اَڄُ پُــڻِ آڳَــڙِيَنِ، ميــڙو آھي مَــچَ تي.
اھا صحيح خبر ڪانهي تہ، شاھ لطيف جو عرس ملهائڻ جي شروعات ڪڏهن کان ٿي. ٻُڌل ڳالهين تي چئبو تہ، جڏهن ڀِٽشاھ ۾ روڊ رستا ڪِين ھئا، پر رڳو چارا ۽ پيچرا ھئا، تڏهن کان وٺي شاھ لطيف جي مريدن ۽ عقيدمندن ھن سڳنڌ ڀريءَ جُوءِ ڏانھن وک کنئي، ۽ اُٺن، گهوڙن، ڍڳي گاڏين توڙي پيرين پيادن پانڌيئڙن اچي سلام ڀريا.
سارِي راتِ سبحانُ، جاڳِي جَنِ يادِ ڪِئو،
اُنِ جِيَ، عبداللطيفُ چي، مِٽيَ لَڌو مانُ،
ڪوڙَيين ڪَنِ سلام، آڳُہ اَچئو اُنِ جي.
(گربخشاڻي، ھوتچند مولچند، 1993ع، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سريراڳ، داستان 2، بيت 2، ص: 136)
مير علي شير قانع ٺٽوي، ’تحفة الڪرام‘ ۾ لکيو آھي ته: ”جنھن ڏينھن ھن دنيا مان لاڏاڻو فرمايائين انهيءَ ڏينھن سندس ماتم ۾ ڪيترن مريدن دم ڏنو. سندس مزار متبرڪ انهيءَ ڀٽ تي عجيب روح پرور ۽ باصفا جڳھ آھي. سندس قبر تي ھڪ عاليشان قبو ٺھيل آھي. جيسلمير جي راجا نغارا نذر ڏنا آھن، جي صبح و شام وڄايا ويندا آھن سندس درگاھ تي عجيب ڪيفيت ۽ سرور، نھايت صفائي ۽ حضور ملي ٿو.“(قانع، 1989ع، ص: 388)
شاھ لطيف بابت اھو احوال سندس وصال کان اٽڪل سورهن سال پوءِ، ٺٽي جي بزرگ لکيو. اھو دؤر جڏهن اچ وڃ ۽ خبرچار جا وسيلا محض انساني ٻُڌل ۽ ٻُڌايل ڳالهين تي ٻَڌل ھئا. جيڪڏھن شاھ لطيف جي راڳ جي سرشتي جو اڀياس ڪجي ٿو تہ ايئن ٿو معلوم ٿئي تہ شاھ لطيف جي وصال کان پوءِ ستت ئي پوءِ فقيرن، سندس ڏھاڙو ملهايو ۽ جمعي رات جو دنبورا کڻي ويھي، سندس ڪلام آلاپيندا ھئا.
شاھ لطيف جي وفات کان پوءِ، سندس ڪلام، ھر جمعي تي سندس روضي تي ڳائجڻ لڳو. ھر جمعي جي رات، شاھ جا فقير گڏ ٿي، شاھ جا بيت ۽ وايون ڳائي، سرود ۽ سماع جي محفل مچائيندا ھئا. سُرود جو اھو سلسلو ھاڻي روزانو صبح ۽ شام ھلندڙ آھي. شاھ لطيف جي درگاھ لاءِ جيسلمير جي راجا، نغارن جو جوڙو وڄت وارن سميت نذرانو ڪري موڪليو ھو، جن سان صبح سانجهي نوبت وڄندي آھي. شاھ لطيف جي زندگيءَ ۾ ئي ارادتمندن جا ميڙا متل رهندا ھئا. سندس وصال کان پوءِ ان ۾ واڌارو ٿيندو ويو، ۽ اڄ ھيءَ ڀٽ، جيڪا اڳي فقط واريءَ جي ھڪ ڀِٽ ھئي، شاھ لطيف جي ڪري اعليٰ مقام ۽ روحانيت جو مرڪز بڻجي وئي آھي، ۽ اھا ننڍي کنڊ جي اھم درگاھن ۾ ليکي وڃي ٿي.
صفر مھيني جي 14 تاريخ، شاھ لطيف جي وفات جو ڏينھن آھي. شاھ لطيف جي درگاھ تي، ھر سال 14 صفر کان 16 صفر تائين ميلي ۽ سالياني عرس جون تقريبون پڻ ٿينديون آھن، جن ۾ لکن جي تعداد ۾ عقيدتمند، شاھ لطيف جي درگاھ تي اچي کيس خراج پيش ڪندا آھن.
شاھ لطيف جي ميلي جي شروع واري دؤر کان ڏيھه توڙي پرڏيھه مان امير توڙي غريب ڀٽ شاھ تي اچي گڏ ٿيندا آھن. ٽي چار ڏينھن، ميلي ۾ رهي پوندا آھن. زيارت ڪري دعا گهري سندس ڪلام ٻڌي، ميلو ملهائي، پنھنجن ٻارن لاءِ مٺائي ۽ ٽول وٺي، واپس موٽندا آھن. ڀٽائيءَ جو ميلو ڄڻ تہ سڀني جو ورثو آھي.
عرس جي موقعي تي پھرين ادبي ڪانفرنس 1923ع ۾ ڊي. جي. ڪاليج ڪراچيءَ ۾، سنڌ جي ھندو اديبن ڪوٺائي، جن ۾ ڄيٺمل پرسرام ۽ ٻيا اديب عالم شامل ھئا. اُن کان پوءِ ڀٽ شاھ ۾ سائين جي ايم سيد، سيدميران محمد شاھ ۽ مخدوم طالب الموليٰ ادبي ڪانفرنس ڪوٺائي ۽ باقاعدہ رواج وڌو.
ھنن ٽنهي عالمن اڳتي ھلي، ان وقت جي وڏي وزير پيرزادي عبدالستار کي عرس جي موقعي تي دعوت ڏيئي گهرايو. پيرزادي عبدالستار پنھنجي گهرواريءَ سوڌو انهن تقريبن ۾ شرڪت ڪئي. وڏي وزير، عرس جي گڏجاڻين ۾ شرڪت ڪئي تہ ڪامورن ڪڙن ۽ پوليس جي عملدارن بہ اچي خيما کوڙيا. اھڙيءَ ريت آھستي آھستي شاھ لطيف جي عرس کي سرڪاري سرپرستي حاصل ٿي ۽ عرس توڙي ميلي ۽ ادبي ڪانفرنس کي باقاعدہ سرڪاري حيثيت حاصل ٿي ۽ عرس کي ملهائڻ لاءِ مختلف روايتن جنم ورتو، جن ۾ ٽيئي راتيون، راڳ جي محفل موسيقيءَ جي محفل، ملاکڙو، سگهڙن جي ڪچھري، زرعي نماءُ ۽ ادبي ڪانفرنس وغيرہ شامل آھن.
شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ميلي جي موقعي تي ’ادبي ڪانفرنس‘ ڪوٺائڻ جو سلسلو بہ ڪافي آڳاٽو آھي. جڏهن جي ايم سيد پاڻ سان گڏ سياستدانن ۽ حڪمرانن کي شاھ لطيف جي ميلي تي وٺي اچڻ جي شروعات ڪئي، تڏهن کان شاھ لطيف جي ميلي جي موقعي تي ادبي ڪانفرنس ڪوٺائڻ جو سلسلو بہ شروع ڪيو ويو. انهيءَ سلسلي ۾ 1932ع ۾، سنڌ جي اھل دل انسان ۽ علم پرور شخصيت، سيد ميران محمد شاھ جي اڳواڻيءَ ۾ پھريون ڀيرو ادبي ڪانفرنس جو اھتمام ڪيو ويو ھو، جنھن کان پوءِ عام پڙهيل طبقي، اديبن ۽ عالمن جو ھن سرزمين ڏانھن رُخ ٿيو. ان کان اڳ شاھ لطيف جا فقير ۽ مريد، ميلي جي موقعي تي ملاکڙا ۽ راڳ جون محفلون ڪندا رهندا ھئا، پر سيدميران محمدشاھ ۽ ٻين عالمن باقاعدي ادبي ڪانفرنس ۽ راڳ جي محفل جو جيڪو رواج وڌو، اھو اڄ ڏينھن تائين ھلندو اچي.
پاڪستان جي قيام کان پوءِ، جڏهن سيد ميران محمد شاھ 1950ع ۾، سنڌ سرڪار جي پي ڊبليو ڊي کاتي جي وزير جي حيثيت ۾، نئشنل ھاءِ وي کان ڀٽ شاھ تائين، ٻن ميلن جو پڪو رستو ٺھرايو، تہ اديبن، عالمن ۽ عام ماڻهن لاءِ لطيفي درگاھ تي اچ وڃ جي وڏي سھولت ۽ سولائي پيدا ٿي پيئي. ان ئي زماني ۾ سندس ئي ڪوششن سان ’لطيف يادگار ڪاميٽي‘ جو بنياد پيو ۽ شاھ جي ورسين جو منظم نموني سان ھڪ سلسلو شروع ٿيو. 1951ع ۾، جي ايم سيد جي سربراھيءَ ۾ ٿيل ادبي ڪانفرنس جي ڪارروائي، سنڌ جي ناليواري محقق ۽ عالم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ھلائي ۽ ان کان پوءِ ’لطيف يادگار ڪاميٽيءَ‘ پاران باقاعدي شاھ لطيف جي عرسن جي موقعي تي ٿيندڙ ادبي ڪانفرنسن جي ڪارروائي ۽ ميزباني ڊاڪٽر بلوچ نبي بخش خان بلوچ جي حوالي رهي. 1951ع کان 1967ع تائين ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ نہ رڳو ھنن ادبي ڪانفرنسن جو انتظام سنڀاليو، پر ڪيترائي نوان راڳائي پڻ متعارف ڪرايا، جن اڳتي ھلي راڳ ۽ ساز جي شعبي ۾ سنڌ جو نالو دنيا ۾ روشن ڪيو.
انهن ڪانفرنسن ڪوٺائڻ ۾، سنڌ يونيورسٽيءَ جو بہ اھم ڪردار رهيو آھي ۽ علامہ آءِ آءِ قاضي جي سرپرستيءَ ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جا عملدار بہ انتظامن ۾ ڀاڱي ڀائيوار ھوندا ھئا، خاص طور تي سنڌ يونيورسٽيءَ جو ان وقت جو رجسٽرار آغا تاج محمد ان ڏس ۾ تمام گهڻو سرگرم ھوندو ھو. پاڻ ڪيترن ئي انتظامي ڪاميٽين جي سرواڻي ڪندو ھو، جڏهن تہ عبدالله چنا ۽ سندس گهر واري زينت عبدالله چنا انهن سالياني گڏجاڻين ۾، پنھنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندا ھئا. زينت عبدالله چنا ان دؤر ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ عورتن جو رسالو ’مارئي‘ ڪڍندي ھئي.
لطيف يادگار ڪاميٽيءَ پاران شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي چوٿين ادبي ڪانفرنس جو انتظام، سيد ميران محمد شاھ جي اڻٿڪ ڪوششن سان، 1953ع ۾، ڀٽ شاھ تي ٿيو، جنھن جي صدارت ان وقت سنڌ جي وڏي وزير پيرزادي عبدالستار ڪئي. پيرزادي صاحب جي صلاح ۽ مشوري سان 1954ع ۾، سنڌ سرڪار ھن ثقافتي اداري کي پنھنجي ھٿ ۾ کنيو. ان ئي سال 201 عرس جي موقعي تي لطيف يادگار ڪاميٽيءَ جو سڀ کان وڏو ادبي ميڙاڪو ٿيو. پيرزادي صاحب پھريون ڀيرو سڄيءَ سنڌ ۾ لطيف جي ميلي جي موقعي تي عام موڪل جو اعلان ڪيو ۽ 15 آڪٽوبر 1954ع تي، ڪراڙ جي ڪپ تي ٻُگهين جي پاڙي لڳ پنڊال ھڻي، ادبي ڪانفرنس جو انتظام ڪيو ويو، جنھن جو خاص مھمان بہ عبدالستار پيرزادو پاڻ ئي ھو. ان موقعي تي ھن ’ڀٽ شاھ ثقافتي مرڪز‘ جي پيڙهه جو پٿر پڻ رکيو. پيرزادو عبدالستار پاڻ بہ سُر سواد وارو ماڻهو ھو. ادبي ڪانفرنس جي راڳ رهاڻ ۾ پاڻ بہ تانپوري تي شاھ لطيف جو ڪلام ڳايو ھئائين. اُن موققي تي وزير ۽ مختلف ملڪن جا سفير، انهن جون گهر واريون ۽ ٻار بہ لطيفي راڳ ٻڌڻ لاءِ ڀٽ شاھ آيا ھئا.
ھن ڪانفرنس ۾ پيرزادي صاحب ۽ سنڌ اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ جي ايم سيد جون، ڀٽ شاھ ثقافتي مرڪز جي جوڙجڪ بابت ڪيل تقريرون تاريخي حيثيت رکن ٿيون.
ڀٽ شاھ ثقافتي مرڪز جي قائم ٿيڻ سان، عرس جي تقريبن ۽ ادبي ڪانفرنس کي منظم انداز ۾ لطيف يادگار ڪاميٽي جي سھڪار سان ڪيو ويندو ھو. حيدرآباد ڊويزن جو ڪمشنر نذير احمد، 1955-10-14 کان 1957-09-21 تائين ان جو چيئرمين رهيو. اھڙيءَ ريت آغا تاج محمد ان جو پھريون اعزازي سيڪريٽري ٿيو. ميلي جو انتظام، ڊويزنل ۽ ضلعي انتظاميا ڪندي ھئي، جڏهن تہ ادبي ڪانفرنس ۽ ٻيون علمي سرگرميون، تعليم کاتو ڪرائيندو رهيو، ڇاڪاڻ تہ ان وقت، سنڌ حڪومت توڙي اولهه پاڪستان حڪومت ۾ ثقافت کاتو ڪونہ ھو، بلڪ ثقافت، تعليم کاتي جو حصو ھئي.
پيار علي الانا جڏهن تعليم کاتي جو وزير ھو، تڏهن 1976ع ۾، تعليم کاتي اندر ثقافتي سيل قائم ڪيو ويو ۽ عبدالحميد آخوند 1976ع ۾ تعليم کاتي جي ثقافتي سيل جو ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو. عبدالحميد آخوند ان وقت کان وٺي ڌار ثقافت کاتي لاءِ جاکوڙ شروع ڪئي ۽ آخرڪار 1987ع ۾ ثقافت کاتي کي تعليم کاتي کان ڌار ڪري، خودمختيار کاتي جي حيثيت ڏني وئي ۽ عبدالحميد آخوند، ثقافت کاتي جو پھريون سيڪريٽري مقرر ٿيو.
ثقافت کاتي جي انتظام ھيٺ اچڻ کان پوءِ عرس ۽ ميلن جي تقريبن وڏي اھميت حاصل ڪئي. ھر سال قومي توڙي عالمي ڪانفرنسون ڪوٺايون وڃن ٿيون. عالمن، اديبن، فنڪارن، سگهڙن ۽ شاعرن کي سندن تحقيق ۽ فنڪارانہ صلاحيتن جي آڌار تي ايوارڊ ڏنا وڃن ٿا. ميلي جو انتظام ڊويزنل ۽ مٽياريءَ جي ضلعي انتظاميا ڪندي آھي. ڇاڪاڻ تہ ڀٽ شاھ، مٽياري ضلعي ٺھڻ کان پوءِ ھاڻي حيدرآباد نہ پر مٽياري ضلعي جو حصو ٿي ويو آھي.