آگم ڪيو اچن...

شاھ لطيف جا مِٽ مائٽ

شاھ لطيف جا مِٽَ مائٽ

بيبي سيدہ بيگم/سعيدہ بيگم:

بيبي سيدہ بيگم، شاھ لطيف جي شريڪ حيات ھئي. سندس پيءُ جو نالو مرزا بيگ ھو، جيڪو ڪوٽڙي (مغل) جو ھڪ سُکيو سَتابو ۽ اثر رسوخ وارو ماڻهو ھو. مرزا بيگ کي شاھ لطيف جي والد، سيد حبيب شاھ سان خاص عقيدت ھئي، تنھن ڪري کانئس دعا ڦيڻو ڪرائيندو ھو. ھڪ ڀيري مرزابيگ جي نياڻي، ’سيدہ بيگم‘ بيمار ٿي پئي. ھن شاھ حبيب ڏانھن ماڻهو موڪلي دعا لاءِ گهرايو، پر سيدحبيبشاھ پاڻ بيمار ھو، تنھن ڪري پاڻ وڃي نہ سگهيو. شاھ لطيف کي دعا لاءِ موڪليائين. مرزا بيگ وارا گهڻا پرديدار ھوندا ھئا، ۽ پنھنجي گهر جي چانئٺ ڪنھن بہ ڌارئين مرد کي، لنگهڻ بہ نہ ڏيندا ھئا. سيدن سان اعتقاد جي ڪري کين حويليءَ ۾ اچڻ ڏيندا ھئا.

شاھ لطيف، جڏهن حويليءَ ۾ ويو تہ سيدہ بيگم جو سڄو بدن ڪپڙي ۾ ويڙھيل ھو ۽ سندس فقط ھڪ ھٿ ڪپڙي کان ٻاھر ھو، جنھن جي چيچ جهلي، شاھ لطيف فرمايو تہ: ’جنھن جي چيچ سيد جي ھٿ ۾، تنھن کي لھر نہ ڪو لوڏو.‘ شاھ لطيف جي انهن لفظن تان مرزا بيگ تمام گهڻو ڪاوڙيو، ۽ سيدن سان پنھنجا سڀ ناتا ٽوڙي ڇڏيا. (وڌيڪ ڏسو، عنوان: شاھ لطيف جي سوانح حيات، ص: 20)

ڪجهہ عرصي کان پوءِ، دَل ذات جي ڌاڙيلن مرزا بيگ جي گهر مان ڦر ڪئي، جنھن ڪري ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ سخت جهيڙو شروع ٿي ويو، ۽ ان مقابلي ۾ مرزا بيگ مارجي ويو. اھو واقعو سن 1124 ھ/1712ع ۾ ٿيو، جڏهن شاھ لطيف جي عمر اٽڪل 22 سال ھئي. مرزا بيگ جي گهر جي زائفائن، ان واقعي کي سيدن جي ناراضگي ۽ پِٽ سان تعبير ڪيو، ۽ شاھ لطيف کي سيدہ بيگم جو سڱ ڏيڻ لاءِ راضي ٿيا. اھڙيءَ طرح شاھ لطيف جي شادي، بيبي سيدہ بيگم سان ٿي، جنھن کي شاھ لطيف جا مريد ۽ معتقد ’تاج المخدرات‘ (يعني: پردي وارين عورتن جو ڇٽ يا تاج) جي لقب سان سڏيندا ھئا.

بيبي سيدہ بيگم جيتوڻيڪ ھڪ وڏي گهر جي خاتون ھئي، پر سندس طبيعت ۽ مزاج ۾ ڪنھن بہ قسم جي وڏائي ڪانہ ھئي. ھوءَ ھڪ پرهيزگار ۽ سگهڙ قسم جي خاتون ھئي. روزي ۽ نماز جي پابند ھئي، قرآن شريف جي تلاوت روزانو ڪندي ھئي، ۽ پنھنجي گهر جا سڀ ڪم پنھنجن ھٿن سان ڪندي ھئي.

بيبي فاطمه/بيبي سلطانه:

بيبي فاطمه، شاھ لطيف جي وڏي ڏاڏي، سيد حيدر شاھ جي گهر واري ۽ شاھ محمد ھالي جي نياڻي ھئي.

روايتن مطابق 800ھ/1398ع ۾، جڏهن سيد حيدر شاھ سنڌ جي پرڳڻي ھالاڪنڊيءَ ۾ آيو، تہ ان وقت ھالا قبيلي جي ماڻهن تي حاڪمن پاران ڪنھن سبب ڪري ڳرو ڏنڊ وڌو ويو ھو. سيد حيدر شاھ،سندن ڏنڊ پنھنجي ھڙان ادا ڪيو، جنھن ڪري ھالا قبيلي جي سربراھ، شاھ محمد ھالي، کيس پنھنجي نياڻي پرڻائي ڏني. بيبي صاحبہ جو اصل نالو ’فاطمه‘ ھو، پر ڇاڪاڻ تہ سيد حيدر جي والدہ جو نالو بہ ساڳيو ھو، تنھن ڪري بيبي فاطمہ جو نالو مٽائي ’بيبي سلطان/سلطانه‘ رکيائين.

بيبي سلطانہ جي پيٽان ئي سيد مير علي (سنڌيءَ) جو جنم ٿيو، جنھن جي ٻارهين پيڙهيءَ مان شاھ لطيف پيدا ٿيو. انهيءَ نسبت سان، بيبي سلطانہ، شاھ لطيف جي سڀ کان وڏي ڏاڏي ليکجي ٿي.

سيد حيدر شاھ:

شاھ لطيف جي ڏاڏاڻن مان، ھن سلسلي ۾ تيرهين نمبر تي سيد حيدر شاھ ولد سيد مير علي، سال 800 ھ/1398ع ۾، امير تيمور سان گڏجي ھندستان آيو. ڪجهہ وقت کان پوءِ، سيد حيدر شاھ پنھنجي والد ۽ امير تيمور کان موڪلائي، سنڌ جي شھر ’هالا ڪنڊيءَ‘ ۾ اچي رهيو. انهن ڏينھن ۾ ھالن جي حاڪم ميران محمد نالي، ھالا ذات جي ماڻهن تي ڪنھن ڏوھه جي ڪري، 525 رپيا ڏنڊ وڌو ھو، جيڪو غربت جي ڪري ھالا ذات وارا، ادا ڪري نہ ٿي سگهيا. سيد حيدر شاھ، اُھا رقم پنھنجي ھڙان ڀري، جنھن ڪري ’هالا‘ ذات جا ماڻهو سندس ڏاڍا ٿورائتا ٿيا. جنھن کان پوءِ ھنن کيس سڱ ڏنو ۽ ھو شادي ڪري اُتي ئي رهي پيو.

ھالا ۾ ڪجهہ عرصو رهڻ کان پوءِ، کيس پنھنجي والد جي وفات جي خبر پئي، تہ واپس ھرات وڃڻ وقت، نشانيءَ طور ٽي شيون: منڊي، خنجر ۽ ھڪ خانداني ٻانهي، بيبي صاحبہ جي حوالي ڪيائين، ۽ وصيت ڪيائين، تہ پٽ ڄمي تہ نالو ’مير علي‘ رکي، کيس ٽيئي امانتون ڏيئي ھرات اماڻجو.

سيد حيدر شاھ ھرات وڃڻ کان پوءِ، اٽڪل ٽي سال جيئرو رهيو. کيس اتي پھرئين گهر مان اڳيئي ٻہ فرزند، سيد محمد ۽ سيد حسين نالي ھئا، جن کي پيءُ جي ڇڏيل ڪافي دولت ھٿ آئي. ھيڏانھن، ھالا ۾ بہ بيبي سلطان کي پٽ ڄائو، جنھن جو نالو ’ميرعلي‘ رکيو ويو. جڏهن نينگر ساماڻو تہ پيءُ جون ڇڏيل امانتون کڻي، ھرات روانو ٿيو، ۽ ڀائرن سان ملي، پنھنجي حصو گهريائين، جن پھرين تہ انڪار ڪيو، پر پوءِ قاضيءَ جي فيصلي کان پوءِ، سيد مير علي سنڌيءَ کي حصو مليو، ۽ پوءِ پاڻ جلدي سنڌ موٽي آيو.

سيد مير علي ’هراتي‘:

شاھ لطيف جي ڏاڏاڻن مان چوڏهين نمبر تي، سيد مير علي ولد سيد محمد شاھ ھو. سندس وڏا اصل بغداد، شيراز ۽ ترمذ ۾ رهيا ھئا. سيد مير علي پھريون بزرگ ھو، جنھن اچي ھرات کي وسايو. سيد مير علي ’هراتي‘، وڏي اثر رسوخ وارو ھو. جڏهن امير تيمور، سن 800 ھ/1398ع ۾، ھرات تي چڙهائي ڪئي، تہ مير عليءَ سندس استقبال ڪيو. امير تيمور سندس مھمانيءَ مان گهڻو خوش ٿيو، ۽ روايتن مطابق ھن، سيدميرعليءَ جي چئن وڏن پٽن کي مختلف علائقن جي حاڪم طور مقرر ڪيو.

امير تيمور جي ھندستان اچڻ وقت، سيد مير علي ۽ سندس پنجون پٽ سيد حيدر شاھ بہ ھِند آيا. سيد حيدر شاھ پيءَ کان موڪلائي، سير سفر ڪندي اچي، سنڌ جي شھر ’هالاڪنڊيءَ‘ ۾ پھتو. ھي بزرگ، شاھ لطيف جي ڏاڏن مان تيرهين نمبر تي ھو. (وڌيڪ تفصيل ڏسو سيد حيدرشاھ جي احوال ۾)

سيد مير علي ’سنڌي‘:

شاھ لطيف جي ڏاڏاڻن مان ٻارهين نمبر تي، سيد مير علي ولد سيد حيدر شاھ ھو. سيد مير علي پنھنجي والد حيدر شاھ جي اڳين پٽن کان ھرات مان پنھنجي حصو وٺي، پنھنجي چاچي شرف الدين کي ساڻ ڪري، سنڌ موٽي آيو. ھتي اچي ٻہ شاديون ڪيائين. ھڪ ھالا ذات مان ۽ ٻي ترڪن مان. پھرينءَ زال مان کيس ٻہ پُٽ ڄاوا، سيد مرتضيٰ شاھ ۽ سيد شرف الدين شاھه. مرتضيٰ شاھ جو اولاد ميرڻ پوٽا ۽ شرف الدين جو اولاد شرف پوٽا سڏجي ٿو ۽ ٻيءَ زال مان بہ ھڪ پٽ ڄائس، جنھن جو نالو ’احمد شاھه‘ رکيائين، ۽ سيد احمد شاھ جو اولاد ’مير پوٽا‘ سڏجي ٿو. مٽيارين ۾ انهن ٽنهي پاڙن وارا سيد، اڄ ڏينھن تائين موجود آھن. شاھ عبدالڪريم بلڙيءَ وارو بہ سيد شرف الدين جي ڇھين پيڙهيءَ مان ھو، جيڪو شاھ لطيف جو تڙ ڏاڏو ھو.

شاھ حبيب (وفات: 1731ع) :

شاھ حبيب ولد سيد عبدالقدوس شاھ، شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جو والد بزرگوار ھو. پاڻ زھد ۽ عبادت، فقر ۽ فضليت جو صاحب ھو، سندس اعليٰ اخلاق، فيض ۽ فقيريءَ جو سندس پٽ شاھ عبداللطيف جي تربيت تي وڏو اثر ھو.

شاھ حبيب جي وفات وقت، شاھ عبداللطيف جي رهائش ڪوٽڙي (لڳ ڀٽ شاھه) ۾ ھئي، پر کيس ڀِٽ تي رهائش جو ارادو ھو، جنھن ڪري پنھنجي والد بزرگوار جي تدفين، ڀِٽ تي ڪرايائين ۽ پنھنجي لاءِ بہ وصيعت ڪيائين، تہ مون کي شاھ حبيب جي پيرانديءَ کان رکجو. ھيئنر ڀٽ شاھ جي قبرستان ۾ شاھ لطيف جي روضي جي مٿئين پاسي کان شاھ حبيب جو روضو ٺھيل آھي. ان روضي جي احاطي ۾ ڪن سجادہ نشينن جون قبرون پڻ آھن.

شاھ لطيف جي امڙ سائڻ:

ڪن روايتن موجب شاھ حبيب، ٻہ شاديون ڪيون. ھڪ پنھنجي سيد خاندان مان ۽ ٻي شادي، مخدوم عربي دياڻي جي ڌيءَ سان ڪئي، پر ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ لکي ٿو تہ، ”اسان کي مليل روايتن موجب شاھ حبيب ٻہ شاديون ڪيون، ھڪڙي مغلن مان ۽ ٻي ڏيرن مان.“(بلوچ، 1990ع، ص: 23) اڳتي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب لکي ٿو تہ: ”هن ’ميان ثابت‘ جي اولاد مان ميان عرس ثابت پوٽي، ڏيره، ويٺل ڳوٺ علي محمد ڏيرہ جي گهران شاھ حبيب شادي ڪئي. ميان عرس ثابت پوٽي کي ٻہ نياڻيون ھيون، وڏي نياڻي خليفي ربڏني ڏيري، ويٺل ڳوٺ ’ملو مکڻ‘ جي گهر ۾ ھئي. شاھ حبيب جي شادي ميان عرس ثابت پوٽي جي ننڍي نياڻيءَ سان ٿي، جنھن کي قدرت طرفان ڀٽائي گهوٽ جي والدہ بنجڻ جو شرف مليو.“(بلوچ، 1990ع، ص:24)

ڪن روايتن موجب، شاھ لطيف جي امڙ سائڻ جي قبر ڀٽ تي ساداتن واري قبرستان ۾ آھي. ڀٽ شاھ تي شاھ لطيف جي روضي جي ڀر ۾، ساداتن جي قبرستان ۾ ٻہ قبرون آھن، جن جي مٿان مقبرو ٺھيل آھي، جن لاءِ چون ٿا تہ، ھڪ قبر شاھ لطيف جي والدہ جي آھي ۽ ٻي قبر شاھ لطيف جي گهر واريءَ جي آھي.

شاھ عبدالڪريم بلڙيءَ وارو (1538ع-1622ع):

شاھ عبدالڪريم بلڙيءَ وارو مٽياروي ساداتن (متعلوي سيدن) مان ھو. ھن، 20 شعبان سن 944 ھ/20 جنوري 1538ع تي جنم ورتو. سندس والد جو نالو، سيد لعل شاھ ھو. شجري جي حساب سان ھو، سيد مير علي ھراتيءَ جي نائين پيڙهيءَ مان ھو. شاھ لطيف سندس تڙ پوٽو ھو.

شاھ ڪريم، اوائلي عمر ۾ ئي مٽياريءَ کان موڪلائي اچي، بلڙيءَ ۾ رهائش اختيار ڪئي، جنھن ڪري کيس ’شاھ عبدالڪريم بلڙيءَ وارو‘ چيو وڃي ٿو. ننڍپڻ ۾ سندس سار سنڀال سندس وڏي ڀاءُ سيد جلال شاھ ڪئي. ننڍپڻ ۾ کيس مڪتب ۾ ويھاريو ويو، پر پڙهڻ لکڻ سان کيس گهٽ دلچسپي ھئي، تنھن ڪري مڪتب ڇڏي، سماع، وعظ ۽ نصيحت جي مجلسن ۾ ويندو ھو. شاھ ڪريم جي صحبت، زماني جي مشھور بزرگن، جھڙوڪ: مخدوم نوح سرور، سيد يوسف بکري، مخدوم آدم سميجي ۽ سلطان ابراھيم سان رهي.

شاھ ڪريم، مخدوم نوح وٽان گهڻو فيض حاصل ڪيو، ۽ ان جي ئي ھدايت تي بلڙيءَ جو شھر وسايائين، جتي سندس ھزارين مريد ۽ معتقد ٿيا.

شاھ ڪريم جي شادي، ننڍيءَ عمر ۾ ٿي. وڏي ڀاءُ سيدجلال شاھ جي وفات کان پوءِ، سندس گهر جو سڀ بار کيس برداشت ڪرڻو پيو. پاڻ زندگي مسڪينيءَ ۾ گذاريائين، ۽ گدائي ڪري بہ فقيرن جو پيٽ پاليندو ھو. پاڻ ھر ڪاھڻ ۽ سخت پورهئي جو عادي ھو. گهڻي محنت ۽ مشقت کان پوءِ، پاڻ عبادت ۽ رياضت لاءِ خاص وقت ڪڍندو ھو. پنج وقت فرض نماز پڙهڻ کان سواءِ، تهجد جي نماز بہ پابنديءَ سان پڙهندو ھو. سرود سماع سان بہ عشق ھوندو ھوس. کيس شعروشاعريءَ جو بہ خاص شوق ھو، پاڻ سنڌيءَ ۾ شاعري ڪيائين، جيڪا ’بيان العارفين‘ جي نالي سان رسالي جي صورت ۾ موجود آھي. ڪيترن ئي عالمن ۽ محققن سندس شاعري ’شاھ ڪريم جي ڪلام‘ جي عنوان سان سھيڙي آھي.

شاھ ڪريم کي، اَٺ پُٽ ھئا، جن مان چئن کي اولاد ٿيو، جيڪو وڌيو ويجهيو ۽ ڏاڏي جي نالي سان سندن پاڙو ’ڪريمپوٽا‘ جي نالي سان مشھور ٿيو، جن مان ٽئين نمبر تي سيد جلال شاھ ھو، جنھن جي اولاد مان شاھ لطيف ڄائو.

بلڙي شھر ۾، شاھ ڪريم جي مزار تي شاھ لطيف مقبرو جوڙايو، جنھن لاءِ ڪاشيءَ جون سرون ملتان مان آندائين. شاھ لطيف تي، شاھ ڪريم جو ايترو تہ گهڻو اثر ھو، جو پاڻ سان گڏ ھميشه قرآن شريف ۽ مولانا روميءَ جي مثنوي سان گڏ شاھ ڪريم جو رسالو بہ رکندو ھو.

شاھ محمد ھالو :

800ھ/1398ع ۾، جڏهن امير تيمور، ھرات مان چڙهائي ڪري، ھندستان فتح ڪيو، تڏهن سيد علي ۽ سندس پُٽ بہ ساڻس گڏ ھئا، جن مان سيد حيدر پنھنجي پيءُ کان موڪلائي سير سفر ڪندي، اچي سنڌ جي شھر ’هالا ڪنڊيءَ‘ ۾ پھتو.

سيد حيدر شاھ، نسبت ۾ شاھ لطيف جو سڀ کان وڏو ڏاڏو آھي، جيڪو سڀ کان پھرين سنڌ ۾ آيو. سيد حيدر جڏهن سنڌ جي شھر ’هالا ڪنڊيءَ‘ ۾ آيو، تہ ان وقت سنڌ تي سمن جو راڄ ھو. ميران محمد، ان وقت ھالاڪنڊيءَ جي علائقي جو حاڪم ھو، جنھن ڪنھن سبب جي ڪري ھالا قبيلي وارن تي ڳرو ڏنڊ وڌو ھو. سيد حيدر شاھ اھو ڏنڊ پنھنجي ھڙان ادا ڪري، قبيلي جي ماڻهن کي آجو ڪرايو. سيد حيدر جي انهيءَ عمل ڪري ھالا قبيلي جا ماڻهو کائنس گهڻا متاثر ۽ احسان مند ٿيا ۽ قبيلي جي سربراھ شاھ محمد ھالي، پنھنجي نياڻي بيبي فاطمه/بيبي سلطانہ، سيد حيدر کي پرڻائي. انهيءَ نسبت سان، شاھ محمد ھالو، شاھ لطيف جو وڏو نانو ٿئي ٿو.

عرس فقير ڏيرو:

عرس فقير ڏيرو، سيد حبيب شاھ جو سُهرو ۽ شاھ لطيف جو نانو ھو. عرس فقير ڏيرو، ملتان جي اولياءَ غوث بھاءُ الدين زڪريا جي خليفي ڪنڌر فقير ڏيري جي اولاد مان ’ڌئونريات‘ لقب وارن ڏيرن فقيرن جي ’ثابت‘ يا ’ثابت پوٽا‘ نک مان ھو. ڌئونريات ڏيرا فقير، سفيد پوش ڏيرا بہ سڏجن ٿا، جيڪي سُئي ڪنڌر ڳوٺ، ڀٽ شاھ کان اوڀر طرف جا رهاڪو ھئا. سُئي ڪنڌر ڳوٺ ھڪ تاريخي ڳوٺ آھي ۽ ان ڳوٺ جي ڀرسان قديم قبرستان آھي، جيڪو 60 ايڪڙ کن ايراضيءَ تي پکڙيل آھي. ھيءَ ايراضي گنباٽ سڏجي ٿي، ۽ سمن جي دؤر کان وٺي ھڪ وڏي آباد ايراضي رهي آھي. ترخانن جي دؤر ۾ ھيءَ ايراضي شاھ قاسم بيگلار جي جاگير ھئي، جنھن تي گنباٽ وارو قلعو بہ ٺھرايو، جنھن جا کنڊر ’مِٺن فقير ڏيري‘ جي ڳوٺ کان اٽڪل ھڪ ڪلوميٽر اولهہ طرف ديھ سُئي ڪُنڌر يونين ڪائونسل ڪنب داڙُو تعلقي ٽنڊي آدم، ضلعي سانگهڙ ۾ آھن، جتان لوھاڻو ڍورو يا سھڻي وارو ڍورو وھندو ھو. گنباٽ واري قلعي جي جاءِ تي لوھاڻي ڍوري تي ھڪ پتڻ، گودي، مسجد ۽ ڪجهہ جاين جا کنڊر اڄ بہ موجود آھن، پر ڀڄي ڀُري ويا آھن. ڳوٺ ’مِٺن فقير ڏيري‘ جي رهواسين جو چوڻ آھي تہ انهن کنڊرن مان سڪا بہ مليا آھن ۽ زرعي زمين ۾ لوھاڻي جي آثارن، جيڪي وڏي واھ سکر بئراج جي اڀرندي طرف ٽنڊو آدم ۽ ڀٽ شاھ روڊ جي ٻنھن پاسي وڏن کڏن جي صورت ۾ آھن. ان زرعي زمين ۾ ڪجهہ سال اڳ ٽريڪٽر سان زمين کيڙيندي، سرن جي ڀت جا سؤ فوٽ کن کان وڌيڪ ڊيگهہ جا آثار بہ لڌا ويا ۽ انهن سرن جي ڀت کي پتڻ تي ٺھيل گودي سڏين ٿا، جتي ماڻهن جي اچ وڃ ۽ واپار ڪارڻ ٻيڙيون ۽ ٻيڙا بيھندا ھئا. ھتان لڌل سڪن تي ڪَٽُ چڙهيل ھئي، تنھن ڪري لکت کي پڙهڻ مشڪل ھو.

عرس فقير ڏيري کي ٻہ نياڻيون ھيون. وڏي نياڻي، ربرکيي فقير ڏيري کي پرڻائي ڏنائين ۽ شاھ لطيف جو ماسات عالم فقير ڏيرو سندس پٽ ھو. عرس فقير ڏيري پنھنجي ننڍي نياڻي شاھ حبيب کي پرڻائي ڏني، جيڪا شاھ لطيف جي امڙ ھئي. سيد حبيب شاھ شاديءَ کان پوءِ بہ ساھرن جي پاڙي ۾ رهيو ۽ جڏهن شاھ لطيف ڏهن ٻارهن سالن جي عمر کي پھتو تہ عرس فقير ڏيري وفات ڪئي. حبيب شاھ بعد ۾ اُتان سُئي ڪنڌر مان لڏي اٺ نَو ميل اولهہ-ڏکڻ طرف ڪوٽڙي مغل ۾ وڃي ويٺو. عرس فقير ڏيري جي بُٺي، سُئي ڪنڌر جي تاريخي قبرستان ۾ آھي.

لعل بيبي:

مٽيارين جي متعلوي ساداتن سان تعلق رکندڙ ’لعل بيبي‘، ھڪ پرهيزگار ۽ متقي خاتون ٿي گذري آھي، جيڪا سلوڪ جون ڳالهيون سکڻ ۽ ياد الاھي جي روح رهاڻ خاطر، شاھ لطيف وٽ اڪثر ڀٽ تي ايندي ھئي. جيئن تہ مٽيارين جا سيد، شاھ لطيف جا مخالف ھئا، تنھن ڪري لعل بيبي مائٽن کان لڪي، شاھ لطيف وٽ ويندي ھئي.

لعل بيبيءَ جي سوانح بابت ڪو پيرائتو احوال نہ ٿو ملي، فقط ڪي ڳالهيون ملن ٿيون، تہ سندس رهائش ڀٽ شاھ کان ڪجھہ ميلن جي مفاصلي تي، ھڪ ڳوٺ ۾ ھئي.

ڪن روايتن مطابق، لعل بيبي، شاھ لطيف جي ڀيڻ بيبي بتول جي ننھن ھئي. بيبي بتول، سندس مڙس ۽ پُٽ جي موت کان پوءِ، لعل بيبي، شاھ لطيف وٽ رهڻ لڳي، جتي حويليءَ اندر فقيرن جي خدمت ۽ ڪم ڪار ۽ ياد الاھيءَ ۾ وقت گذاريندي ھئي. بعد ۾ شاھ لطيف کيس سندس ساھراڻو گهر آباد ڪرڻ جي تلقين پڻ ڪئي.

شاھ لطيف، لعل بيبيءَ جي ڪردار مان گهڻو خوش ھو، ھڪ روايت مطابق ھڪڙي ڀيري لعل بيبيءَ لاءِ ھي بيت پڻ چيائين:
بيبي لعل، ڦلن مالهہ، ھو جا پوجي پوت، لڪڙيءَ تان لڙي،
جوڳيءَ سان جڙي، ٻڌي پنھنجي ٻانھن ۾.
(وفائي، دين محمد، مولانا، (1991ع)، ’لطف اللطيف‘، ص: 115)

محمد عالم ڏيرو:

خليفو محمد عالم ڏيرو، شاھ لطيف جو سڳو ماسات، ذڪر ۽ سماع جو نگران ھو، جيڪو ٻالڪپڻي کان وٺي سڄي ڄمار شاھ لطيف سان گڏ ڀِٽ تي رهيو. محمد عالم ڏيري بابت ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکي ٿو: ”انهيءَ ٻاراڻي وھيءَ ۾ سندس سنگت ۽ رفاقت فطري طور تي ڏيرن فقيرن جي ٻارن سان ٿي، جن سان ھُو کيڏيو ۽ خوش ٿيو ۽ جيڪي پوءِ وڏي ھوندي سندس پيارا فقير ۽ معتقد ٿيا. انهن مان اجن فقير ڏيرو ۽ سُک فقير ڏيرو، ٻئي شاھ صاحب جي حاضرات جا فقير ھئا. جاني فقير ڏيرو بہ شاھ صاحب جو ننڍڙي ھوندي جو ساٿي ھو، جنھن جو پٽ عنايت پڻ ڏانهس مائل ٿيو. پر شاھ صاحب جو سڀ کان وڌيڪ ويجهو ۽ پيارو ساٿي سندس پنھنجو سڳو ماسات، رب رکيي فقير جو پٽ، محمد عالم ڏيرو ھو، جيڪو پوءِ خاص فقير ۽ خليفو ٿيو؛ شاھ صاحب کيس ڀٽ تي سماع ۽ ذڪر جو اڳواڻ مقرر ڪيو ۽ کيس ’محمد عالم سچو عالم‘ ڪري سڏيو. پر عام طرح ھو ’خليفو محمد عالم ذاڪر‘ سڏجڻ لڳو. شاھ صاحب جي وفات کان پوءِ فقراءَ جي سڄي نظام کي سنڀاليائين ۽ وڏي خدمت ڪيائين. وفات بہ ڀٽ تي ئي ڪيائين، جتي سندس قبر شاھ صاحب جي روضي جي ٻاھران ڏکڻ طرف، ۽ تمر فقير جي تجر کان اوڀر طرف، تربتن جي اتر واري قطار سان لاڳيتي ڏکڻ طرف واري قطار ۾، اولهہ کان ٻيو نمبر آھي.“ (بلوچ، 2009ع، ص: 9)

مرزا بيگ ارغون ’مرزا مغل بيگ‘ (وفات: 1712ع):

مرزا بيگ بن مرزا جان بيگ ارغون، شاھ لطيف جو سهرو ھو. مرزابيگ ڪوٽڙيءَ جو ھڪ سکيو، ستابو ۽ اثر رسوخ وارو ماڻهو ھو. کيس شاھ لطيف جي والد سيد حبيب شاھ سان خاص عقيدت ھئي، ۽ شاھ حبيب دعا ڦيڻي لاءِ سندن گهر بہ ويندو ھو. ھڪ ڀيري 1124ھ/1712ع ڌاري ’دل‘ ذات جي ڌاڙيلن مرزا بيگ جي گهر ڌاڙو ھنيو، اوڏي مھل مرزا بيگ گهر ۾ موجود ڪونہ ھو. ’دَلَ‘ ڌاڙيل گهر جو الهہ تلهہ سڀ ٻُھاري ويا. مرزا بيگ کي جڏهن ان واقعي جي خبر پئي، تہ پنھنجي ننگ ۽ ناموس جو نڪ مٿي ڪندي، ڌاڙيلن پويان پنھنجي ماڻهن سميت ڪاھي ويو. جڏهن ڌاڙيلن سان سندن مقابلو ٿيو، تہ ھو ان مقابلي ۾ مارجي ويو. اھو واقعو 1124هه/1712ع ڌاري پيش آيو. مرزابيگ جي قبر، ٽنڊي الهيار روڊ کان ٽنڊي آدم ايندي، عثمان شاھ جي ھُڙي اسٽاپ کان اتر طرف ڏيڍ ڪلوميٽر جي پنڌ تي ڳوٺ ميون ونھيين، تعلقي جهنڊو مري، ضلعي ٽنڊي الهيار ۾ آھي. ڳوٺ جي اوڀر ۽ ڏکڻ جي ڪنڊ تي ميين ونھين جي مزار آھي. ميين ونھين جي مزار جي اولهہ طرف اسماعيل شاھ بخاريءَ جي مزار بہ آھي.

ميين ونھين جي مزار کان سڏ پنڌ تي اڀرندي طرف قاسم بيگلار ۽ سندس خاندان جون قبرون آھن، جن ۾ بہ ھڪ قبر تي مرزا بيگ ارغون 1020ھ ڄاڻايل آھي، جڏهن تہ انهن قبرن کان ٽيھارو کن فوٽ اتر طرف ھڪ اڪيلي ڀڳل پٿر واري قبر آھي، جنھن تي، ’مرزا بيگ بن مرزا جان بيگ ارغون، شھادت 1124ھ‘ لکيل آھي. ھيءَ قبر شاھ لطيف جي سُهري مرزا بيگ ارغون جي آھي.

(نوٽ: اڪثر ڪتابن ۾ شاھ لطيف جي سھري جو نالو ’مرزا مغل بيگ‘ ڄاڻايو ويو آھي، جيڪڏھن ڏسجي تہ اُھي ٽئي نالا مغلن جي ذاتين طور ڪتب آندا وڃن ٿا، پر ’مرزا مغل بيگ‘ جي قبر جنھن جي تصوير ھيٺ ڏنل آھي، ۽ جنھن کي اسان جي تحقيقي عملي پاڻ وڃي ڏٺو آھي. اُن قبر جي ڪتبي تي سندس نالو ’مرزا بيگ‘ درج ٿيل آھي، تنھن ڪري ھتي ’مرزا مغل بيگ‘ بدران ’مرزا بيگ‘ لکيو ويو آھي. ’ايڊيٽر‘)