شاھ لطيف جي وفات
شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي، وفات جي باري ۾ عام طور تي اِھا روايت بيان ڪئي وڃي ٿي تہ پنھنجي حياتيءَ جي پوين ڏينھن ۾ ھڪ ڏينھن کيس دل ۾ اھو خيال اچي پيدا ٿيو، تہ ڪربلا معليٰ جي زيارت ڪريان، ٻئي ڏينھن پاڻ پنھنجي ڪجھہ فقيرن سان گڏ ڪربلا جي زيارت ڪرڻ لاءِ سنڀري نڪتو. واٽ تي ھڪڙو مريد گڏيس، جو پڻ ھڪ پھتل شخص ھو. حال احوال ۽ خوش خيرعافيت کان پوءِ انهيءَ مريد کيس چيو تہ: ’سائين! ھي ڇا؟ پنھنجي مريدن ۽ معتقدن کي چوندا آھيو، تہ اسان جو ڪفن دفن ڀٽ تي ئي ٿيندو ۽ ھاڻ وري پڇاڙيءَ جي وقت نڪتا آھيو، ايڏي وڏي سفر تي!‘ شاھ لطيف جي دل ۾ اھي لفظ چڀي ويا. ڳچ تائين تہ ماٺ ڪري ويھي رهيو ۽ اتي ئي ھڪ گهري سوچ ۾ پئجي ويو. آخر ارادو رد ڪري، ڀٽ ڏانھن واپس ٿيو ۽ منزلون ڪندي، اچي ڀٽ تي پھتو، ۽ ايڪيھن ڏينھن کان پوءِ شاھ لطيف وفات ڪئي.
جڏهن تہ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکيو آھي تہ: ”مخدوم محمد معين جي وفات سنہ 1161ه ۾ ٿي... شاھ صاحب کي وڏو غم ٿيو جو چيائين تہ، ’سندس ٺٽي ۾ اچڻ جو ھيءُ آخري ڀيرو ٿيندو ۽ دوست جي جدائيءَ بعد ھاڻي ھو وري ٺٽي ڪونہ ايندو.‘ ان وقت شاھ صاحب جي عمر 59 سال ھئي، ۽ ھو جيئن ’ڀٽ‘ تي آيو تہ وري ڪنھن ٻئي سفر تي ٻاھر ڪونہ ويو ۽ زندگي جو باقي عرصو ڀٽ تي ئي ياد الاھيءَ ۾ فقيرن سان گڏجي گذارڻ جو پھه ڪيائين. ان جي تصديق انهيءَ مان ٿئي ٿي جو ھاڻي ڀٽ تي، اڳين مسجد واري جاءِ تي، ھڪ وڏي ٽن گنبذن واري جامع مسجد ٺھرائڻ شروع ڪيائين، جيڪا بکر جي ويٺل عيدن رازي شاھ صاحب جي موجودگي ۾ سندس نظرداري ھيٺ 1162ه ۾ جوڙي راس ڪئي. اھا ساڳي ٽن گنبذن واري مسجد اڃا تائين موجود آھي. ھالن پراڻن جي قاضي ابراھيم، شاھ صاحب جي ارشاد موجب، مسجد جي تعمير جي تاريخ ھيٺين منظوم مصرع مان ڪڍي: ’نادري مسجد درين دوران چہ زيبا دل رُبا‘ شاھ لطيف ھاڻي ڀٽ تي ئي گوڏو ڀڃي ويٺو ۽ اتي ھمہ تن عبادت ۽ رياضت ۾ مشغول ٿيو.“(بلوچ، 2009ع، ص: 41)
مير عبدالحسين خان سانگيءَ جو ھيٺيون بيان شاھ لطيف جي زندگيءَ جي انهيءَ آخري دور جي عڪاسي ڪري ٿو: ”اولياء صاحب ڀٽ شريف واري مسجد ۾ ھميشه پنج وقت نماز ادا ڪندو ھو. ھڪ فقير مسجد جي صفائي ۽ ٻانگ ڏيڻ لاءِ مقرر ھو ۽ نماز جماعت سان ادا ڪندو ھو. روزا بہ رکندو ھو. اھو بہ فرمائيندا ھئا تہ، روزيدار اھو آھي جو عيد جو محتاج نہ ھجي ۽ عابد اُھو آھي جو تڪبر نہ ڪري. مسجد جي پٺ قبلي طرف آھي، ان ڪري خلق جي سجدي گاھ بني آھي. ھر ماڻهو جو منھن قبلي ڏانھن ڪرائي ٿي يعني مسجد کي خودنمائي نہ آھي.“(سانگي، 1986ع، ص: 63)
ھاڻي شاھ لطيف جڏهن ڀٽ تي مستقل رهڻ لڳو، تہ اتي راڳ پڻ ھر جمعي رات باقاعدگيءَ سان ٿيڻ لڳو، جنھن ڪري ڀٽ، سندس مريدن ۽ معتقدن توڙي ٻين عام مراد وندن جو مرڪز بڻجي وئي. فقير، ٿورو گهڻو راڳ اڳ بہ ڪندا ھئا، پر 1144ھ/1731ع ۾ شاھ حبيب جي وفات کان پوءِ، فقيرن راڳ تي وڌيڪ ڌيان ڏنو. ان کان پوءِ وارن سورهن سالن جي عرصي ۾، راڳائي فقير وڏيءَ سمجھ ۽ سوز سان، شاھ لطيف جا بيت ۽ وايون ڳائڻ لڳا. اھڙي توجھ سان، ’شاھ جو راڳ‘ ھڪ اعليٰ ادارو بڻجي ويو ۽ راڳائي فقير بہ راڳ ۾ وڏي ڄاڻ وارا ٿي ويا، جن ۾ تمر فقير راڳ جو اڳواڻ ھو ۽ ٻيا فقير سندن اڳواڻيءَ ھيٺ راڳ ڪندا ھئا. سڀني راڳاين فقيرن وٽ ھاڻي دنبورا پڻ ھئا ۽ جيئن تہ ھر جمعي رات ’شاھ جو راڳ‘ خود شاھ لطيف جي حاضريءَ ۾ ٿيڻ لڳو، تنھن ڪري فقيرن جي ’راڳ واري سڏ‘ ۾ وڏو درد ۽ اثر پيدا ٿيو، جنھن جو غوغاءُ پري پري تائين وڃي پھتو:
’لات جا لطيف جي، سڏ تَنھن جو سُڄي‘
ھڪ طرف شاھ لطيف جي بيتن ۽ واين ۾ ھن ڌرتيءَ جي سچن واقعن جي عڪاسي، ۽ لفظن ۾ سمايل درد ۽ اثر، تہ ٻئي طرف خود راڳائي فقيرن جي راڳ ۽ سوز واري ’سڏ‘ جي ميلاپ سان، ’شاھ جي راڳ‘ ۾ وڏي ڪشش پيدا ٿي، جنھن ھر جمعي رات ’ڀٽ‘ تي محبتين جا ميڙا لڳائي ڇڏيا.
شاھ لطيف جو عشق ۽ عرفان، ڪل ڪائنات جي خالق جي وحدانيت تائين پھچي چڪو ھو، ۽ ھاڻي خالق حقيقيءَ سان وصال کان سواءِ، ھُن عارضي زندگيءَ واري وجود کي بيسود ڪري ٿي ڄاتو. انهيءَ حق ۽ حقيقت جي آگاھيءَ جو اظھار، ان وقت ’سُر سھڻي‘ جي ’وائيءَ‘ ۾ ڪيائين ۽ چيائين تہ:
’ڪھِڙيٖ منجِھ حِسابَ، ھُئَڻُ منھنجو ھوتَ ريٖ، لا!‘
(شاھواڻي، غلام محمد، 2005ع، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سھڻي، داستان 1، وائي، ص:224)
انهيءَ وائيءَ جي لحاظ کان، ’سُر سهڻي‘ سندس آخري ڪلام ھو، علامہ آءِ آءِ قاضي جي رسالي جي ترتيب موجب پڻ سُر سھڻي آخري سُر آھي، جيڪو شاھ لطيف چيو. جڏهن تہ ڊاڪٽر ھوتچند مولچند گربخشاڻيءَ مطابق، ڪربلا جي زيارت جو ارادو ترڪ ڪري ڀٽ تي واپس موٽي اچڻ کان پوءِ، شاھ لطيف امامن سڳورن جي ڏک ۾، ’سُر ڪيڏارو‘ چيو، جيڪو سندس آخري ڪلام آھي.
شاھ لطيف لاءِ راڳ، روحاني خوراڪ ھو ۽ آخرڪار راڳ جي رس ۾ ئي ھيءُ جھان ڇڏيائين. پڇاڙيءَ واري وقت، سندس ارشاد موجب، ٽي ڏينھن لاڳيتو راڳ ٿيندو رهيو ۽ شاھ لطيف پاڻ، مراقبي ۾ ويٺو رهيو، جڏهن راڳ ۾ ٿورو وقفو ڪيائون تہ، ڏٺائون تہ ان مراقبي واريءَ حالت ۾ ئي شاھ لطيف جو روح پرواز ڪري چڪو ھو.
مولانا دين محمد وفائي ۽ ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ لکيو آھي تہ، شاھ لطيف جڏهن ڪربلا جي سفر واري ارادي کي ترڪ ڪري، واپس ڀٽ تي پھتو، تڏهن ڀٽ جي ھيٺان موجود حجري ۾ عبادت ۾ مشغول ٿي ويو. پورا ايڪيھه ڏينھن حجري جي اندر ھڪ ھنڌ مراقبي ۾ ويٺل રહ્યો. انهن ايڪيھن ڏينھن ۾، ٻن ويلن جيتري ماني مس کاڌائين. جڏهن ٻاھر نڪتو، تڏهن غسل ڪري، چادر اوڍي، وري وڃي اندر ويٺو ۽ فقيرن کي سماع ۽ سرود جو چيائين. سندس ارشاد موجب فقيرن راڳ ڳائڻ شروع ڪيو ۽ پورا ٽي ڏينھن راڳ ٿيندو رهيو. شاھ لطيف پاڻ محويت واريءَ حالت ۾ مراقبي ۾ ويٺو رهيو. ھر ڪو سماع جي سوز ۽ ساز ۾ محو ھو. فقير بہ ايڏا تہ محو ھئا، جو ھنن کي بہ پتو ڪونہ پيو تہ ڇا ٿي رهيو آھي. آخر راڳ بند ٿيو. فقير شاھ لطيف جي ويجهو وڃي ڏسن، تہ مراقبي واريءَ حالت ۾ ئي الائجي ڪيڏي مھل سندس روح پرواز ڪري چڪو ھو.
شاھ لطيف جي استاد (ميين نور محمد ڀٽيءَ) جي پُٽ، ميين ولي محمد کيس غسل ڏنو ۽ شاھ لطيف جي پنھنجي وصيت موجب کيس اُنهيءَ ئي جاءِ تي دفن ڪيائون، جتي ھن وقت سندس مزار آھي. اُھا ھجري سال 1165هه/1752ع جي صفر مھيني جي چوڏهين تاريخ ھئي، جڏهن شاھ لطيف وفات ڪئي. سندس وفات، سندس پيارن فقيرن لاءِ ھڪ وڏو صدمو ھو، جنھن کي ڪي فقير برداشت ڪري نہ سگهيا ۽ انهيءَ غم وِگهي گذاري ويا. ان وقت جي ٻن بزرگ عالمن، قاضي ابراھيم ھالائيءَ ۽ محمد پناھ ’رَجا‘ نقشبندي ٺٽويءَ، جيڪي ٻئي شاھ لطيف جا معتقد ھئا، تن سندس وفات تي ھيٺيان ’تاريخي قطعا‘ چيا جيڪي ان ڏکوئيندڙ واقعي جا يادگار آھن:
قاضي ابراھيم ھالائيءَ ھيٺئين قطعي ۾ ’رضوان حق‘ جي لفظن مان وفات جو سال ڪڍيو:
شاھ صاحب ذوالمناقب سيد عبداللطيف
آن کہ قُطبِ وقت خود بودست در مردان حق
چون ز جام اِرجعي مخمور نوشِ وصل شد
گفت مُلھم غيب ربي رحلتش ’رضوان حق‘ 1165
يعني: ’شاھ صاحب ڳڻن جو ڳھير، منھنجو سيد عبداللطيف، جو الله لوڪن منجهہ پنھنجي زماني جو قطب ھو، سو جڏهن ’ارجعي‘ جي جام مان وصل جو شراب پي پُر ٿيو، تڏهن غيب عالم جي الھام آڻيندڙ سندس رحلت جو سن ’رضوان حق‘ ٺھرايو.‘
محمد پناھ ’رَجا‘ سندس ھيٺين ٻن شعرن جي پوئين سِٽ مان رحلت جو سال ڪڍيو:
زد نعرہ در فراق دگر کرد سينہ چاڪ
’شد محو در مراقبہ جسمِ لطيف پاڪ‘ 1165
گفت اين ’رَجا‘ مريد سن ارتحال پير
’گرديد محو عشق وجودِ لطيف مير‘ 1165
يعني: ’وڇوڙي ۾ ڪوڪ ڪيائين ۽ پڻ سينو ڏاريائين، ڇو تہ شاھ لطيف جو جسم مراقبي ۾ محو ٿي ويو.‘ ۽ ’رَجا‘ نالي مريد پير صاحب جي رحلت جو سنہ 1165ھ/1752ع ھن طرح چيو آھي: ’مير لطيف وجود عشق ۾ محو ٿي ويو.‘