري واري عمل کي مفلوج بنائڻ سان گڏ، صوفي بزرگن جي روزمرہ واري زندگيءَ تي چڪاس جو سلسلو صرف انهيءَ ڊپ کان شروع ڪيو تہ متان ڪو اثر رسوخ پيدا ڪري، سندس بادشاھيءَ تي قبضو نہ ڪري وٺي. ان کُٽڪي ھيٺ ھن، ڪيترن ئي ماڻهن جو رت وھايو، جنھن ۾ ڪيئي درويش بہ شھيد ٿي ويا. انهيءَ حوالي سان، ھن، شاھ لطيف سان بہ شروع ۾ اُچايو، پر آخر ۾ مخالفت جهڪي ڪيائين ۽ ڪي قدر شاھ لطيف جو معتقد بہ ٿيو، پر ٻين ڪيترن ئي بزرگن سان سندس اختلاف رهندا آيا، جن مان مخدوم عبدالرحمان کھڙن وارو بہ ھڪ ھو.

 مخدوم عبدالرحمان، پنھنجي والد مخدوم محمد (سلطان المشائخ شھيد في سبيل الله) جي وصال بعد، رشد ۽ ھدايت جي شرعي مسند تي ويٺو، جيڪو پنھنجي دؤر جو ڪامل بزرگ ھو. شرعي علم جي دستار فضيلت ۽ طريقت جو فيض پنھنجي والد کان حاصل ڪيائين. ھو وڏي ’جذب ۽ تصوف‘ جو صاحب ھو. پاڻ نھايت ئي سادي طبيعت رکندڙ ھو. فخر ۽ غرور کي بيحد ناپسند ڪندو ھو. لباس وغيرہ بلڪل سادو پھريندو ھو. نھايت جهيڻي گفتگو ڪندو ھو. تاريخ جي ڪتابن ۾ سندس شھادت واري ھن واقعي کي ھن ريت بيان ڪيو وڃي ٿو:

سيد حيدر شاھ حقاني رضويءَ جي اولاد مان سيد يعقوب شاھ نالي ھڪ شخص، مخدوم صاحب جي ارادتمندي اختيار ڪئي. سادات پنھنجن باغن ۽ زرعي زمين جو فصل تيستائين پاڻ نہ چکندا ھئا، جيستائين اھو اَن يا ميوو، مخدوم صاحب جي حويليءَ تي پھچايو نہ ويندو ھو، نہ فقط ايترو پر پنھنجن ٻارن جي جهنڊ لاھڻ، طھر، شادي يا خيرات وغيرہ جون ديڳيون لاھڻ جون رسمون پڻ کھڙن جي جامع مسجد جي دروازي تي اچي ادا ڪندا ھئا. ھڪ ڏينھن، روھڙيءَ جي ساداتن جو ڪجائو مخدوم صاحب جي حويليءَ تي اچي منزل انداز ٿيو.

حال احوال بعد معلوم ٿيو تہ، ڪنھن نامعلوم سبب جي ڪري وقت جي حاڪم، ميان نور محمد ڪلهوڙي، سرڪاري حڪم ھيٺ، سيدن جي حڪومتي بخشش وارين زمينن جا پروانا وغيرہ منسوخ ڪري ڇڏيا آھن. جنھن لاءِ سيد يعقوب شاھ عرض ڪيو تہ، مخدوم صاحب، ميان نور محمد ڪلهوڙي وٽ ’خدا آباد‘ روبرو وڃي، سندن منسوخ ٿيل پروانا ٻيھر بحال ڪرائي ڏئي. مخدوم صاحب ان معاملي ۾ گهڻي معذرت ڪئي، تہ ان سلسلي ۾ کيس تڪليف نہ ڏني وڃي تہ بھتر ٿيندو. سندس چوڻ ھو تہ ميان نور محمد ڪلهوڙو، ھڪ ناشناس شخص آھي. منجهانئس ڪابہ چڱي اميد نٿي رکي سگهجي، سادات سڳورا، پنھنجي ڳالهہ تان نہ ھٽيا، سندن زور ھو تہ اوھان کان سواءِ ھي ڪم ٿي نہ سگهندو. آخر مخدوم صاحب سندن اصرار تي اوڏنھن وڃڻ جي حامي ڀري.

 ھوڏانھن سرڪاري جاسوسن، ميان نور محمد ڪلهوڙي کي اُھا ڳُجهي خبر ڏني تہ مخدوم صاحب جن شاھي درٻار جي سفر تي اُسھيا آھن. ميان نور محمد ڪلهوڙي جو دستور ھوندو ھو تہ ڪنھن بہ شخصيت جي آجيان لاءِ اُٿي بيھڻ کي گهٽتائي سمجهندو ھو مگر ھت معاملو ڪجهہ ٻيو ھو. ھن خاص ويجهن صلاحڪارن سان صلاح مشورو ڪيو، جن کيس چيو تہ مخدوم صاحب بنو عباس گهراڻي جو ھاشمي فرزند آھي، تنھن جو اُٿي بيھي آڌرڀاءُ ڪرڻ ضروري آھي، تنھن ڪري فيصلو اھو ڪيو ويو تہ جيئن ئي مخدوم صاحب درٻار جي حد ۾ داخل ٿئي، تہ سنڌ جو والي، پنھنجي توشہ خاني ڏانھن ھليو وڃي. جڏهن مخدوم صاحب، پنھنجيءَ خاص مسند (جيڪا درٻار ۾ رکي وئي ھئي) تي اچي ويھي، تہ ان وقت ميان صاحب بہ درٻار ۾ داخل ٿئي. نتيجو ھي ٿيندو، تہ ٻين درٻارين ۽ اميرن وزيرن سان گڏ مخدوم صاحب کي بہ اُٿڻو پوندو ۽ پوءِ بيٺي بيٺي جيڪڏھن وقت جي حاڪم ساڻس خوش مرحبا ڪئي، تہ اُھا وقت جي حاڪم جي گهٽتائي نہ ليکي ويندي. مخدوم صاحب جڏهن دربار ۾ داخل ٿيو، تہ ھن ميان جي مسند خالي ڏسي اھا مام پروڙي ورتي ۽ ان جاءِ تي نماز جا نفل پڙهڻ لاءِ بيھي رهيو. ميان نور محمد ڪلهوڙو رٿيل پروگرام موجب درٻار ۾ داخل ٿيو، تہ سندس مسند تي مخدوم صاحب کي نفل پڙهندي ڏٺائين. ميان صاحب سندس لاءِ رکيل مسند تي ويھي رهيو، اھڙيءَ طرح مخدوم صاحب نماز مان فارغ ٿيو، تہ سنڌ جي حاڪم کي پنھنجي مسند ڇڏي اُٿي، اڳتي وڌي مجبور ٿي مخدوم صاحب جو استقبال ڪرڻو پيو. بادشاھ جي اُٿڻ سان، سڀني درٻارين کي بہ اُٿڻو پيو. خوش مرحبا ٿيڻ کان پوءِ، مخدوم صاحب ميان نور محمد ڪلهوڙي سان ھم ڪلام ٿيندي چيو تہ، ’ميان صاحب! ٻڌو اٿئون تہ اوھان وٽ بھترين ڪُتا ڌاريل آھن.‘ ميان صاحب سمجهيو، تہ مخدوم صاحب کي شڪار جو شوق ٿيو آھي سو جواب ۾ چيائين تہ، ’جي ھا، مختلف ولايتن جا ڪُتا موجود آھن، خراساني ۽ ھندستان (گجرات) وغيرہ جا بہ آھن، حڪم ٿئي تہ پسند مطابق آڻي حاضر ڪجن.‘ مخدوم صاحب جواب ۾ چيو تہ، ’اسان کي اُنهيءَ نجس جانور جي ڪابہ لوڙ نہ آھي. اسان کي تہ اوچتو حضور پاڪؐ جن جا ٻول ياد اچي ويا تہ: اھو شخص جيڪو صدقو يا خيرات وغيرہ ڪري وري واپس موٽائي وٺي ٿو، تہ اُھو اُن ڪتي مثل آھي، جيڪو اُلٽي ڪري پاڻ ئي چٽي ٿو. (حديث پاڪ) اسان سمجهيو تہ شايد اوھان وٽ ڪافي ڪُتا ڌاريل آھن، جن جي صحبت جي اثر ھيٺ اوھان مٿان بہ ھن عادت جو اثر ٿي ويو آھي. ڀانئجي ٿو، تہ اُھي خيرات ۽ صدقا جيڪي سادات يا ٻين اشرافن کي اوھان جي بزرگن ۽ اوھان جي طرفان وقت بوقت عطا ٿيل آھن، سي تازي بادشاھي حڪم سان انهن کان کسيا ويا آھن. حقدارن کان حق نہ کسيو وڃي. اسان جو ڪم تہ صرف اوھان کي ھدايت ڪرڻ ۽ حقيقت گوش گذار ڪرڻ ھو، سا ڪئي سون.

وما علينا الي البلاغ...‘

 اھو چئي دعا خير گهري، مخدوم صاحب اٿيو ۽ پنھنجي قيام گاھ تي اچي رسيو.

 ھوڏانھن، اھو گفتو ميان نور محمد ڪلهوڙي کي تير وانگر دل ۾ لڳو ۽ سندس شڪ يقين ۾ بدلجي ويو، تہ مخدوم پاڻ حڪومت تي قبضو ڪرڻ جو پڪو ارادو رکي ٿو، وٽس ڪا بيحد وڏي جماعت جڙي چڪي آھي، جنھن کيس وقت جي حڪومت کان اھڙو بيخوف ۽ بيباڪ ڪري ڇڏيو آھي. ان کان سواءِ اھا پڻ خبر پيس، تہ آس پاس جا راجا مھا راجا ۽ وقت جا سلطان پڻ مخدوم صاحب سان وڏي عقيدت ۽ ارادتمندي رکن ٿا. ڪڏهن ڪڏهن وجد ۽ جذب واري ڪيفيت ۾ اچي، ھُو ’مالڪ الملڪ منم‘ (مان ملڪ جو والي آھيان.) جو اعلان پڻ ڪندو آھي. اھڙيءَ ريت سڀني لڙهين کي پوئيندو ويو تہ سڀ ڪڙيون وڃي مخدوم صاحب سان انتھائي وڏي بغض ۽ عناد واري منزل تي پھتيون ۽ کيس خوف ورتو، تہ مخدوم صاحب حڪومت جون واڳون کانئس ضرور کسيندو، مگر في الحال مصلحت کان ڪم وٺندي، پنھنجي مير منشيءَ کي حڪم ڪيائين تہ، مخدوم صاحب جي رهائشگاھ تي مھر سلطاني کڻي وڃ، جن پروانن جاري ڪرڻ بابت يا معافينامن جي بحاليءَ بابت جيڪو بہ سندس حڪم ھجي، مٿن سلطاني مُهر ھڻي، سندس حوالي ڪري اچ، جيئن مخدوم صاحب اسان وٽان رنجيدہ ٿي واپس نہ وڃي. اھڙيءَ طرح، مخدوم صاحب ضبط ٿيل معافي ناما ۽ منسوخ ٿيل پروانا بحال ڪرائي واپس موٽيو.

 ڪجهہ عرصو گذريو تہ ميان صاحب جي دل ۾ ويٺل بغض ظاھر ٿيو ۽ حڪومت جا ڪارندا، وقت جي حاڪم اڳيان سرخروئي حاصل ڪرڻ لاءِ ڏينھن رات ڪنھن اثرائتي بهاني جا ڳولائو رهيا. آخر ٿورن ڏينھن اندر، روھڙيءَ جي ڪاردار، ’معين ڏيٿي‘ کي اھڙو بهانو ھٿ چڙهيو، جنھن کي استعمال ڪرڻ سان ميان جي دل ۾ ٻرندڙ کورو ٿڌو ٿي سگهيو ٿي. مخدوم صاحب، شھادت جي دعا تہ اڳ ئي گهري چڪو ھو. مالڪ حقيقي ان جو ھيٺيون سبب ٺاھيو: ھڪ مڱڻھار عورت جيڪا ڏاڍي خوبصورت ھئي، تنھن کي کھڙن جي ڀر ۾، ’سعدي‘ نالي ڳوٺ جو ھڪ سيد زوري پنھنجي حويليءَ ۾ کڻي ويندو ھو، ٻئي ٽئين ڏينھن، ھن جي اھا ڪار ھئي، سندس مڙس ھڪ غريب پورهيت ھو، ٻي ڪابہ واھ نہ ڏسي پنھنجي زال وٺي، اسم الله جو وجهي وڏي عاجزيءَ سان مخدوم آڏو پورو احوال عرض ڪيائين.

مخدوم صاحب ان سيد کي گهرائي، ھدايت ڪئي، مگر پوءِ بہ ھوُ نہ مُڙيو. آخر مخدوم صاحب ٻيو رستونہ ڏسي پنھنجي خط سان ان غريب کي زال سميت پنھنجي خاص ماڻهو سان روھڙيءَ جي ڪاردار طرف موڪليو. اُھا خبر ڪنھن طرح سيد کي بہ پيئي. ان بہ پاڻ سان ڪجهہ ماڻهو ساڻ ڪري رستو جهلي ٻانھن جي گهُر ڪئي، جيڪا ڏيڻ کان ھنن انڪار ڪيو ۽ جهيڙو شروع ٿي ويو، تان جو سخت مقابلو ٿي پيو. نتيجي ۾، اھو سيد مارجي ويو ۽ مخدوم صاحب جا ڪي ماڻهو سخت زخمي ٿي پيا. اُن سيد جي ماڻهن، سندس مڙهه کڻي مخدوم صاحب جي ماڻهن کان بہ اڳ ڪاردار وٽ پھچايو. ان خون جي تهمت مخدوم صاحب تي رکي وئي.

ڪاردار کي ميان صاحب جي رنجش جي تہ خبر اڳي ئي ھئي، سو وٽس سرخروئي حاصل ڪرڻ لاءِ ھڪ طرفي رپورٽ تيار ڪري ميان نور محمد ڪلهوڙي ڏانھن موڪليائين. ميان صاحب تہ اڳيئي اھڙي بهاني جو ڳولائو ھو، تنھن بنا ڪنھن تحقيقيات ۽ پُڇا ڳاڇا ڪرڻ جي، ھڪدم ھڪ وڏو لشڪر تيار ڪرائي، حڪم ڏنو تہ: ’وڃو، کھڙن جي مخدومن ۽ سندس جماعت کي ڪُھي اچو.‘ اھا خبر باھ مثل جهر جهنگ ۾ پکڙجي وئي. ھزارين ماڻهو ٽولن جا ٽولا ٺاھي مخدوم صاحب وٽ پھچي ويا ۽ مقابلي لاءِ اجازت گهريائون، پر مخدوم صاحب کين اھو چئي موٽائي ڇڏيو تہ: ’مون کي شھداءِ ڪربلا جي ميدان جي شھيدن ۾ داخل ٿيڻو آھي، توھان کي آفرين آھي، اوھان کي خوشيءَ سان وڃڻ جي اجازت آھي.‘ انهن جي حق ۾ دعا گهُري، کين موڪل ڏنائين. باقي 222 ڄڻا سندن جماعت جا ميدان تي موجود رهيا. مخدوم صاحب جي ننڍي ڀاءُ، مخدوم عاقل جي اڳواڻيءَ ھيٺ، سڀ مسجد اندر موجود ٿي ويٺا. سڀني کي مخدوم صاحب حڪم ڪيو تہ اوھان سڀ اسم ذات ’الله‘ جي ورد سان مشغول ٿيو. توڙي سر تي تلوار اچي تہ بہ سواءِ صبر ۽ رضا جي ھٿ دراز نہ ڪجو. پاڻ اھو فرمان ڏيئي، حويليءَ کان موڪلائڻ لاءِ ويو. اول وصيت صبر ۽ شڪر جي ڪيائين، روئڻ پٽڻ کان منع ڪيائين. ان بعد، حويليءَ مان نڪري مسجد ۾ آيو ۽ وضوءَ جي ارادي سان دڪيءَ تي ويھي وضو پئي ڪيائين تہ اوچتو دشمن جو لشڪر اچي پھتو. مخدوم کي چيائون تہ: ’ميان نور محمد ڪلهوڙي جو حڪم آھي تہ ھيءُ شيشو تنھنجي رت جو ڀري کيس پھچايون.‘ مخدوم صاحب چيو تہ: ’خدا جي فضل سان ھڪ قطرو بہ اوھان کي ھٿ نہ ايندو.‘ پوءِ ٿيو بہ ايئن ئي. مخدوم صاحب ۽ سندس جماعت جي 222 ماڻهن کي شھيد ڪيو ويو.

 ھيڏو سارو ڪِيس جنھن ۾ 222 بيگناھ الله لوڪ مسجد اندر شھيد ٿيا تہ شاھ لطيف جھڙي حساس طبيعت ماڻهوءَ تي ان جو اثر ضرور ٿيو ھوندو. شاھ لطيف ٿوري عرصي کان پوءِ، مخدوم صاحب جي صاحبزادي، مخدوم محمديءَ سان پاڻ ملڻ ويو، جنھن جي شاھدي شاھ لطيف جي ھن بيت مان ملي ٿي:

اڄ نہ ايندس آءٌ، صبح ايندس سپرين،

توتي جنھن جو نانءُ، سو کڻي بار کھين جا.

(مخدوم شبير احمد، پروفيسر، ’تذڪرہ مخاديم کھڙا شريف‘، ڇاپو پھريون، ص: 135)

ڌارين جا حملا

 

نادر شاھ جي سنڌ تي ڪاھ:

 نادر شاھ، ايران جو بادشاھ ٿي گذريو آھي. سندس اصل نالو طھاماسپ قلي خان ھو. ڪن تاريخدانن کيس ايران جو نيپولين ۽ سڪندرِ اعظم بہ لکيو آھي.

 نادر شاھ جي ڄمڻ جي تاريخ ۾ تضاد ملي ٿو. ڪي تاريخدان، نومبر 1688ع لکن ٿا، تہ ڪن وري آگسٽ 1698ع لکيو آھي. سندس تعلق ايران جي سني ترڪ قبيلي، ’افشر‘ سان ھو.

 فيبروري 1736ع ۾، طھاماسپ قلي خان، ايران جي تخت تي ويٺو ۽ ’نادر شاھ‘ جو لقب اختيار ڪيائين. 1738ع ۾ جڏهن قنڌار، نادر شاھ جي قبضي ۾ اچي ويو، تڏهن ھن، ھندستان فتح ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. 1738ع جي جون مھيني ۾، طوفاني انداز ۾، ڪابل تي قبضو ڪيائين ۽ اڳتي وڌندو، اچي دھليءَ ۾ وڏو قتل عام ڪرايائين، نيٺ مغلن جي فوج کي شڪست آئي ۽ دھليءَ جا حڪومتي معاملا نادر شاھ جي ھٿ وس آيا.

نادر شاھ دھليءَ جا معاملا نبيرڻ کان پوءِ، واپس ڪابل ويو، جتان ميان نور محمد ڪلهوڙي کي ڪابل اچي، ملاقات ڪرڻ لاءِ چيائين. ميان صاحب ايئن نہ ڪيو. ان حالت ۾ نادرشاھ، سنڌ طرف پيش قدميءَ جو فيصلو ڪيو. نادر شاھ، سنڌوماٿريءَ ۾ داخل ٿيو تہ ميان نور محمد ڪلهوڙي جا مخالف، امير صادق محمد خان دائودپوٽو ۽ قلات جو حاڪم محبت خان بروھي، سندس خدمت ۾ حاضر ٿي ويا. جڏهن نادر شاھ جي حملي جي پڪ ٿي، تڏهن ميان نور محمد ڪلهوڙو، عمر ڪوٽ ڏانھن نڪري ويو ۽ مقابلي توڙي معرڪي کان پاسو ڪيائين. نادر شاھ، ذيالقعد 1152ھ/فيبروري 1740ع تي لاڙڪاڻي پھتو. ھتي ھن کي ميان نور محمد ڪلهوڙي جي عمرڪوٽ وڃڻ جي خبر ملي. خبر ملڻ شرط، ھن عمر ڪوٽ ڏانھن پيشقدمي ڪئي. ميان صاحب جنھن ڏينھن صبح جو عمرڪوٽ ڇڏڻ وارو ھو، تنھن ڏينھن نادر شاھ، اَسُر ويل اچي، عمرڪوٽ جو گهيرو ڪيو، مجبور ٿي ميان صاحب پيش پيو. ان بعد ٻئي حڪمران لاڙڪاڻي ڏانھن روانا ٿيا. نادر شاھ کي، سنڌ جي خزاني مان ھڪ ڪروڙ رُپيا ڏنا ويا ۽ سڀ کان وڏو نقصان اھو ٿيو، جو اڃا ٻہ سال بہ نہ گذريا ھئا، جو پرڏيھي حاڪمن جي غلاميءَ جو طوق، سنڌ جي گلي مان مس گهرگهلو ٿيو ھو ۽ سنڌ، ڏيھي حڪمرانن جي ھٿ ۾ آئي ۽ ڪنھن حد تائين متحد ٿي ھئي، پر نادرشاھ، سنڌ کي ٽن حصن ۾ ورھايو: جنھن ۾ سبي پٺاڻن کي ڏنائين، شڪارپور دائودپوٽن کي ۽ باقي ملڪ ميان نور محمد ڪلهوڙي کي ڏنائين. ان کان علاوہ، ميان صاحب جا ٽي پُٽ، ميان غلام شاھ ، عطر خان ۽ محمد مرادياب خان، يرغمال ڪري، ڏن طور، پاڻ سان ايران وٺي ويو ۽ ميان جو ڪتب خانو بہ، نادر شاھ پاڻ سان گڏ کڻائي ويو. سنڌ تي سالياني خراج جي چٽي الڳ مقرر ڪيائين.

نادر شاھ، جڏهن سنڌ تي حملو ڪيو تہ ان وقت شاھ لطيف جي عمر، 50 سال کن ھئي. نادر شاھ سنڌ ۾ ٻہ مھينا رهيو. سندس حملو ھر لحاظ کان سنڌ لاءِ ھاڃيڪار ثابت ٿيو.

 

 ڏيھي حاڪم

 

ميان نور محمد ڪلهوڙو (وفات: 1753ع):

ميان نور محمد ڪلهوڙو ولد ميان يار محمد ڪلهوڙو، 11 محرم 1132ھ/13 نومبر 1719ع تي، ’خدا يار خان‘ جي لقب سان، والد جي فتح ڪيل علائقن جو حاڪم ٿي ويٺو. ھن پنھنجو تختگاھ، ’خدا آباد‘ کي ئي قائم رکيو. ميان نور محمد ڪلهوڙو، گهڻين ئي ڳالهين جي ڪري، ڪلهوڙا حاڪمن ۾، وڏي اھميت جو حامل ليکيو وڃي ٿو. ھُن 35 سالن تائين (1132ھ/1719ع کان 1167ھ/1754ع ) سنڌ جي مختلف علائقن تي حڪمراني ڪئي. شروعات ۾ سندس پيءُ ميان يار محمد ڪلهوڙي طرفان فتح ڪيل علائقن (سبي، ڍاڍر، گنجابو، بکر ۽ سيوھڻ) تي حڪمراني ڪيائين، پر اڳتي ھلي سنڌ جي ڪافي ٻين علائقن/پرڳڻن ۾، خودمختيار حڪومت قائم ڪيائين، جنھن لاءِ شروع واري دؤر کان آخر تائين، مقامي وڏيرن ۽ جاگيردارن سان وڙهندو رهيو ۽ انهن جي علائقن تي قابض ٿيندو رهيو. سن 1150ھ/1737ع ۾، سنڌ ۾ دھليءَ کان ايندڙ حاڪمن جو سلسلو بند ٿي ويو ۽ ٺٽي جو انتظام بہ ڪلهوڙن جي ھٿ ۾ آيو.

ميان نور محمد ڪلهوڙو، پنھنجي والد جي وفات کان اڳ، سيوستان (سيوھڻ) جي نائب فوجدار جي عھدي تي فائز ھو. ميان يار محمد ڪلهوڙي جي حڪومت توڙي حياتيءَ واري آخري عرصي (1718ع) ۾، صوفي شاھ عنايت جي شھادت جو ڏکوئيندڙ واقعو پيش آيو. انهن ڏينھن ۾، ٺٽي صوبي جي حدن ۾، مغل نواب اعظم خان جي حڪمراني ھئي. انهيءَ واقعي واري دنگل وقت، ميان يار محمد عملي طرح شاھ عنايت خلاف مغل نواب اعظم جي فوجي مدد ڪئي. ان وقت ڪلهوڙن طرفان موڪليل فوج جي سرواڻي، ميان نور محمد ڪلهوڙو ڪري رهيو ھو.

 ميان يار محمد ڪلهوڙي، نواب طور، دھلي (مغل) سرڪار جي ماتحت حڪومت/حڪمراني ڪئي. اھڙيءَ ريت ميان نور محمد ڪلهوڙو بہ پيءُ جي نقش قدم تي عمل ڪندي ھڪ طرف مغل بادشاھ سان ڪيل واعدن تي برقرار رهندو آيو تہ ٻئي طرف سنڌ اندر وڌ کان وڌ علائقن جي ھٿ ڪرڻ جي ڪوشش پڻ جاري رکيائين.

صوفي شاھ عنايت شھيد جي شھادت واري واقعي جو، شاھ لطيف تي ڪافي اثر پيو، ان وقت شاھ لطيف جي عمر 28 سال ھئي. ان واقعي جا علامتي حوالا سندس ڪيترن ئي بيتن ۾ ملن ٿا. ڪن روايتن موجب ميان نور محمد ڪلهوڙو، پھريائين شاھ لطيف جو مخالف ھو ۽ ھن ڪيئي ڀيرا شاھ لطيف کي مارائڻ ۽ کيس ڏوھي ثابت ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون، پر اڳتي ھلي ڪجهہ اھڙا واقعا پيش آيا، جن جي ڪري ميان نور محمد ڪلهوڙو، شاھ لطيف جو معتقد ٿيو.

ميان نور محمد ڪلهوڙي جي حڪمرانيءَ ۾، کيس اندروني توڙي ٻاھرين معاملن کي منھن ڏيڻو پيو، جن ۾ سن 1723ع ۾، ڪلهوڙن ۽ دائودپوٽن جي ويڙهه، سن 1143ھ/1730ع ۾ بروھين سنڌ تي لشڪر ڪشي ڪئي ۽ قلات جي حاڪم، عبدالله بروھيءَ، ميان جي فرزندن کي پنھنجون ٻہ نياڻيون ڏيئي، صلح لاءِ آمادہ ڪيو، پر ھڪ سال پوءِ، 1144ھ/1731ع ۾، بروھين جي ھڪ پاڙي صلح جي ڀڃڪڙي ڪندي، فريدآباد جي ڀر واري ڪاڇي جي زمين کي ڦريو، جنھن بعد وري بروھين سان، ڪاڇي ۾ ’جندھير‘ وٽ خون ريز جنگ لڳي. ھن جنگ ۾ ميان صاحب جي فتح ٿي ۽ مير عبدالله خان بروھي مارجي ويو.

ڊاڪٽر غلام محمد لاکي موجب: ”ميان نور محمد لاءِ ھيءَ وڏي ڪاميابي ھئي. دھلي سرڪار خوش ٿي ھن کي ’ثابت جنگ‘ خطاب، پنج ھزاري منصب ۽ نوبت عطا ڪئي.“(لاکو، 2004ع، ص: 125)

ميان صاحب جي ڪاميابيءَ کان ستت پوءِ، کھڙا شھر (ضلعو خيرپور ميرس) جي مخدوم عبدالرحمان جي شھادت جو واقعو پيش آيو. ھن معرڪي ۾ 222 ماڻهن سان گڏ مخدوم عبدالرحمان کي مسجد اندر شھيد ڪيو ويو.

 انهيءَ واقعي وقت، شاھ لطيف جي عمر 43 سال ھئي. روايتن ۾ آھي تہ ھن واقعي کان ڏھاڪو کن سال (يا ان کان وڌيڪ) پوءِ، شاھ لطيف، مخدوم عبدالرحمان شھيد جي پُٽ، مخدوم محمديءَ وٽ ويو ھو.’تذڪرہ مخاديم کھڙا شريف‘ ۾ آھي تہ: ”شاھ صاحب پورو ھڪ ھفتو مخدوم صاحب سان صحبت ڪري کين دعائون ڏيندا روانا ٿي ويا.“ (مخدوم، شبير احمد، 2005ع، ص: 136)

ميان نور محمد ڪلهوڙي جي دؤر حڪمراني ۾، سنڌ جي علائقن ۾ اندروني معاملن، جنگين ۽ جهيڙن سان گڏوگڏ سنڌ تي ڌارين جون ڪاھون بہ ٿيون، جن ۾ نادر شاھ جي ڪاھ، (1153ھ/1740ع) ۾، سنڌ جو وڏو معاشي، علمي، ادبي ۽ جاگرافيائي نقصان ٿيو. سنڌ جي خزاني ۾ گڏ ٿيل ھڪ ڪروڙ رُپيا، نادر شاھ لٽي کڻي ويو. ميان جو ڪُتب خانو بہ نادر شاھ پاڻ سان گڏ کڻي ويو ۽ صدين بعد متحد ٿيل سنڌ، ھڪ ڌڪ سان ٽي ٽڪرا ٿي ويئي. شڪارپور جو خطو دائود پوٽن کي مليو، ڪڇي، ڍاڍر ۽ سبي، واليءِ قلات محبت خان بروھيءَ کي مليا ۽ باقي علائقا ميان نور محمد ڪلهوڙي جي حوالي ڪيا ويا ۽ مٿس ساليانو خراج مقرر ڪيو ويو، جنھن لاءِ ميان جي ٽن پٽن غلام شاھ ڪلهوڙي، مرادياب خان ڪلهوڙي ۽ عطر خان ڪلهوڙي کي عيوض طور، نادرشاھ پاڻ سان گڏ ايران وٺي ويو.

”سن 1160ھ/1747ع ۾ نادر شاھ کي سندس اميرن ئي قتل ڪيو.“ (لاکو، 2004ع، ص: 134) ساڳي ئي سال، ڌاراجا جي راڻي وارو واقعو پيش آيو، جنھن ۾ ڌاراجا جو راڻو، پنھنجو ڪوٽ، مضبوط ھٿن ۾ ڇڏي، سمنڊ ڏانھن فرار ٿي رهيو ھو تہ بجار جوکئي، راڻي ارجن کي ميان نور محمد ڪلهوڙي جي حڪم تي قتل ڪيو، جنھن بعد عمرڪوٽ کان وٺي سمنڊ تائين، ٿر ۽ لاڙ تي ڪلهوڙن جي حاڪميت بحال ٿي.

ميان نور محمد ڪلهوڙي کي ڪافي اھڙا اندروني معاملا پيش آيا، جن کي ھو ھمٿ ۽ چالاڪيءَ سان منھن ڏيندو آيو.

نادر شاھ جي وفات 1160ھ/1747ع کان ھڪ سال پوءِ، 1161ھ/1748ع ۾، افغانستان جي بادشاھ، احمد شاھ ابداليءَ، مياننور محمد ڪلهوڙي ڏانھن تابعداريءَ ۽ خراج جو پيغام موڪليو. ھن دفعي ميان صاحب تڪڙ نہ ڪئي ۽ حالتن جو جائزو وٺي فيصلو ڪيو. تحفتہ الڪرام موجب: ”سن 1161ھ/1748ع ۾، احمد شاھ دراني، ھندستان جي بادشاھ سان، نادر شاھ جي وقت واريون سرحدون مقرر ڪري، سنڌ جي حاڪم ميان نور محمد ڪلهوڙي کي ’شاھنواز خان‘ جي خطاب سان نوازيو.“ (ٺٽوي، 1989ع، ص: 271)

سنڌ جي پرڳڻن/علائقن تي، ھڪ ڊگهي عرصي تائين حڪومت ڪرڻ کان پوءِ، ميان نور محمد ڪلهوڙي 12 صفر 1167هه مطابق 9 ڊسمبر 1753ع تي وفات ڪئي. ميان نور محمد ڪلهوڙي، پنھنجي زندگيءَ جا آخري ڏينھن، ’محمدآباد‘ ۾ گذاريا، جتان جيسلمير لاءِ نڪتو، پر واٽ تي ئي فوت ٿي ويو. سندس مقبرو ’محمدآباد‘ (تعلقي موري) ۾ آھي.

 ميان غلام شاھ ڪلهوڙو (وفات: 1186ھ/ 1772ع):

 

ميان غلام شاھ ڪلهوڙو ولد نور محمد ڪلهوڙو، ميان محمد مُرادياب خان جي وفات کان پوءِ، تاريخ 13 ذي الحج 1170ھ/27 آگسٽ 1757ع تي، پھريون ڀيرو سنڌ جي حڪومت جون واڳون سنڀاليون. جيتوڻيڪ سڀني اميرن ۽ وزيرن، ميان غلام شاھ کي تسليم ڪيو، پر سندس ويڳن ڀائرن، ميان احمد يار خان ۽ ميانمحمد عطر خان جي مخالفت ۽ مداخلت ڪري، ۽ ھڪ ٻئي سان جنگيون وڙهڻ ڪري، ميان غلام شاھ جي حڪومت، پھريان ڪجهہ سال، لوڏن ۾ رهي، ھو نيٺ صحيح معنيٰ ۾ سنڌ جو اقتدار، 1شوال 1172ھ/28 مئي 1759ع تي، سنڀالڻ ۾ ڪامياب ٿيو.

ميان غلام شاھ ڪلهوڙي جي مڪمل حڪومت جو دؤر، شاھ لطيف جي وفات کان ذري گهٽ اٺ سال پوءِ شروع ٿيو. ميان غلام شاھ ڪلهوڙو، شاھ لطيف جو تمام گهڻو عقيدتمند ھو. حڪومت جون واڳون ملڻ کان پھرين ۽ شاھ لطيف جي وفات کان ٻہ سال پوءِ ،1167ھ/1754ع ۾ شاھ لطيف جي مزار تي عاليشان مقبرو جوڙايائين. عام روايتن ۾ مشھور آھي تہ، ميان غلام شاھ ڪلهوڙو شاھ لطيف جي دعا سان مائي گُلان مان ڄائو ھو. (وڌيڪ ڏسو عنوان: واقعا، ص: 155)

ميان غلام شاھ ڪلهوڙي واريءَ حڪومت جو دؤر، تاريخ ۾ ھر لحاظ کان يادگار ليکيو وڃي ٿو. جيتوڻيڪ سندس دؤر تيرهن، چوڏهن سالن تي ٻڌل ھو ۽ سنڌ جون مجموعي سياسي حالتون خراب رهيون، پر تنھن ھوندي بہ ميان صاحب ھميشه سڄيءَ سنڌ کي پنھنجي قبضي ۾ آڻڻ ۽ جٽادار حڪومت قائم ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪندو رهيو. سندس دور ۾، سنڌ جي تاريخ جا ڪيترائي اھم واقعا ٿيا. ميان غلام شاھ ڪلهوڙي سن 1186ھ/1772ع ۾ وفات ڪئي، کيس سندس ئي اڏيل شھر حيدرآباد ۾ دفن ڪيو ويو.