ڀٽ شاھ تي موجود شاھ لطيف جون يادگار شيون
ڀٽ شاھ تي موجود شاھ لطيف جون يادگار شيون
شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي استعمال ۾ آيل شيون، جيڪي ھن وقت بہ گادي نشين / سجادہ نشين وٽ موجود آھن، انهن کي نوادرات چيو وڃي ٿو. اھي شيون، شاھ لطيف جي عرس جي موقعي تي حويليءَ مان ڪڍي ٻاھر آنديون وينديون آھن، ۽ ماڻهن کي انهن جي زيارت ڪرائي ويندي آھي. انهن شين جو احوال ھيٺ ڏجي ٿو:
اُکرِي
شاھ لطيف جي نوادرات ۾ اکري پڻ شامل آھي. اُھا اُکري، جئپور جي ڳاڙهي پٿر جي ٺھيل آھي. 6 انچن جي قطر وارو پنج انچ اونهو پيٽ اٿس. روايتن مطابق، ان اکريءَ ۾ داڻا وجهي ٿورو مُهريءَ سان ڌڪ ھڻي، ھاري ناري ٻِئي اناج سان ملائي ٻنيءَ ۾ ڇَٽ يا ناڙي ڪندا ھئا، ڇو تہ سندن خيال موجب ايئن ڪرڻ سان سندن فصل ڀلو ٿيندو آھي. اھو سلسلو اڄ بہ جاري آھي، ۽ ماڻهن جو عقيدو آھي تہ ان اکريءَ ۾ جيڪا بہ شيءِ وجهي ٻاھر ڪڍجي ٿي تہ ان ۾ برڪت ٿيو وڃي.
اُھا اُکري، شاھ لطيف جي حويليءَ ۾ گهريلو ڪم لاءِ استعمال ٿيندي ھئي، جيڪا سيد حسين شاھ مرحوم کي ان وقت جي حويليءَ جي ڪنجي بردار، جمعي فقير ڏني ھئي، ۽ چيو ھئائين تہ، ھيءَ برڪت واري آھي، کڻي وڃي پاڻ وٽ محفوظ ڪريو. سا اڄ بہ اُن جي پونئيرن وٽ موجود آھي.
بيراڳڻ
شاھ لطيف جي نوادرات ۾ هڪ عدد بيراڳڻ پڻ شامل آھي. اھا بيراڳڻ جيڪا ٽالهيءَ جي ڪاٺيءَ جي آھي، ۽ شاھ لطيف جي کٽ / تخت تي رکيل آھي، جيڪا پھرين زبون ٿي وئي ھئي، پر بعد ۾ ان تي چانديءَ جا پَٽ چاڙهي ان کي خوبصورت ۽ مضبوط ڪيو ويو آھي.
ٽوپي
شاھ لطيف جي نوادرات ۾ ھڪ عدد ٽوپي پڻ شامل آھي، جيڪا سائي فيروزي رنگ جي ڪپڙي جي ٺھيل آھي، ۽ اڳيان نراڙ وٽان ٻن حصن ۾ چيريل آھي. شاھ لطيف اھا ٽوپي، پٽڪي جي ھيٺان مٿي تي پائيندو ھو. اھا ٽوپي اڄ بہ سجادہ نشين وٽ موجود آھي.
پَٽڪو
شاھ لطيف جي نوادرات ۾ ھڪ عدد پٽڪو بہ شامل آھي. انهيءَ پٽڪي جو رنگ ڪارو آھي. پَٽڪو اڄ بہ سجادہ نشين وٽ محفوظ آھي.
تسبيح
شاھ لطيف جي نوادرات ۾ ھڪ عدد سؤ مڻين واري تسبيح پڻ شامل آھي، جيڪا عقيق جي پٿر جي جڙيل آھي. اھا تسبيح اڄ بہ سجادہ نشين وٽ محفوظ آھي.
جانڊاھ
شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي دور ۾ ڪڻڪ، ٻاجهري، جوئر يا ٻين اناجن جو اٽو، جنڊن تي پِيٺو ويندو ھو. اھو ڪم گهڻو ڪري گهرن ۾ عورتون ڪنديون ھيون، پر ڪِن وڏن ماڻهن، جن وٽ گهڻا ماڻهو ايندا ھئا، يا جن جا مهمان خانا يا اوطاقون مشھور ھيون، اتي اٽو ’جانڊاھ‘ تي پيٺو ويندو ھو. بلڪل اھڙيءَ طرح سان شاھ لطيف جي حياتيءَ ۾ ڀِٽَ تي عقيدتمندن ۽ مريدن جي اچ وڃ وڌي وئي ھئي، جنھن ڪري فقيرن وڏيءَ اوطاق (تمر فقير جي رهائشگاھ) تي ڏکڻ ۾ ھڪ وڏي جانڊاھ لڳرائي، جيڪا راجسٿان جي شھر جوڌپور جي ٺھيل ھئي. ان جانڊاھ کي ھلائڻ لاءِ گڏھ ۽ ڪڏهن ڍڳو استعمال ٿيندو ھو. ھڪ يا ٻہ فقير پنج ڇھ مڻ ڪڻڪ يا ٻاجهر رکي ٿوري ٿوري ڪري، ’ڪِير‘ وٽان وجهندا رهندا ھئا، ۽ ٻئي پاسي اٽو نڪرندو رهندو ھو، جيئن ھن وقت اٽو پيٺو ويندو آھي. اھا جانڊاھ ھن وقت ڪم نٿي ڪري، پر ان جا پڙ محفوظ ڪيا ويا آھن، جيڪي وڏي اوطاق ۾ پيل آھن.
جيسلميري جُتي
شاھ لطيف جي نوادرات ۾ ھڪ عدد جيسلميري جتي بہ ھوندي ھئي، جيڪا چاليھ سال کن اڳ بہ سجادہ نشين وٽ محفوظ ھئي، جيڪا ھن وقت موجود نہ آھي.
شال
شاھ لطيف جي نوادرات ۾ ھڪ عدد شال بہ شامل آھي، جنھن کي گودڙي پڻ چيو ويندو آھي. ان شال جو رنگ موڱي آھي. اُھا شال ننڍين ننڍين چوڪڙين ۾ اُڻيل آھي، ۽ اڄ بہ سجادہ نشين وٽ محفوظ آھي.
کَٽَ
شاھ لطيف جي نوادرات ۾ ھڪ عدد کٽ بہ شامل آھي. اُھا کٽ، ڪاٺ (جنڊيءَ) جي ٺھيل آھي، جيڪا شاھ لطيف جي حويليءَ ۾ رکيل ھوندي ھئي. شاھ لطيف جي وفات کان پوءِ، ان حويليءَ کي بند ڪيو ويو ھو. سن 1340ھ/ 1922ع ڌاري جڏهن شاھ لطيف جي درگاھ جي مرمت ٿي تہ حويليءَ کي بہ نئون ڪري ٺھرايو ويو، ڇاڪاڻ تہ شاھ لطيف جي وفات کان پوءِ، گهڻو عرصو بند رهڻ جي ڪري ان ۾ تمام گهڻا وڻ ۽ جهنگ ٿي ويو ھو، جنھن ڪري شاھ لطيف جي کٽ جا ٻہ پاڳا (پاوا) اُڏوهي کائي چڪي ھئي. ان دوران جنڊيءَ جي ٺھيل انهيءَ کٽ جي بہ مرمت ڪرائي وئي، ۽ کاڻوٺ مان ٻہ پاڳا (پاوا) ٺھرائي، ان کي محفوظ ڪيو ويو، جيڪا اڄ بہ ان حويليءَ ۾ رکيل آھي. انهيءَ کٽ کي تخت بہ سڏيندا آھن. انهيءَ ڪري حويليءَ جي ٻاھران جيڪا تختي لڳل آھي، انهيءَ تي بہ تخت حويلي شاھ عبداللطيف ڀٽائي لکيل آھي.