شاھ لطيف جوڪاھوءَ جي پَٽ کان ساموئي يا سما ننگر وارن ماڳن تان ڀيرو:
شاھ لطيف جي رسالي جي ڪلام مان، 15 سُرن جو جاگرافيائي يا موضوعاتي تعلق، ٿر واري ايراضيءَ بابت ملي ٿو. شاھ لطيف، ٿر واري ايراضيءَ ۾، مختلف ھنڌن جو سير ڪيو ھو. ھن، اھو سفر ھڪ ڀيري يا مختلف سفرن ۾ ڪيو، تنھن بابت ڪا تاريخي ثابتي ڪانہ ٿي ملي، پر سندس ڪلام ۾ آيل اشارن ۽ ڪلام جي رنگ ۽ نوعيت مان اھو ظاھر ٿئي ٿو تہ ھُن، اھو سفر جوانيءَ جي ڏينھن ۾ ڪيترائي ڀيرا ڪيو ھو.
جاگرافيائي اڀياس مان پتو پوي ٿو تہ، شاھ لطيف جي دؤر ۾ ’ڀٽ شاھ‘ يا ’هالا حويليءَ‘ واري ايراضيءَ کان، ’ٿرپارڪر‘ تائين وڃڻ لاءِ ٻہ رستا ھوندا ھئا. جن جي جاءِ تي ھينئر پڪا رستا، ميرپور خاص کان ٽنڊو آدم روڊ ۽ ميرپورخاص کان ٽنڊوالھيار ۽ نصرپور روڊ ٺھي چڪا آھن، جن تي موجودہ شھرن بدران، ٻيا شھر ھئا، جيڪي ھينئر کنڊرن جي صورت ۾ بدلجي ويا آھن.
شاھ لطيف، انهن ٻنهي رستن مان ڪنھن بہ ھڪ رستي کان، ٿرپارڪر ضلعي جي ’ڪاھو‘ ۽ ’ڪاڪ‘ جي پٽن تائين پھتو ھوندو.
’ڪاھوءَ جو پٽ‘، ميرپورخاص جي موجودہ شھر جي اتر طرف آھي، جنھن ايراضيءَ ۾هڪ قديم دؤر جو ’ڀِڙو‘ پڻ آھي، جنھن کي ’ڪاھوءَ جو دڙو‘ ڪوٺيو وڃي ٿو. اھو اِتي، ڪاھو ڏيري جي رهائش ڪري، سندس قديم نالي بدران، ’ڪاھوءَ جو دڙو‘ سڏجڻ لڳو. ڪاھو ڏيرو، سومرا دور جي ھڪ سمي سردار ’ڄام نندي‘ جو سالو ھو، جيڪو ’بڊام‘ جي ايراضيءَ جو رهندڙ ھو.
’ڪاڪ جو پٽ‘، ميرپورخاص شھر جي ڏکڻ طرف آھي، جنھن تي اھو نالو، ’ڪاڪ پُٽ انڙ‘ سمي جي رهائش ڪري مشھور ٿيو، جو وڏو ڀاڳيو ھو، ۽ مال سانگي، سنڌ جي جنھن بہ حصي ۾ وڃي رهندو ھو، اھو ھنڌ سندس نالي پُٺيان ’ڪاڪ جو پَٽ‘ سڏبو ھو. ڪاڪ جي نالي سان، بدين، مٺي، کپري، عمرڪوٽ، جيسلمير ۽ ٻين ھنڌن تي ايراضيون، ديھون، پَٽ ۽ ڳوٺ آھن، جيڪي اڄ بہ انهيءَ پراڻي نالي سان مشھور آھن.
قديم دؤر کان ڪاھوءَ جي ايراضيءَ مان ’پوراڻ‘ ھڪ ندي وھندي ھئي، جنھن کي گهڻن ورن وڪڙن جي ڪري، ڪن مؤرخن ’پورالي‘ بہ سڏيو آھي. پوراڻ جي معنيٰ بہ ساڳي آھي، جنھن کي ھاڻي ’پُراڻ‘ سڏيو وڃي ٿو.
شاھ لطيف، جنھن دؤر ۾، انهيءَ سفر تي نڪتو ھو، تنھن دور ۾، ’پُراڻ جا پِير‘ مشھور ھئا، جن کي ڏسڻ ۽ ساڻن ملاقات ڪرڻ جي خيال کان، پاڻ پُراڻ جو ڪنارو وٺي، ڏکڻ طرف روانو ٿيو. انهيءَ دؤر ۾، پُراڻ تي ڪافي پتڻ ۽ گهيڙ ھئا، جن مان ڪاھوءَ جو پتڻ، ڪاڪ جو پتڻ، جهلوري جو پتڻ، واگهريجيءَ جو پتڻ ۽ آٻہاريءَ جو پتڻ مشھور ھئا.
شاھ لطيف، انهن پتڻن ۽ گهيڙن جي ذريعي، پُراڻ جي ٻنهي طرفن کان سير ڪندو، گذاري ويل بزرگن جي مزارن تي فاتحه پڙهندو، حيات بزرگن سان روح رهاڻيون ڪندو، ’آٻھاريءَ‘ جي ايراضيءَ ۾ پھتو، جتي درس عثمان ڪاڇيلي سان سندس ملاقات ٿي، جيڪو ٻڪريون چاريندو ھو، ۽ جهنگ ۾ ڌنارن، ٻڪرارن ۽ جهانگين کي درس ڏيندو ھو. جڏهن شاھ لطيف درس عثمان سان ملاقات بعد اڳتي روانو ٿيو ۽ اڳتي ڪنھن فقير کانئس درس عثمان جي باري ۾ پڇيو تہ پاڻ فرمايائين:
ڪُپيرِيان پَري ٿِيا، اَٻُڌِي ٻُڌائُون،
اُنِين وٽ آئُون، ھيرَ ڏِسي آئِيو.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر کاھوڙي، داستان 3، بيت 5، ص:756) درس عثمان ڪاڇيلو، انهن بزرگن مان ھو، جنھن سان ٺٽي جي مشھور عالم، مخدوم محمد ھاشم ٺٽويءَ بہ ملاقات ڪئي ھئي. درس عثمان جي رهائشگاھ، ’آٻھاريءَ‘ جي پَٽَ ۾ ھئي، سندس قبر، سرن جي ڍير جي صورت ۾ يو سي ڪاڇيلي، تعلقي ڪوٽ غلام محمد، ضلعي ميرپور خاص، ديھ 258 ۾ آھي. اتي پھچڻ لاءِ لانڍيءَ کان ٿيندي طالب دل جي ڳوٺ کان ھن مقام يعني (درس عثمان ڪاڇيلي) ۾ اچي پھچبو تہ ھي مقام پنجن کان ڇھن ڪلوميٽرن جي پنڌ تي ٿيندو. درس عثمان ڪاڇيلي جي قبر کان اتر طرف مخدوم ٺارل جي مزار ۽ ڀر ۾ رفيق ڪاڇيلي جي پڪي مزار ٺھيل آھي. ھي قبرستان پُراڻ کان اڀرندي طرف ڏيڍ کن ڪلوميٽرن جي پنڌ تي آھي.
شاھ لطيف، آٻھاريءَ ۾ ترسڻ بعد، پُراڻ جي ڪناري سان اڳتي روانو ٿيو ۽ سير ڪندو، ’دڙيلي‘ جي شھر ۾ پھتو ھو، اھو شھر موجودہ ’ڪاڇيلي اسٽيشن‘ جي لڳ، پُراڻ جي ساڄي ۽ کاٻي ڪپ تي ھو، ۽ پُراڻ، شھر جي وچان وھندي ھئي، جنھن جا آثار ھينئر ڊھي چڪا آھن.
انگريزن جي زماني ۾، جڏهن اتي ريلوي اسٽيشن قائم ڪئي وئي ھئي، تہ ان جو نالو ’دڙيلو‘ رکيو ويو، جيڪا پوءِ ڪنھن سبب ’ڪاڇيلي‘ جي نالي سان سڏجڻ لڳي.
شاھ لطيف، جنھن دؤر ۾ اتي پھتو ھو، اُن دؤر ۾ پُراڻ جي ٻنهي پاسن ڪاڪ جي پٽ کان بڊام تائين، دَلَ ذات وارن جي اڪثريت رهندڙ ھئي، جن مان دڙيلي شھر جو سردار، دريا خان دَل سڀني کان سَڀرو ۽ وڏو سردار ھو، جنھن شاھ لطيف جي تمام گهڻي خدمت چاڪري ڪئي ھئي ۽ شاھ لطيف راضي ٿي کيس دعا ڪندي فرمايو ھو تہ:
’دل تہ دريا خان، ٻيا مڙيئي ٻائڙا.‘ دڙيلي شھر جي وچ ۾، پُراڻ جي موڙ کي بلڪل سامهون ھڪ دڙي تي، قديم دؤر جي ھڪ بزرگ سيد سوڍل شاھ جي مزار آھي. اتان پُراڻ جو نظارو نھايت دلڪش ڏسڻ ۾ ايندو آھي. شاھ لطيف جڏهن اتي پھتو تہ پُراڻ جي انهيءَ گهيڙ جي سونھن کان ڏاڍو متاثر ٿيو ۽ اتي ڪيترا ڏينھن سوڍل شاھ جون مٽيون ڀريندو رهيو. ھن، اتي چلو بہ ڪڍيو، چلي واري اھا جاءِ، بزرگ جي مزار جي اتر ۾، پُراڻ جي ڪناري سان آھي. سيد سوڍل شاھ شھيد، سومرا دؤر جو بزرگ ھو، ۽ پُراڻ جي موڙ وٽ رهندو ھو.
ھيءَ مزار ھن وقت ڊگهڙي ۽ جيمس آباد جي وچ پنڌ تي ڪاڇيلي فارم کان ڏکڻ طرف آھي. ڪنھن وقت ۾ ھن ايراضيءَ کي ’ڌڙيلو‘ بہ سڏيندا ھئا. ھيءَ مزار اجڙي ويل پُراڻ جي ڏاکڻي ڪنڌيءَ تي آھي. ھتي مزار جي بنه ويجهو، اتر واريءَ ڪُنڊ تي شاھ لطيف جي چلي ڪڍڻ واري جاءِ بہ آھي، جنھن کي ’شاھ جي دونھيءَ واري جاءِ‘ بہ سڏين. چلي واريءَ جاءِ تي ھڪ پراڻو لئي جي وڻ جو ٿلهو بُنڊ پيل آھي، جنھن لاءِ اھو مشھور آھي تہ، ان لئي جي وڻ ھيٺان شاھ لطيف ويھي چلو ڪڍيو ھو. مزار جي ڀرسان ئي ھڪ وڏو مقام آھي، جو لڳ ڀڳ اٺن چورس ڪلوميٽرن ۾ ٿيندو. مزار واري ھن قبرستان ۾، مسلمان توڙي ھندو بہ دفن ٿيل آھن. ھن قبرستان ۾ ٻہ ٽي وڏيون سماڌيون بہ آھن، جن مان ھڪ سماڌي ڀڳت سيتل داس جي آھي. ھن مزار جي پيڙهياتي مجاور، علي مراد ولد ارباب مير جت ٻڌايو تہ: ’هي درويش اگهاڙو گهمندو ھو. وڏا گهاٽا وار ھئس، جن سان پاڻ کي سڄو ڍڪي ھلندو ھو. دل ذات جي ماڻهن، ھن درويش کي ان ڪري شھيد ڪيو، جو کين شڪ ھو تہ، اِھو درويش سندن ڪنھن ڇوڪريءَ تي عاشق آھي.‘
دڙيلي کان پوءِ، شاھ لطيف ڏکڻ طرف سفر ڪندو، آمريءَ جي قبرستان وٽ پھتو. اھو قبرستان، سنڌ جي قديم قبرستانن مان ھڪ آھي، جنھن ۾ سلطان محمود غزنويءَ جا سپاھي بہ دفن ٿيل آھن، تہ وري پُراڻ جا مشھور ماموئي فقير بہ اُتي آرامي آھن، جن کي ’هفت تن‘ بہ ڪوٺيو ويو آھي.
سومرا دؤر ۾، ھن قبرستان جي ھڪ ڪنڊ ۾، ھڪ روايت مطابق غوث بهاؤالحق زڪريا ملتانيءَ اچي چلو ڪڍيو ھو، ۽ آمريءَ جو وڻ بہ پوکيو ھئائين، جنھن تان انهيءَ قبرستان جو نالو بہ آمريءَ جو قبرستان مشھور ٿيو. پُراڻ جو اھو گهيڙ بہ ڊٺل آمريءَ وارو گهيڙ سڏجڻ ۾ آيو. قديم زماني ۾، توڙي شاھ لطيف واري دؤر ۾، پُراڻ درويشن، فقيرن، عالمن ۽ شاعرن سبب مشھور ھئي، جنھن ڪري ڪيئي بزرگ تمام پري پري کان ملاقات ۽ زيارت لاءِ ھت ڪھي ايندا ھئا.
پُراڻ جا رَنَد، ميرپورخاص، جيمس آباد ۽ ڊگهڙيءَ تائين ڏسجن ٿا، جن کي ’پُراڻ جو پَٽُ‘ سڏيو ويو آھي ۽ شاھ لطيف پُراڻ جي پَٽَ کي دعا ڪندي فرمايوآھي تہ:
ڍَٽِ ڍَرِي پَٽِ پييُون، آيُون ڪاھي ڪاماري،
وَٺا پَٽَ پُراڻَ جا، وَٺِيُون ساماري،
ڪَڪَر ۾ ڪاري، وِڄُڙِيُن پَسو! ويسَ ڪِيا.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سارنگ، داستان 4، بيت 7، ص:699)
آمريءَ جو قبرستان، ھن وقت ڦٽل پُراڻ ۽ سم نالي جي الهندي پاسي ۽ ٽنڊي جان محمد جي اڀرندي پاسي، لڳ ڀڳ اٺن چورس ڪلوميٽرن ۾ پکڙيل آھي، ھن مقام ۾ ڳاڙهين سرن جون ڪافي قبرون آھن، جي ھن وقت بنه زبون ٿي چڪيون آھن. ڪي ٿوريون قبرون اڃا بہ سلامت آھن. سرن جو ھڪ وڏو قبو، مقام جي وچ ۾ اڌ ڊٺل حالت ۾ اڃا بہ موجود آھي. قبرستان جي ڏکڻ واري زمين، قبرن کي پٽ ڪري آباد ڪئي وئي آھي. ان ڇيڙي وٽ جيڪي قبرون آھن، تن لاءِ ھتي جي ماڻهن جو چوڻ آھي تہ، اھي محمود غزنويءَ جي سپاھين جون آھن.
شاھ لطيف، آمريءَ کان اڳتي نڪري، ’بادل فقير‘ جي آرامگاھ لڳ، ’بالوءَ جي ڪنب‘ وٽ پھتو، جنھن جي سامهون ’بڊام‘ جو پَٽَ ھو، جيڪو جاگرافيائي توڙي تاريخي لحاظ کان مشھور ھو. ھن پٽ ۾ سنڌ جي مشھور سورهيہ، ’پُنِري‘ جي راڄڌاني، ’ٻرڙائي ڪوٽ‘ جا کنڊر ڏسڻ ۾ اچن ٿا، جيڪي پُراڻ جي پراڻي بزرگ ’جهنڊي پاتڻيءَ‘ جي مزار کان ڏکڻ طرف اٽڪل ڏيڍ ڪلوميٽر کن پنڌ تي آھن.
شاھ لطيف، بَڊام جو ذڪر سُر سارنگ ۾ ڪجهہ ھن طرح ڪيو آھي:
اَڄُ رَسِيلا رَنگَ، باَدلَ ڪَڍِيا بُرجَنِ سين، سازَ،
سارَنگِيُون، سُرَندا، وَڄائي بَرُ چَنگَ،
صُراحيون سارَنگ، پَلِٽِيُون راتِ ’پَڊَام‘ تي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سارنگ، داستان 2، بيت 5، ص:693)
’پُنرو بڊاماڻي‘، نائين صدي عيسويءَ جو مشھور سورهيہ سردار ھو، جيڪو نہ رڳو ’بڊام‘ جي علائقي ۾ پنھنجي راڄن جي رکوالي ڪندو ھو، پر اوکيءَ ۾ آسپاس وارن کي بہ سڏ ۾ سڏ ڏيندو ھو. سندس دؤر ۾، ڪنھن بہ پاڙي واري کي ڪا تڪليف پھچندي ھئي، تہ اھو کيس ضرور پڪاريندو ھو. ان ڳالهہ جي تصديق شاھ لطيف بہ ڪئي آھي، جنھن ۾ پُنري جي ڪنھن مظلوم پاڙيسريءَ جي زبان ۾ فرمايو اٿس تہ:
اَڄُ گُهرجين تُون ھِتِ، بَڊامَاڻِي بُنِرا!
پَکي پيئِي ڀِتِ، واٽُون ويرِيَن لايُون.
(شيخ، ٻانهون خان، (2002ع)، ’شاھ جو رسالو‘، جلد ٽيون، سُر ڏهر، داستان 8، بيت 10، ص:268)
اَڄُ گُهرجين يَارَ، بَڊامَاڻِي بُنرا!
ڪَاڇي ٻَئي ٻَار، اَچِي ويرِيَنِ ويڙِهِئَا.
(شيخ، ٻانهون خان، (2002ع)، ’شاھ جو رسالو‘، جلد ٽيون، سُر ڏهر، داستان 8، بيت 9، ص:268)
شاھ لطيف، ’بڊام‘ جي بزرگن، جهنڊي پاتڻيءَ، جُھڏي فقير، خاڪي پير ۽ ڦُل فقير جي مزارن تي فاتحه خواني ڪندي، پُراڻ جو کاٻو ڪپ وٺي، ’ساموئي‘ يا سما ننگر جي کنڊرن وٽ پھتو ھوندو، جيڪي ’نئين ڪوٽ‘ جي شھر لڳ، ھن وقت بہ موجود آھن. ھن شھر جو بنياد، اٺين صدي عيسويءَ جي شروع ۾، ’لاکي ڳڙه راءِ‘ وڌو ھو، جنھن بعد، ان جو وارث ’ڄام انڙ‘ اھڙو تہ ڏيا وارو سخي ھو، جو ھر ڪنھن کي سندس سامهون اچڻ جي جرئت نہ ٿيندي ھئي، پر غريب، سائل ۽ گُهرجائو فقير، بيڊپا ٿي ڏانھنس ھليا ايندا ھئا. اھو ان ڪري جو ھو، انهن جي ڏاڍي عزت ۽ آڌرڀاءُ ڪندو ھو، ۽ بنا دير جي سندن ضرورتون پوريون ڪري پوءِ موٽائيندو ھو.
شاھ لطيف، ’ڄام انڙ‘ جي انهيءَ روش بابت ڪجهہ ھيئن فرمايو آھي تہ:
اُنَڙَ ۾ آس گهڻي، تِھان وَڏيرو ڊَپُ،
مَڱڻَهَارَنِ مَپُ، جو نَه موٽَائي مَڱَڻَا.
(شيخ، ٻانهون خان، شاھ جو رسالو، جلد ٽيون، سُر جاجڪاڻي، داستان 1، بيت 17، ص:275)
ڄام اُنڙ کان پوءِ، سندس پٽ ’ڄام تماچي‘ عرف ڄام سمو حاڪم ٿيو. اِنهيءَ ڄام تماچيءَ عرف ڄام سمي جو پُٽ، ’ڄام راھو‘ ساماڻو. ’ڄام راھو‘ پنھنجي ڏاڏي ’ڄام انڙ‘ وانگر وڏو سخي ۽ ڏاتار ھو. سندس سخا جو ڌاڪو پري پري تائين پھتل ھو. شاھ لطيف ساڻس مخاطب ٿيندي فرمائي ٿو تہ:
رَاھُو تنھنجي رِيتِ، پَرَکَنڊين پَڌَرِي،
گَهڻا گهوڙَنِ چاڙِهيَئِي، مُسافِرَ مَسِيتِ،
پُڇين ڪا نَه وِڏِيتِ، جي آيا سي اَگِهيا.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر بلاول، داستان2، بيت 9، ص:900) ڄام راھوءَ جي عادت ھوندي ھئي تہ ھو پنھنجا خاص ماڻهو موڪلي، رعيت جي خبرچار وٺي، گهرجائن ۽ ضرورتمندن جي مدد ڪندو ھو. انهيءَ ڪري ڪئين فقير ۽ مڱتا، سدائين ڏانھنس پيا ايندا ويندا ھئا. مطلب تہ ھو اھڙو سخي سردار ھو جو سندس سخا جا گيت، پنج صديون پوءِ ڄام جکري جي دؤر ۾ بہ ڳايا پئي ويا، جنھن حقيقت بابت شاھ لطيف کان بہ ثابتي ملي ٿي:
رَاھُوءَ جا رَهيامِ، سَنِيھا سَريرَ ۾،
ٻيا دَرَ وِسَرِيامِ، ڏٺي جَادَمَ جَکِري.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر بلاول، داستان2، بيت 8، ص:899)
شاھ لطيف جو ٿانور ڀٽيءَ واري ماڳ جي آثارن تان ڀيرو:
شاھ لطيف، ’ساموئي‘ جي قديم کنڊرن جي سير کان پوءِ، ’هاڪڙي‘ جو ڪنارو وٺي روانو ٿيو ھوندو، ۽ اٽڪل 10 ڪلوميٽر ڏکڻ طرف، ھلڻ بعد ’ٿانور ڀٽيءَ‘ جي شھر جي کنڊرن وٽ پھتو ھوندو، جيڪي ’ڊگهڙي‘ تعلقي جي ديھ ’جنهاڻ‘ ۾، فضل ڀنڀري اسٽيشن کان اٽڪل 5 ڪلوميٽر کن اوڀر طرف، ھاڪڙي جي ساڄي ڪپ تي آھن ۽ ڪافي ايراضي والارين ٿا. اتي پھچي شاھ لطيف کي ٿانور ڀٽيءَ جي اھا ڏک ڀري ڪھاڻي معلوم ٿي، جنھن ۾ ھو پنھنجي تر ۾ سخت ڏڪار واريءَ حالت ۾، روزگار خاطر اھڙي تر ۾ وڃي نڪتو، جنھن ۾ پورهئي ڪارڻ ايندڙن لاءِ قانون ھو تہ:
’ڪي بہ زال مڙس گڏجي اچي نہ رهن.‘
ھن اھو قانون ڏسي، پاڻ کي گونگو ۽ اٻوجهہ ظاھر ڪيو، ۽ زال کي سمجهايائين تہ ھوءَ ماڻهن کي ٻڌائي تہ، ھي ٻئي پاڻ ۾ ڀاءُ-ڀيڻ آھن. جڏهن ٿانور جي زال ماڻهن کي اھو ٻڌايو تہ ساڻس گڏ پورهئي تي آيل سندس ڀاءُ آھي، تڏهن کين اتي رهڻ ۽ پورهئي ڪرڻ جي اجازت ملي ۽ اھي مختلف ھنڌن تي مزوري ڪندا رهيا.
ھڪ رات، ٿانور جي زال، پنھنجي علائقي جي مٿان کنوڻين جا تجلا ڏٺا تہ ڊوڙندي پنھنجي مڙس وٽ آئي ۽ چوڻ لڳي: ’هو ڏس! رب پاڻ تي راضي ٿيو آھي، جو پنھنجي ملڪ مٿان کنوڻ پئي کِنوي.‘ اھو ٻڌي، ٿانور ورندي ڏنيس تہ: ’رب انهن تي راضي ٿيو آھي، جيڪي مجبوريءَ جي حالت ۾ پنھنجن مڙسن کي ڀاءُ ڪوٺيو، محنت مزوري پيا ڪن.‘ شاھ لطيف انهيءَ حقيقت طرف اشارو ڪندي، فرمايو آھي تہ:
ٿَاوَرَ اُٿِي پَسُ، ڏيھِ کِنوَندي وِڄُڙِي،
مَنُ کُلِي بَاغُ ٿِئو، ھِينئَڙي لَٿِي ڪَسُ،
تَنِي ڪَارَڻِ وَسُ، جن وَرَ مَٽَائي ڀَائُرَ ڪِئا.
(شيخ، ٻانهون خان، (2002ع)، ’شاھ جو رسالو‘، جلد پھريون، سُر سارنگ، داستان 4، بيت 3، ص:332)
ھن بيت ۾ اُن وقت جي سخت ڏُڪار جي حالت بيان ڪئي وئي آھي. يعني ڏڪار وقت ماڻهن جون نفساني خواھشون ختم ٿي ويون آھن. زالون مڙسن سان ستيون پيون آھن، سندن جنسي جذبا ختم ٿي ويا آھن.
’ٿانور ڀٽي‘ سومرا دؤر جو ھڪ ننڍو سردار ھو، جنھن جو راڄواڙو، ڪجهہ ٿر جي ايراضيءَ ۾ ۽ ڪجهہ ھاڪڙي جي ڪناري سان ھو. ھن جتي پنھنجو شھر آباد ڪيو ھو، اتي اڳ ۾ بہ ھڪ پراڻي شھر جا کنڊر ھئا، جن کي ’بروئڙ‘ جا کنڊر سڏيو ويندو ھو، ۽ اھي کنڊر اصل ۾ آڳاٽي دؤر جي ھڪ تاريخي شخصيت ’بروئي‘ يا ’بروڙي‘ جي آباد ڪيل شھر جا آثار آھن. اھي کنڊر اڄ بہ موجود آھن ۽ ھن وقت بہ ٻنهي نالن سان سڏجن ٿا.
شاھ لطيف، انهيءَ شھر جي کنڊرن گهمڻ دوران، ’ٿانور ڀٽيءَ‘ جي ڪھاڻيءَ سان گڏ، ’بروئي‘ جي ڪھاڻي بہ ٻُڌي، جنھن بعد ھو انهيءَ ڪھاڻيءَ جي سورمي، ’رپ‘ جي رهائش گاھ وارن کنڊرن ڏانھن بہ ويو، جيڪي ھن وقت جي سروي موجب ڊگهڙي تعلقي جي ’ڳونيري‘ تپي ۾ موجود آھن، جن کي ھينئر ’ڳاڙهو ڀڙو‘ سڏين ٿا، ۽ انهيءَ ايراضيءَ واري ديھ جو نالو بہ ’ڳاڙهو ڀِڙو‘ آھي.
’بَروُئي‘ ۽ ’رِپَ‘ جي ڪھاڻي، ھاڪڙي ۽ پُراڻ جي مشھور ڪھاڻين مان، سڀني کان پراڻي ليکي وڃي ٿي، جيڪا شاھ لطيف جي دؤر ۾، ملڪ اندر مشھور ۽ عام ڪانہ ھئي، پر شاھ لطيف کان ڳجهي رهي نہ سگهي ۽ شاھ لطيف پنھنجي ڪلام جي سُر برووي ۽ سُر رِپ ۾، اشارتي حوالي سان، انهن ڪردارن کي پيش ڪري ھميشه لاءِ زندہ ڪري ڇڏيو آھي.
بَروئي جِي بَانِي، ڪَنھِن کَان سِکِيئين سُپِرِين،
آڻي ڏيندءِ ھَٿَ ۾، مَسُ قَلَمُ ڪَانِي،
حَرفُ پُڇَندَءِ ھيڪڙو، ظَاھِرُ زَبَانِي،
تَنِي اڳِئَان جَانِي، ڪَھَڙِي ڪَرِيندين ڳَالهِڙي.
(شيخ، ٻانهون خان، (2002ع)، ’شاھ جو رسالو‘، جلد ٻئو، سُر برئو سنڌي، داستان 1، بيت 17، ص:395)
ڪِئَان سِکِيين سُپِرِين، ڪَاسَائِيءَ ڪِي ڪَارِ،
نِکِي ڪَاتِي ھَٿِ ڪَرِ، مُنِيءَ سين مَ مَارِ،
چوري چَاڪَ نِهَارِ، سُورَنِ سَانگهيڙَا ڪِئا.
(شيخ، ٻانهون خان، (2002ع)، ’شاھ جو رسالو‘، جلد ٻئو، سُر برئو سنڌي، داستان 2، بيت 5، ص:399)
ھيءَ ڪھاڻي جيڪا معمور يوسفاڻيءَ کان سواءِ ٻئي ڪنھن محقق بيان ڪانہ ڪئي آھي. انهيءَ ڪھاڻيءَ ۾، ’بروئو‘ ۽ ’رپ‘ ڪھاڻيءَ جا مکيہ ڪردار، يعني سورمو ۽ سورمي آھن، جن مان بروئي جي رهائش، ڄاڻايل کنڊرن واري، سندس آباد ڪيل شھر ۾ ھئي، جن کي ھينئر ’بروڙ‘ سڏيو وڃي ٿو ۽ ’رپ‘ جي رهائش ’ڳاڙهي ڀڙي‘ واري جاءِ تي ھئي. اھو شھر پُراڻ ۽ ھاڪڙي جي وچان وھندڙ ھڪ قديم وھڪري تي ھو.
شاھ لطيف جو بروئڙ کان ليھور تان ڀيرو:
شاھ لطيف، ’بروئڙ‘ جا کنڊر ڏسڻ، ’بروئي‘ ۽ ’رپ‘ جي ڪھاڻيءَ کان واقف ٿيڻ بعد، ’هاڪڙي‘ جو ڀِٽَ وارو پاسو وٺي، اتر طرف روانو ٿيو. ڪجهہ ڪلوميٽر اڳتي ھلڻ کان پوءِ، ھاڪڙي جي ’بانڪل واري گهيڙ‘ کان اُڪري، ساڄي پاسي کان اتر طرف ھلندو، مُهراڻي جي ايراضيءَ جي ٽئين مشھور شھر ’نوھئي‘ جي کنڊرن وٽ پھتو، جتي عربن جي آخري دؤر کان سومرن جي ابتدائي دؤر تائين، ’راٺوڙن‘ جي سرداري ھئي.
راٺوڙن جي سونھن، ملڪان ملڪ مشھور ھئي ۽ ھن قبيلي جي مختلف خاندانن ۾ نھايت حسين عورتون ٿي گذريون آھن، جن مان سڀني کان سرس ۽ ’سونھن جي ديوي‘-’مھر‘ ھئي، جنھن جي حسن جي ھاڪ ٻڌي، ڪئين پروانا ۽ پرستار پيدا ٿي پيا، جن کي ٽارڻ لاءِ ’شھزادي مھر‘، تمام اڙانگا شرط پيش ڪري، اعلان ڪيو تہ: ”جيڪو بہ اھي شرط پورا ڪندو، آءٌ ان سان ئي شادي ڪنديس.“ آخرڪار اھي شرط سنڌ جي مشھور سورهيہ ۽ ڏاتار، ’لاکي ڦلاڻيءَ‘، پورا ڪيا ۽ ’مھر‘ سان شادي ڪيائين، جنھن کان پوءِ ’شھزادي مھر‘، ’مھر راڻي‘ سڏجڻ لڳي. راٺوڙن جي خاندان مان، ’رڻمل راٺوڙ‘ پنھنجي دؤر جو مشھور تِيرانداز ۽ پھلوان ٿي گذريو آھي، جو گڍڙي واري ايراضيءَ جو حاڪم ھو، جنھن جو نالو ’سُر ڍول مارو‘ جي ھڪ دوھي ۾ تمثيل طور آيو آھي:
ساچي ٿيان سِيڱڙي، رِڻمل ھاٿ ڪَري،
وِڙهندي سِر ويريين، ڪوڏ ڪسيسان ڏي.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (2009ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڍول مارو، داستان 1، بيت 7، ص: 449)
راٺوڙن کان پوءِ، نوھٽي (نُهٽي) تي سمن جو قبضو ٿيو، جن مان ’راءِ جکري‘ جي دؤر ۾ نوھٽي تمام گهڻي ترقي ڪئي. راءِ جکرو، ڄام چنيسر داسڙي جو وزير پڻ ھو، جنھن جو ذڪر شاھ لطيف سُر ليلا چنيسر ۾ ھن طرح ڪيو آھي:
جَرُ ھاريو ٿي جَکَري، جَڏِهن رُنو ڏِيريدارَ،
ڍَولي تڏِهن ڍيلِيين، سوڀِي! ٿِيَئي نہ سارَ،
چَنِيسَرَ ڀَتارَ، حِيلو ڪِيو ھارَ جو.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ليلان، داستان 1، بيت 13، ص:500)
راءِ جکري جي راڄڌاني، نوھٽي کان اٽڪل 53 ڪلوميٽر اتر طرف، راءِ چنيسر داسڙي جي راڄڌاني لڳ ھئي، اُن ڏانھن ويندي، شاھ لطيف، سنگهار قبيلي جي مشھور ڀاڳئي، ’ساري سنگهار‘ جا اھي تلاءَ بہ ڏٺا، جيڪي اڃا بہ موجود آھن، ۽ ساروسنگهار کان پوءِ، اتي مختلف ماڻهن جي رهائش جي ڪري، انهن جا نالا تبديل ٿيندا رهيا آھن ۽ ھن وقت انهن تلائن جا نالا آھن: نوھٽو تلاءُ، ليٽڪو تلاءُ، ڀيماس ۽ صاحب تڙ.
انهيءَ دؤر ۾، وڏو شاھوڪار يا سکيو ستابو اھو ماڻهو ليکيو ويندو ھو، جنھن وٽ ججهو چوپايو مال ھوندو ھو. ان وقت جا سخي ۽ ڌاتار بہ گهڻو ڪري مڱتن ۽ چارڻن کي انعام يا خيرات طور مال ئي ڏيندا ھئا. ھاڪڙي جي ھن ايراضيءَ جا سنگهار گهڻو ڪري سڀ سماٽ ذاتين مان ھئا، جيڪي ھر جمعي رات يعني خميس جي شام جو پنھنجو سمورو کير غريبن ۾ ورھائي ڇڏيندا ھئا. شاھ لطيف سنگهارن جي انهيءَ ريت جو نھايت احترام سان ذڪر ڪيو آھي:
ڪيرَ ڪَريندي رِيسَ، آيَلِ سَنگهارَن سِين،
جَنِي جِيءَ خَمِيسَ، واڙِيُون واري ڇَڏِيُون.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (2009ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڏهر، داستان 4، بيت 11، ص:168)
شاھ لطيف نہ رڳو سنگهارن جي انهيءَ ريت جو ذڪر ڪيو آھي، پر سندن ھمٿ، جرئت، سخاوت ۽ درياھ دليءَ جي وصفن ڏانھن بہ اشارا ڪيا آھن:
آيلِ سَنگهارَنِ سين، جيڪَا گَهاري مَاءِ!
توڻي ھوءِ اَوَڳُڻِي، تَہ پِہ رُکو مُورِ نَه کَاءِ.
(شيخ، ٻانهون خان، (2002ع)، ’شاھ جو رسالو‘، جلد ٽيون، سُر ڏهر، داستان 6، بيت 20، ص:257)
سنگهارن بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ ۽ کين ڳائڻ بعد، شاھ لطيف ھاڪڙي جو ساڄو ڪپ وٺي چنيسر جي راڄڌانيءَ ڏانھن روانو ٿيو ھوندو.
شاھ لطيف جو نوھٽي کان ليھور وارن ماڳن تان ڀيرو:
’نوھٽي‘ جو مڪمل طرح جائزو وٺڻ بعد، شاھ لطيف ھاڪڙي جو ساڄو ڪپ ڏيئي، اتر طرف روانو ٿيو. ’مونڌا واءِ‘، ’ڏنڀرلوءِ‘ ۽ ’راڄاري‘ جي پٽن مان ھلندو، ’نبي سر‘ جي اولهہ طرف، ’ديني سر‘ جي پٽ ۾ پھتو، جتي قديم دؤر جي مشھور بزرگ ۽ عالم ’درس ملوڪ‘ عرف ’ملوڪ شاھ‘ جي مزار ھئي.
’ملوڪ شاھ‘ جي مزار، 14 فوٽ کن اوچي آھي، جنھن تي ھن وقت مٽيءَ جي ’ڪَؤنرن‘ جو تمام وڏو تعداد پيل آھي.
روايتن موجب ’درس ملوڪ‘، غزنوي دؤر يا سومرا دؤر جي شروع ۾، اتي تلاءَ جي ڪپ تي، پنھنجي قائم ڪيل مدرسي ۾ پڙهائيندو ھو. ھن لاءِ اھو بہ مشھور آھي تہ، ھو ھميشه وضوءَ سان رهندو ھو. ان ڪري پاڻيءَ جو ’ڪرو‘ سدائين ساڻ ھوندو ھوس. اھو ئي سبب آھي، جو سندس وفات بعد، سندس معتقدن دعائون گهرڻ سان گڏ، اتي ’ڪرا‘ بہ رکڻ شروع ڪيا. اھو سلسلو اڃا بہ ھلندڙ آھي. ملوڪ شاھ جي مزار، ھن وقت ضلعي عمرڪوٽ ۾ ميرپورخاص کان جُهڏي ويندڙ روڊ تي، جهُڏي موڙ وٽ پھچي وري نبي سر وڃبو، تہ نبي سر شھر کان اٺ ڪلوميٽر اوڀر طرف، ديھ ملوڪ شاھ ۾ ڊينسر فارم لڳ آھي. ملوڪ شاھ جي مزار جي پيرانديءَ ۾ ھڪ شينھن جي بہ قبر آھي. مزار جي ڀرسان، ڄارين ۽ ٻٻرن جا وڏا وڻ آھن، ٻي چوڌاري زمين آباد آھي. ٺڪر جي ڪؤنرن جا اڃا بہ ڍير پيل آھن. ھن وقت، مزار جو خليفو مير مھر چانڊيو آھي. مزار جي ويجهڙائيءَ ۾ چانڊيا، رند، خاصخيلي، ڀيل، ميگهواڙ ۽ ڪولھي رهن ٿا.
شاھ لطيف ھتي ڪافي ڏينھن ذڪر فڪر ۾ مشغول رهيو؛ جنھن بعد ساڳيو رستو وٺي، سيد ڪبير شاھ جي مزار تان ڀيرو ڪندو، سومرا دؤر جي ٻئي مشھور بزرگ عالم، ’درسميد‘ جي مزار تي پھتو ۽ اتي اچي ھڪ مختصر چلو پڻ ڪڍيائين. ’درس ميد‘ جو قبرستان، ٿرپارڪر جي قديم ۽ وڏن قبرستانن مان ھڪ آھي. شاھ لطيف، درسَ ميد جي زيارت بعد چونڊا واءِ، ويراسر، ڳوراھي ۽ ڇڄڙي پٽن تان سير ڪندو، ’ليار‘ يا ’ليھور‘ جي کنڊرن وٽ پھتو. جتي ڪنھن وقت ڄام چنيسر داسڙي جي رهائش ھئي. ليلا جي ناناڻي ڳوٺ جو نالو ليھور ھو.
ترخان دؤر جي شاعر، ادراڪي بيگلاريءَ پنھنجي فارسي مثنوي ’چنيسر نامه‘ ۾ لکيو آھي تہ: ’ليھور جي قلعي ٺھڻ کان اڳ، انهيءَ شھر جو نالو ’پتڻ‘ ھو، جنھن مان اھو ٿو معلوم ٿئي تہ، پتڻ مان ليھور سڏجڻ جو ڪارڻ بہ اصل ۾ ’ليلا چنيسر‘ جو اھو واقعو آھي. جنھن کان ليھور کي شھرت ملي.‘
ليھور جي شھر جا آثار، جيڪي شاھ لطيف اچي ڏٺا ھئا، سي ھن وقت بہ ساماري تعلقي جي چئن ديھن: ديھ ’ڪينجهيجي‘، ديھ ’لولان‘ (هاڻي جهلوري)، ديھ ’پوڀا‘ ۽ ديھ ’لياريءَ‘ ۾ پکڙيل آھن، جن جي ڊيگهه 5 ڪلوميٽر ۽ ويڪر ڪٿي ڏيڍڪلوميٽر تہ ڪٿي وڌيڪ تہ ڪٿي گهٽ بہ آھي.
ليھور جي کنڊرن کي مقامي طرح ڪي ماڻهو ’ڳاڙهو ڀِڙو‘ بہ چوندا آھن، جنھن جا آثار ھن وقت ديھ لياري، تعلقي ساماري، ضلعي عمرڪوٽ جي ڳوٺ جان محمد دل جي اولهہ طرف نہ ھئڻ جي برابر وڃي بچيا آھن. انهيءَ ڀڙي کان اتر طرف اٽڪل ڏيڍ ڪلوميٽر پنڌ تي ’ڪونروءَ جي ماڙيءَ‘ جا کنڊر ھئا، جيڪي ھن وقت ميسارجي چڪا آھن، جن جي ويجهو ’ڪينجهيجي‘ شھر جا آثار آھن، جيڪي ھن وقت ديھ ڪينجهيجي، تعلقي ساماري، ضلعي عمرڪوٽ ۾ آھن. ھتي اچڻ لاءِ ساماري کان ڪُنري روڊ ايندي اٺ ڪلوميٽر جي مفاصلي تي حاجي غلام حيدر ڪپري اسٽاپ کان ڏکڻ طرف ڏيڍ ڪلوميٽر ايندي لنڪ روڊ تي اوڀر طرف 4 ڪلوميٽر ايندي، ڳوٺ حاجي بهارو خان بنگلاڻي جي اوڀر طرف لڳ نبي سر واھ جي اولھندي پاسي جي ماڳ ’ڀڙي‘ جي نالي سان اڄ بہ مشھور آھي. جن جي ويجهو ’ڪينجهيجي‘ شھر جا کنڊر آھن. جن ۾ ھڪ ھنڌ ھڪ پراڻي ڪنڊيءَ جو ٿڙ ھو، جنھن کي ’ليلا جي ڪنڊي‘ سڏيندا ھئا. اھڙيءَ طرح، ليلا جي ماڙيءَ کان ھڪ ڍوري تي ھڪ نشان ملي ٿو، جنھن لاءِ چون ٿا تہ انهيءَ جاءِ تي جادوءَ جو ’بڙ‘ ھو، جنھن تي سوار ٿي، ليلا ۽ سندس ساھيڙيون، ساميءَ جي آکاڙي ۾ وينديون ھيون. ڪنھن وقت ۾ ھتي، ليلا جي ترائي ۽ ليلا جي ڪنڊي بہ ھئي. ھن وقت ليلان جي ترائيءَ واري جاءِ ان ئي نالي سان موجود آھي، جا درگاھ حسن باغبان کان 3 ڪلوميٽر اوڀر طرف ديھ ليور/لياريءَ ۾ آھي، ھن ترائيءَ جي پيٽ ۾ ھن وقت اڪ ۽ ديويءَ جا وڻ بيٺل آھن، ترائيءَ جا آثار موجود آھن، پر چوڌاري آباديءَ واريون زمينون آھن. شايد ھيءَ ترائيءَ واري جاءِ بہ ڪجهہ سالن ۾ ميسارجي وڃي. ھتي ليلا جي ڪنڊي بہ ھئي جا ٽيھ سال کن اڳ سڙي سڪي وئي. اھا ڪنڊيءَ واري جاءِ، ترائي جي لڳ اولهہ طرف آھي، جتي ھن وقت ڪنڊيءَ جو ڪوبہ آثار ڪونهي. ترائيءَ جي ويجهڙائيءَ ۾ ڳوٺ رسول بخش ڪپري، لياقت قائم خاني درگاھ شاھ علي شاھ (شالي شاھ)، ڳوٺ محبت خان ڪپري، ترائي ۽ ڪنڊيءَ واري ايراضي ويجهو ڪپري ذات جا ماڻهو ويٺل آھن، ھتان ساميءَ وارو ڀڙو (ڳاڙهو ڀڙو) اٺ ڪلوميٽر اتر طرف (لڳ سامارو شھر) آھي.
ساڳي ايراضيءَ ۾ مشھور بزرگ حسن باغبان ۽ مارل جي ڪوٽ جا آثار بہ آھن. مارل جو ڪوٽ (ڍول مارو) ھن وقت ساماري شھر کان 3 ڪلوميٽر اوڀر طرف، لڳ ڀڳ 30 کن ايڪڙن ۾ ڊٺل ڪوٽ جو نشان آھن. ڪوٽ جي ٻن طرفن کان، گول دائري وارا مورچا بہ ٺھيل ھئا، جن جا بہ نشان موجود آھن. ھن ڪوٽ جي اترئين پاسي ڍول ماروءَ جي ماڙيءَ جا نشان پڻ آھن. ھن ڪوٽ اندر وڏو قبرستان آھي، جنھن ۾ سيد شاھ حسن باغبان جي وڏي مزار پڻ آھي. مارل جو ڪوٽ، ھن وقت ديھ حسن باغبان ۾ آھي. ليلان جي ترائيءَ جا آثار ھتان ٽي ڪلوميٽر اوڀر طرف آھن.
اھڙيءَ طرح انهن کنڊرن کان اٽڪل 14 کن ڪلوميٽر، اتر اوڀر واري ڪُنڊ طرف، ساماري تعلقي جي ديھ 22 ھيرل ۾، ’پچٽ ساميءَ‘ جي شھر جا کنڊر آھن، جن کي ’گوگي جا دڙا‘ سڏيو وڃي ٿو، جنھن جي ڀرسان گوگي چوھاڻ جي شھر جا کنڊر آھن، جن کي بہ ’گوگي جا دڙا‘ سڏيو وڃي ٿو. گوگي جا دڙا، ھن وقت ضلعي عمرڪوٽ، تعلقي ساماري لنڪ روڊ خان صاحب جي رستي کان اتر طرف، 22 ۽ 23 ھيرل واري روڊ تي، ڳوٺ طيب ھاليپوٽي جي ڏکڻ طرف آھن. دڙي جي ايراضي ھن وقت ڏيڍ ٻن ايڪڙن ۾ وڃي بچي آھي، جيڪا ٽيھارو سال اڳ ۾، 30 ايڪڙن کان بہ مٿي ھئي. ھتي چؤطرف زمين آباد آھي. ھتي نبي سر واھ کان واٽر ذريعي پاڻي اچي ٿو. ھن ايراضيءَ جي ڀر ۾، مشھور بزرگ ’کٿورئي فقير‘ جو قبرستان پڻ آھي. کٿورئي فقير جو قبرستان ھن وقت، ضلعي عمرڪوٽ، تعلقي ساماري، ديھ ستڙيون ۾، ڳوٺ احمد علي ھاليپوٽي جي اوڀر ۾، پڪي روڊ کان اڌ ڪلوميٽر کن ڏکڻ طرف ٻن ايڪڙن ۾ پکڙيل آھي. ھن قبرستان ۾ ھڪ پڪي ننڍي ڪوٺيءَ واري قبر، کٿورئي فقير جي آھي. ھن مقام ۾ ڏيڍ سئو کن ڪچيون قبرون آھن. ھن مقام جي ايراضيءَ کي چؤطرف ڄارين جا وڻ آھن. ھن مقام ۾ ڪنڊين جا وڻ بہ چڱي تعداد ۾ آھن، ڀر واري چؤطرف زمين آباد آھي. ھن وقت ڀر واري زمين ۾ ڪڻڪ جو فصل پوکيو ويندو آھي.
شاھ لطيف، پنھنجي سفر دوران، اھي سمورا کنڊر ڏٺا، ۽ ليلا چنيسر جي عشقيہ داستان کي پنھنجيءَ شاعريءَ ذريعي ھميشه لاءِ جياري ڇڏيو. ڪافي روايتن ۽ جاگرافيائي ماحول جي آڌار تي اھو چئي سگهجي ٿو تہ، اھي سڀيئي شھر، ريڻي نديءَ جي پاسن تي ھئا. اھا ندي پوءِ، ھاڪڙي درياھ لٽي ڇڏي، پر ان جا ڪي بچيل حصا يعني ڍورا، اڄ بہ مختلف نالن سان سڏجڻ ۾ اچن ٿا.
شاھ لطيف جو ليھور کان سيريين وارن ماڳن تان ڀيرو:
شاھ لطيف، ليھور جا کنڊر ڏسڻ بعد، انهيءَ ايراضيءَ جي ھڪ اھڙي بزرگ جي مزار تي وڃي چلو ڪڍيو، جنھن کي عام طرح اڄ بہ ’اصحابي‘ سڏيندا آھن، جنھن جي مزار، ديھ حسن باغبان ۾ حسن باغبان جي مزار کان ھڪ ڪلوميٽر ڏکڻ طرف، ڳوٺ درياھ خان دل جي ويجهي آھي.
روايتن موجب، اھو بزرگ قديم دؤر کان، ’اصحابي‘ سڏبو پيو اچي ۽ انگريزن بہ ان جي اھميت کي قبول ڪندي، انهيءَ ايراضيءَ واري ديھ جو نالو ’ديھ اصحابو‘ ۽ اُتان کوٽايل ھڪ شاخ جو نالو ’اصحابو شاخ‘ رکيو. اُھي نالا اڃا تائين قائم آھن.
شاھ لطيف، اصحابيءَ جي مزار کان پوءِ، ليھور وارن کنڊرن جي اتر طرف سومرا دؤر جي ھڪ مشھور بزرگ، ’حسن باگواڻي‘ يا ’حسن باغبان‘ جي مزار تي آيو. اھا مزار ھن وقت ’ساماري روڊ‘ ۽ ’ساماري شھر‘ جي وچ تي، ديھ باغبان ۾، ھڪ وڏي ڀڙي تي موجود آھي، جنھن کي ’مارل جو ڪوٽ‘ يا ’مارئيءَ جو ڪوٽ ‘ بہ سڏيو وڃي ٿو.
شاھ لطيف، ھن تاريخي جُوءِ ۾ رهندي، ’حسن باغبان‘ جي مقبري تي ويھي، چلو بہ ڪڍيو ۽ بزرگ جي ڏھاڙي تي سماع جون محفلون مچائي، صوفياڻي راڳ جو رواج پڻ وڌو، جيڪو اڃا تائين قائم آھي ۽ ھر سائي سومر تي ھت اھا راڳ جي رهاڻ ٿيندي آھي.
’مارل جي ڪوٽ‘ کان اتر طرف ’ميراڻي‘ تائين ۽ اوڀر طرف ’سونھي‘ ۽ ’ڪرناءِ‘ تائين، جيڪا جُوءِ آھي، اُن جو قديم نالو ’سيريين‘ آھي، جنھن جا اھڃاڻ اڃا باقي آھن. جيئن تعلقي عمر ڪوٽ جي ديھ، ’ڍورو سيرين‘، تعلقي ساماري جون ٻہ ديھون، ’ديھ سيريين‘ ۽ ’ديھ کاروڙو سيريين‘ وغيرہ. ’سيريين‘ ۽ آسپاس وارو علائقو، قديم دؤر ۾، ’ڍٽ‘ جي نالي سان مشھور ھو، جنھن جي حاڪمن مان سومرا دؤر جي شروع ۾ ’ڍولو نرور‘ مشھور حاڪم ٿيو، جنھن کي ’مارل‘ جي سبب، ’ڀَٽن‘، ’ڀانن‘ ۽ ’ڍاڍين‘ ڳايو ۽ اھڙو مشھور ڪيو، جو ڀر وارن علائقن ۾ بہ ڳائجڻ لڳو.
جڏهن شاھ لطيف، ھن علائقي ۾ آيو تہ ’ڍولي ۽ مارؤ‘ جي ڳالهہ عروج تي پھتل ھئي. سنڌ توڙي ڀر وارن علائقن جي رهاڪن جي اھا دعويٰ ھئي، تہ اھا ڳالهہ سندن علائقي سان لاڳاپيل آھي، پر شاھ لطيف، ان ڳالهہ کي سنڌ سان منسوب ڪيو ۽ پنھنجن بيتن ۾ اھڙا اشارا پڻ ڏنا، جن جي آڌار تي ٻين سڀني روايتن ۽ دعوائن کي رد ڪري سگهجي ٿو. ڍولي ۽ مارؤ جو قصو، ڏهين صدي عيسويءَ جي آخر ۽ يارھين صديءَ جي شروع ۾ واقع ٿيو. ڍولو، ’ڍٽ‘ جي پَٽَ جي حاڪم، ’انڙ راءِ‘ جو پٽ ھو، ۽ مارل، ’کائڙ‘ واري علائقي جي راجا ’پونگل راءِ‘ جي ڌيءَ ھئي. انهن ٻنهي راجائن جي پاڻ ۾ گھري دوستي ھئي ۽ ھنن ڍولي ۽ مارل جو مڱڻو ننڍي ھونديئي ڪري ڇڏيو ھو.
چند سالن کان پوءِ، پونگل راءِ ۽ سندس دوست انڙ راءِ ٻئي گذاري ويا ۽ پويان سندن وارث فقط مارل ۽ ڍولو وڃي بچيا، جيڪي ھاڻي جوان ٿي چڪا ھئا. ڪجهہ عرصي کان پوءِ، ڍولو پنھنجو مختصر ساٿ وٺي، پنھنجي مَڱ مارل سان شادي ڪرڻ لاءِ ان جي ڏيھ طرف روانو ٿيو. ڍولو جڏهن مارل سان لائون لھي واپس موٽيو تہ امراڻي جي حاڪم ’همير سومري‘ کي اھا خبر پئجي وئي ۽ ھن مٿس حملو ڪري، کانئس مارل کسي، ڪوٽ ۾ بند ڪري ڇڏي.
ھمير جي مقابلي ۾، ڍولو ننڍو حاڪم ھو سو کُليءَ طرح ساڻس وڙهڻ جي ھمٿ نہ ساري، فقير بڻجي اچي اَمراڻي ۾ رهڻ لڳو ۽ ڳجهہ ڳوھ ۾ مارل تائين پيغام پھچائي، پروگرام رٿي اونداھي رات ۾، مارل کي ڪوٽ تان ٽپائي پنھنجي علائقي ۾ پھچي ويو. ڍولو جيئن تہ ھمير سان دنگئي راجا ھو. ان ڪري کيس ھمير جي حملي جو ھر وقت خطرو رهندو ھو، سو ان حملي کان بچڻ ۽ بي ڊپو ٿي رهڻ لاءِ ھن، ’هاڪڙي‘ جو ڪنارو ڇڏي، ’ريڻ‘ جي ھڪ شاخ جي ڪناري تي نئون قلعو وڃي ٺھرايو، جيڪو اڳتي ھلي ’مارل جو ڪوٽ‘ سڏجڻ لڳو، جنھن جي کنڊرن تي ’حسن باغبان‘ جو مقبرو آھي، جتي شاھ لطيف چلو ڪڍيو ۽ اُتي راڳ جو بنياد پڻ وِڌو ھو.
’ڍولو ۽ مارل‘ جي انهي واقعي کان لڳ ڀڳ ٻہ سئو سال پوءِ، ’عمر ۽ مارئي‘ جو واقعو ٿيو، جيڪو پڻ شاھ لطيف جي دؤر کان چار سئو سال اڳ جو ھو، ۽ شاھ لطيف جي دؤر تائين اھي ٻئي قصا پاڻ ۾ ايئن گڏجي سڏجي ويا ھئا، جو ڪيترن شاعرن انهن کي ھڪ قصو سمجهي ڳايو، پر شاھ لطيف جي ڪلام ۾ اھي اشارا موجود آھن، جيڪي ٻنهي قصن جي نشاندھي ڪن ٿا، جن جي آڌار تي چوڻو ٿو پوي تہ شاھ لطيف جي سُر مارئي ۾ جيترا دفعا ’عمر‘ جو نالو آيو آھي، اوترائي دفعا ’همير‘ جو نالو بہ ملي ٿو، جنھن مان مراد ’همير سومرو‘ پھريون آھي، جنھن ڍولي جي زال مارل کنئي ھئي، جيڪا ڪوٽ ۾ قيد رهڻ وقت، شاھ لطيف جي ٻوليءَ ۾، ھمير سومري سان ھن طرح مخاطب ٿيندي ھئي:
ھَاڃو ڪِيو ھَمِيرُ! بِاللهِ نِئٖي ٿو بَندَ ۾!
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مارئي متفرقه، ص:604)
تَنِين رِيءَ ھَمِيرَ! گَهنگَهرِ گهارِيان ڏينھڙا.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مارئي متفرقه، ص:612)
مارئيءَ جي سر ۾ نہ فقط اھي اھڃاڻ آھن، پر ھڪ اھڙو وڏو اھڃاڻ بہ آھي، جنھن جي آڌار تي اھو چئي سگهجي ٿو تہ مارئيءَ جي سُر ۾، ڪافي بيت، ڍولي واري مارل/مارئيءَ بابت آھن، جيئن ڍول جي نالي واري ھيٺئين سٽ ۾ آھي:
سانگِي سارِيَم سُومرا، ’ڍاٽِي پاسي ڍولَ‘
شاھ لطيف پنھنجي ھن سفر ۾ ڍولي ۽ مارل کي مارئيءَ جي سُر ۾ ڳائي ھن ڳالهہ جا ٽاڻا ۽ اھڃاڻ ڏيئي، انهيءَ قصي کي ھميشه لاءِ زندھ ڪري ڇڏيو.
شاھ لطيف جو سيريين کان ڪپوراڙي وارن ماڳن تان ڀيرو:
سيريين جي سير ۽ سفر کان پوءِ، شاھ لطيف، ان علائقي کان اتر طرف بہ ويو ھو. ’ريڻيءَ‘ جي انهيءَ شاخ جي ڪناري سان اڳتي، کيس جيڪي آثار ۽ شھر نظر آيا، تن ۾ ڳاڙهو ڀِڙو، سامارو ۽ ساماري جي ڍنڍ خاص ھئا. ڳاڙهي ڀڙي بابت ھڪ روايت اھا بہ آھي، تہ اھي آثار ’قديم ساماري‘ شھر جا ھئا، جيڪو شاھ لطيف جي دؤر کان بہ اڳ ڦٽي ويو ھو. ٻئي طرف شاھ لطيف جيڪو سامارو ڏٺو ھو، اھو بہ ھن وقت کنڊرن جي شڪل ۾ آھي ۽ ساماري جي ڍنڍ بہ پنھنجي شڪل بدلائي چڪي آھي.
شاھ لطيف، سُر سارنگ ۾، جتي ’پُراڻ جي پٽ‘ کان پوءِ ’ناري پٽ‘ کي ڳايو آھي:
روضٖي تان رَسُولَ جٖي، ڪِيو وِڄُڙِيُنِ وارو،
ڀَرِيائُون ڀيرُ پَئِي، نَظَرَ سين نارو،
ھادِي! ڀَر حُڪمَ سين، ھيِءُ تَڙُ تاسِيارو،
نِرمَلُ نظِارو، پِيّ پَسايو پانھنجو.
(شاھواڻي، غلام محمد (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سارنگ، داستان 1، بيت 16، ص: 687)
اتي ناري پٽ واري ايراضي، ساماري پٽ ۽ ساماري شھر جو بہ ذڪر ڪيو آھي. جيئن فرمائي ٿو تہ:
ڍَٽِ ڍَرِي پَٽِ پييُون، آيُون عُمَرِ ڪوٽَ،
پُسايائون پَلَرَ سين، سُڪا پَٽَ جي سوٽَ،
چَنچَل ڏيئِي چوٽَ، سَڀِ سامارو سَرِ ڪئو.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سارنگ، داستان 4، بيت 6، ص: 698)
ساماري کان اڳ ۾، انهيءَ پَٽ جو نالو، ’سامير‘ يا ’سومير‘ ھو، جيڪو پوءِ ’سمير‘ سڏجڻ ۾ آيو. ’ساماري جي ڍنڍ‘ کان اولهہ طرف، ’ريڻيءَ‘جي ساڄي پاسي ’همير ھور‘جو پَٽ آھي، جيڪو ھن وقت جيمس آباد تعلقي ۾ اچي وڃي ٿو ۽ ڍنڍ کان اتر طرف وري ’ٻوئلي جو پٽ‘ ۽ اڳتي ’کن‘ جو علائقو اچن ٿا، جتي ريڻيءَ جي شاخ جي ڪناري سان ’ڀوريءَ‘ جي شھر ’اونچل ڪوٽ/اينچل ڪوٽ‘ جا کنڊر ھئا، ھتي ھينئر چوطرف آبادي آھي ۽ کنڊ فارم نالي سان ھڪ زرعي فارم ۽ پاسي ۾ دولترام مالهي ڳوٺ ۽ يوسف ڀٽي ڳوٺ آھن، جن جي اولهہ ۾، مشھور قبرستان ’رام جاڳو‘ آھي، مسلمانن موجب جتي ’سما دؤر‘ جو مشھور عالم ۽ بزرگ ’مخدوم عبدالرحمان جاڳو شھيد‘ دفن آھي، جڏهن تہ ھندو ’ٺڪرن‘ کيس ’رام جاڳو‘ جي نالي سان ڪوٺيو.
اھي آثار ھن وقت ’صالح ڀنڀري اسٽيشن‘ جي اولهہ ۾ آھن ۽ ان جي اوڀر ۾ ’ستڙين جو ديرو‘، ’راڻي جو ٿان‘ ۽ ’ڏاڏي آدم جي ٻني‘ ھئي. اھي تاريخي ماڳ ھن وقت ميسارجي چڪا آھن. رام جاڳو مقام جي چوڌاري ھن وقت آبادي آھي.
ان ۾ ’سارو سنگهار جي ترائي‘ آھي، جنھن جي ڪناري سان، ھڪ وڏو پٿر کتل ھو، جنھن کي عام طرح سڀيئي ماڻهو ’سارو سنگهار جو نھيرو‘ سڏيندا ھئا.
’سارو سنگهار‘، سنڌ جو وڏو مالدار ماڻهو ھو، جنھن وٽ ھر قسم جو چوپايو مال ھو، جيڪو سنڀالڻ لاءِ ھڪ وڏو راڄ ساڻس گڏ رهندو ھو، جيئن اڳ ۾ بيان ڪيو ويو آھي.
شاھ لطيف، انهيءَ علائقي مان گهمندو، سومرا دؤر جي بزرگ ’شاھ اسماعيل‘ جي مزار تي آيو. ھاڪڙي جي ھڪ شاخ، جنھن کي ھن وقت ’ڇنڊڻ‘ سڏيو ويندو آھي، تنھن جي ڪپ کان ٿيندو، ’ڪپوراڙي‘ جي پَٽ ڏانھن روانو ٿيو. اھو پٽ سارو سنگهار جي لائق ڌيءَ ڪپوريءَ جي حوالي سبب، انهيءَ نالي سان مشھور آھي.
ڪپوراڙي جي اولهہ ۾، ’اڪڙيءَ جو پَٽ‘ آھي، جتي قديم دؤر ۾، ’اڪڙو وڏو‘ ۽ ’اڪڙو ننڍو‘ نالي سان ٻہ شھر آباد ھئا. ھن وقت اڪڙيءَ جي موجودہ شھر جي ڏکڻ ۾، ’بچاء بند‘ جي ٻنهي پاسن کان، اڪڙيءَ جي قديم شھر جا ڪي کنڊر موجود آھن. ھن وقت ڳوٺن ۽ آبادين جي ڪري پراڻا کنڊر ڄڻ تہ ختم ٿي چڪا آھن، ڪنھن ھڪ اڌ جاءِ تي ڳاڙهين سِرن جا اڻ لکا ٻہ ٽي ڀڙا ۽ ھڪ قبر جا آثار بند جي اولهہ واري پاسي آھن، 2011ع واري ٻوڏ سبب گهڻي ڀاڱي سڀئي آثار مٽجي ويا، ھن وقت اڪڙي، تعلقي پٿوري ۽ ضلعي عمرڪوٽ ۾ آھي. اڪڙي وڃڻ لاءِ، ميرپورخاص-عمرڪوٽ روڊ وٺبو، پوءِ بچاءُ بند کان چار ڪلوميٽر پري پٿورو روڊ تي آھي. ھن وقت اڪڙيءَ جو جيڪو نئون شھر ٻڌل آھي، ان کي اڪڙي پٿورو يا پٿورو بہ سڏين ٿا. اڪڙيءَ جي ڀر وارو اھو بند، فقط ريڻي نديءَ جي ٻوڏ کان بچڻ لاءِ ٻڌايل آھي، جنھن جو پاڻي اُن جي کاٻي ڪپ يعني اڀرندي طرف ڏانھن ئي اُٿل ڪندو ھو. ريڻي نديءَ جي پيٽ مان ’مٺڙائو واھ‘ ڪڍيو ويو آھي، جنھن جي اھا خاصيت آھي تہ ان ۾ ڪٿي بہ ريٽ گڏ نہ ٿيندو آھي.
شاھ لطيف پنھنجي جاگرافيائي ڪٿ ۾، ٿرپارڪر جي ريڻيءَ کان اولهہ طرف واري ڀاڱي کي ’پُراڻ جو پَٽ‘ ۽ اڀرندي واري پاسي کي ’نارو‘ ڪوٺيو آھي، جيڪو مختلف نالن سان ننڍين ايراضين ۾ پڻ ورھايل آھي، جن مان ھڪ مختصر ايراضيءَ جو نالو، ڪپوراڙو بہ آھي، جتي سارو سنگهار بہ رهندو ھو تہ سندس پھلوان ڌيءَ، ڪپوريءَ سان گڏ، ڪڇ ۽ سنڌ جو مشھور سورهيہ، ’ڪارائڙو‘ ڪونڌر بہ رهندو ھو، جيڪو ڦُرون ڪندو ۽ ڌاڙا ھڻندو ھو.
سنڌ جو مشھور مالدار، سارو سنگهار، جڏهن مال جي سانگي، ڪڇ ڏانھن ويو تہ، ’ڪارائڙي‘ سان سندس ڏيٺ ويٺ ٿي ۽ کيس پنھنجي خوبصورت ۽ ٻلواڻ ڌيءَ ڪپوريءَ جو سڱ ڏنائين، جيڪا بہ اھڙي تہ بهادر ھئي، جو ان جي موجودگيءَ ۾ ڪنھن ’هاڻوءَ‘ کي مال ڪاھڻ جي ھمٿ ئي نہ ٿيندي ھئي.
ڪارائڙي جي موت بعد، راجا جي حڪم موجب، سندس ڌڙ اتي دفن ڪيو ويو ۽ سندس ’سر‘، سنڌ ۾ سارو سنگهار ڏانھن موڪليو ويو. جڏهن ڪارائڙي جو سر، سنڌ ڏانھن پئي آندو ويو تہ ان دؤر ۾ سارو سنگهار، ’سمير‘ واري علائقي جي اڪڙيءَ پٽ جي انهيءَ ايراضيءَ ۾رهيل ھو، جنھن کي ھن وقت ڪپوراڙو سڏيو وڃي ٿو. ڪارائڙي ڪونڌر جو سر، جڏهن سندس وڙائتي وَنيءَ ڪپوريءَ تائين پھتو تہ ھوءَ پنھنجا ھوش حواس وڃائي ويٺي ۽ پنھنجي سورهيہ مڙس جو سر، پينگهي ۾ وجهي لوڏڻ ۽ روڄ راڙو ڪرڻ لڳي، جو اھو ملڪان ملڪ مشھور ٿي ويو ۽ ناري پٽ جي اھا ايراضي سندس نالي پويان ’ڪپوراڙو‘ سڏجڻ لڳي.
شاھ لطيف جو ڪپوراڙي کان ڪلري، ڪاڪ ۽ لُڊاڻي وارن ماڳن تان ڀيرو:
شاھ لطيف، ’هميراڻي‘ جي اولهہ ۽ اتر-اولهہ طرفن جي سير ڪرڻ کان پوءِ، ڪپوراڙي جي ايراضيءَ مان ’گل جي پتڻ‘ وٽان ھاڪڙو درياھ پار ڪري، ھميراڻي جي اتر اوڀر واري پاسي، ڪلريءَ جي پٽ ڏانھن روانو ٿيو، جتي قديم دؤر ۾ ’همير سومري جو چراگاھ‘ ھو، جنھن کي عام طرح ’هميراڻو ويءُ‘ ڪوٺيندا ھئا.
ھڪ دفعي انهيءَ ’ويءَ‘ جي ايراضيءَ ۾، سومرن جي آخري راجا، ھمير سومري ۽ سندس ساٿين، ’ڳموريءَجيڍنڍ‘ وٽان، روجهہ ماري ھئي ۽ اتي ئي ڏتڙيل حالت ۾ کين، ’اونچل ڪوٽ‘ جو شھزادو مليو ھو. ھمير ۽ سندس ٻين ساٿين (جيڪي پاڻ ۾ ڪل چار ھئا) جن جي شڪار تي چڙهڻ بابت شاھ لطيف پڻ نشاندھي ڪئي آھي، جيئن فرمائي ٿو تہ:
چَڙهِيا چارَئِي يارَ، سُوڌا شِڪاري،
فِڪرَ ساڻُ ڦِٽِي ڪِي، سوڍي سوپارِي،
وِيا ڪاھِيندا ڪاڪِ ڏي، جِتِ مُومَلَ موچارِي،
موٽِيا نَه مارِي، ڪَؤنرَ لَتاڙي ڪاڪِ جا.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مومل راڻو، داستان 2، بيت 15، ص: 523)
’اونچل ڪوٽ‘ جو شھزادو، جيڪو ڏتڙيل حالت ۾ ھمير ۽ سندس ساٿين کي گڏيو ھو، تنھن جو نالو ’راول‘ ھو، ۽ ھو نھايت ئي سھڻو جوان ھو، جنھن جي سونھن بابت شاھ لطيف فرمائي ٿو تہ:
سِڄُ سُڀاڻي جا ڪَري، سامِيءَ سائِي رُوءِ،
اَچي ٿِي عَطُرَ جي، مَنجھان مُگَهٽَ بُوءِ،
سا ڏيکارِيَھُون جُوءِ، جِتان لاھُوتِي لَعلُ ٿِيو.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مومل راڻو، داستان 1، بيت 7، ص:518)
اھو بيحال شھزادو، ھمير جو پاڙيسري راجا ھو، جيڪو ھميراڻي جي اولهہ ۾، ’گُن‘ واري ايراضيءَ ۾، پنھنجي شھر ’اونچل ڪوٽ‘ ۾ رهندو ھو. ھن پنھنجي حال ٻڌائڻ سان گڏ ڪاڪ محل جي سونھن راڻين جو ذڪر پڻ ڪيو، جيڪو شاھ لطيف جي لفظن ۾ ھيٺين طرح آھي:
جِھَڙا گُلَ گُلابَ جا، تِھَڙا مَٿَن ويٖسَ،
چوٽا تيل چَنبيلِئا، ھاھا ھو ھَميشَ،
پَسِيو سونھن سَيّدُ چئي، نينھن اَچَنِ نيٖشَ،
لالَڻَ جي لِبيسَ، آتَڻِ اَکَرُ نہ اُڄَھي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مومل راڻو، داستان 3، بيت 1، ص:524)
اھو شھزادو، مومل جي حسن جو بيان ڪرڻ لڳو، جيڪو شاھ لطيف جي ٻوليءَ ۾ ھيٺينءَ طرح آھي:
مُومَلَ کي مَجازَ جا، اَکين ۾ اَلماسَ،
نَہ ڪا عامَ نہ خاصَ، جي وِيا سي وَڍِيا.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مومل راڻو، داستان 2، بيت 4، ص:520) بيحال شھزادي جي واتان، مومل جي حسن جي اھڙي تعريف ٻڌي، ھمير سومرو ۽ سندس ساٿي، ھرکجي پيا ۽ ڪاڪ ڏانھن روانا ٿيا. راڻي جي رسي وڃڻ کان پوءِ، مومل، راڻي کي پرچائڻ لاءِ گهڻا ئي حيلا ھلايا، پر ڪجهہ بہ نہ وريو. آخر جڏهن مومل جا سڀ حيلا بيڪار بڻجي ويا ۽ سندس آھون ۽ دانھون بي اثر ثابت ٿيون تہ ھوءَ ڪاڪ کي الوداع چئي، فقيراڻو ويس پھري، ڍٽ جي ’سيريين‘ واري ايراضيءَ ۾ آئي ۽ راڻي جي شھر جي ويجهو ھڪ ننڍي ماڙي ٺھرائي رهڻ لڳي. ھِتي بہ ھن راڻي کي پرچائڻ جي گهڻي ئي ڪوشش ڪئي، پر راڻو پوءِ بہ رُٺل رهيو.
راڻي جي اھا روش ڏسي، مومل بلڪل مايوس ٿي وئي ۽ ٻي ڪا واٽ نہ ڏسي، سَتي ٿيڻ لاءِ ڪاٺيون گڏ ڪرائي، ڏاگهہ تي چڙهڻ جي تياري ڪيائين. مومل جي ڏاگهہ چڙهڻ جا نشان، ’راڻي جي ڀڙي‘ لڳ آھن، جنھن کي ’مومل جو ڀڙو‘ بہ سڏيندا آھن. ان جي اولهہ ۾، اٽڪل ھڪ ڪلوميٽر پنڌ تي، ’هاڪڙو‘ آھي، ۽ اوڀر ۾ اٽڪل اڌ ڪلوميٽر جي مفاصلي تي، صوفي صادق فقير جي درگاھ آھي. انهيءَ کان علاوہ، عمر ڪوٽ قلعي کان ٻن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي، ڏکڻ اولهہ طرف، ساماري روڊ جي کاٻي پاسي ھڪ ڀڙو آھي، جنھن کي پڻ ’مومل جي ماڙي‘، سڏبو آھي، اِھا مومل مالهڻ ھئي، جنھن جو راڻي واريءَ مومل سان ڪوبہ تعلق ناھي.
مومل جي ماڙيءَ جي نالي اھو ڊٺل ڀڙو ھن وقت آباديءَ جي وچ ۾ اچي چُڪو آھي. ھن ڀڙي جي ڪجهہ حصي تي بہ جايون جُڙي رهيون آھن، ٻيو تہ ٺھيو پر سرڪاري عمارتون بہ ان ڀڙي جي زمين تي ٺھيل آھن. جيڪڏھن اھا حالت رهي تہ ٻن ٽن سالن ۾ ھي تاريخي ماڳ بہ ختم ٿي ويندو. ’ڪاڪ‘ ۽ ’لُڊاڻي‘ جي ايراضي، اٽڪل 290 ڪلوميٽر، اتر-اوڀر طرف، ’ڇتريل جي تڙ‘ وٽ آھي، جتي ’مومل جي ماڙي‘ جا آثار چٽا آھن.
مومل جي ڪاڪ ۽ لُڊاڻي وارن آثارن کان جيسلمير (ڀارت ۾) جو شھر، اٽڪل 16 ڪلوميٽر اوڀر طرف آھي. اتان اتر-اولهہ طرف ’ماٿيلي‘ جي پراڻي شھر جا کنڊر ملن ٿا، جتي چوڏهين صديءَ جي آخر ۽ پندرهين صديءَ جي شروع ۾، گُجر ذات جي ’راجا نند‘ جي حڪومت ھئي، جيڪو سندس خزاني گم ٿيڻ ۽ مومل جي طلسم ٺھڻ کان پوءِ، ماٿيلو ڇڏي، لاڙ طرف ھليو ويو ھو. ھي کنڊر ماٿيلي شھر جي ڏکڻ اوڀر ۾ گهوٽڪي شھر کان 10 ڪلوميٽر جي مفاصلي تي اٽڪل ٻن ايڪڙن جي ايراضي تي پکڙيل آھن. جيڪي ڀرپاسي جي ايراضيءَ کان 25فُٽ مٿانھين تي آھن، انهن کنڊرن کي ڏسڻ سان اھو اندازو ٿئي ٿو تہ، اھا پنھنجي دؤر جي بهترين عمارت ھوندي، جنھن جون ديوارون ۽ ڍٺل بُرج پريان ئي نظر اچن ٿا، جن ۾ خاص قسم جون سرون استعمال ٿيل آھن. ان کي مڪاني رهواسي مومل جي ماڙي ڪوٺين ٿا. مرزا قليچ بيگ موجب ، مومل جي ماڙي اصل ۾ ھڪ قلعو ھو. پاڻ لکي ٿو: ”انهيءَ جي ڏکڻ اُڀرندي ڏي ماٿيلي جو ڦٽل شھر آھي. جو ساڍا ٽي ڪوھ اُتان ٿيندو. اُتي ھڪڙو جهونو قلعو آھي، جو امر نالي ھڪڙي راجپوت ٺھرايو ھو. جنھن کي چوڏهن سئو ورهيہ ٿيندا.“(بيگ، 2014ع، ص: 29) جڏهن تہ ٻين مؤرخن جي راءِ انهيءَ کان مختلف آھي. ماڙيءَ جي ڀرسان سياحن جي رهڻ لاءِ ھڪ بھترين ريسٽ ھائوس ٺھيل آھي.
راجا نند لاڙ وڃي پنھنجي لاءِ ھڪ نئون ڪوٽ ٺھرايو ھو، جنھن جا کنڊر ڊاڪٽر غلام علي الانا جي ڏنل ڄاڻ موجب: تعلقي جاتيءَ ۾، ’سيراڻيءَ‘ کان اٽڪل 10 ڪلوميٽر اولهہ ڏکڻ طرف اڄ بہ موجود آھن، ھي ڪوٽ ھن وقت بنه زبون حالت ۾ ھڪ دڙي جي صورت ۾ موجود آھي، ھن ڪوٽ جي آثارن تي اچڻ لاءِ سيراڻيءَ کان ڀڳڙا ميمڻ وارو روڊ وٺي، ميرواھ جي ساڄي پاسي وارو ھڪ رستو محبوب شاھ جي اوتاري ڏانھن وڃي ٿو ۽ ٻيو رستو، عالم شاھ جي ڳوٺ ڏانھن اچي ٿو. اھو رستو وٺي، ڪلراٺي زمين ۾ اچي، راجا نند واري ھن ڪوٽ جي ڀڙي تي بيھبو. ھن دڙي جي اوڀر ۾ ڳوٺ بچل جکرو ۽ ڏکڻ ۾ اسماعيل شاھ جي مزار آھي، جنھن کي ھن وقت بہ ’نند ڪوٽ‘ سڏيو وڃي ٿو. راجا نند کان پوءِ سندس پٽ، ’ڪانجي‘ ساماڻو، جنھن ڪڇ جي ويجهو ’پوراڻ دريا‘ جي ڀرسان ھڪ مضبوط پٿرائون قلعو ٺھرايو، جيڪو ڀڳل ڀُريل حالت ۾ اڄ بہ موجود آھي. ھيءَ سڄي جُوءِ بہ شاھ لطيف لتاڙي ۽ اھي سڀ آثار پنھنجي اکين سان ڏٺا ھوندا.
شاھ لطيف جو سخي ڄام ڪرن جي راڄڌانيءَ وارن آثارن تان ڀيرو:
شاھ لطيف، مومل ۽ مينڌري جا تاريخي ماڳ ۽ آثار ڏسڻ کان پوءِ، ان علائقي سان لاڳيتن آثارن ڏانھن آيو، جيڪي ڄام ڪرن جي نالي سان مشھور آھن. ھن وقت، اھي آثار، عمر ڪوٽ کان پوءِ اٽڪل 10 ڪلوميٽر اولهہ طرف، ساماري واري رستي جي لڳ موجود آھن. ھن وقت اھا ايراضي، ’سونپور‘ جي نالي سان مشھور آھي. ان ماڳ تي ھڪ بزرگ ’سانگي فقير‘ جي مزار آھي، جتي مالوند ماڻهو سھائي سومر تي اچي کير ورھائيندا آھن ۽ خيراتون ڪندا آھن. ڄام ڪرن جي آثارن وارو اھو دڙو سطح زمين کان اٽڪل 4.3 فوٽ مٿي آھي.
ڄام ڪرن، پنھنجي دؤر جو ھڪ مشھور سخي ۽ ڏاتار ٿي گذريو آھي. ھن کي نہ رڳو شاھ لطيف ڳايو ھو، پر شاھ لطيف کان اڳ جي شاعرن پڻ ساراھيو ھو. شاھ لطيف ھن لاءِ چوي ٿو تہ:
اکين سوئِي اوڙَکِيو، جو ڪَنين سومِ ڪَرَنُ،
ماءُ منھنجو مَنُ، ڄامَ پَسَنديٖئِي پَتِيو.
(شاھواڻي، غلام محمد (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر بلاول، داستان 3، بيت 14، ص:905)
ھن وقت بہ ڄام ڪرن، جي يادگار جا آثار موجود آھن، جن ۾: ڪرنا موري، ديھ ڪرنا، ديھ ٻيلو ڪرڻا ۽ سون پور جو ڀڙو شامل آھن. سون پور جي دڙن تي وڃڻ لاءِ عمرڪوٽ، سامارو روڊ تي ڏهه ڪلوميٽر ھلبو، تہ ٿُلھو مالهي اسٽاپ ايندو، ان اسٽاپ کان اڳتي ڀڏيلي جو اسٽاپ ايندو، ڀڏيلي کان ڏيڍ ڪلوميٽر ڏکڻ طرف سون پور جا ٻہ ٽي ننڍا دڙا موجود آھن، باقي سڄي زمين آباد آھي، ھيءَ ايراضي بہ ديھ سون پور جي نالي سڏجي ٿي. ھن سڄي ايراضيءَ کي ست ميل ڊگهو واٽر، آباد ڪري ٿو، ان کي بہ سون پور واٽر نالي سڏين. ھي کنڊر ضلعي عمرڪوٽ ۾ اچن ٿا. ھنن دڙن جي اوڀر واري پاسي، صوفي نبي بخش جو ڳوٺ آھي.
شاھ لطيف جو مُهراڻي تان ڀيرو:
شاھ لطيف، ناري پٽ ۾، مومل ۽ مينڌري ۽ سخي ڄام ڪَرن جا آثار ڏسڻ کان پوءِ، جانھيريءَ واري ايراضيءَ ۾ اچي، مُهراڻي ۾ پھتو. ان وقت رات ٿي چڪي ھئي، ان ڪري شاھ لطيف ھڪ وانڍ ۾ وڃي ترسيو ۽ پنھنجو پاڻ کي ظاھر ڪونہ ڪيائين. اسر مھل اٿي ويٺو تہ ڪنھن پاسي کان ڪا فقيراڻي تنوار ٻڌڻ ۾ ڪانہ آيس. انهيءَ تي کيس ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ بي ساختہ سندس زبان مان ھيٺيون بيت نڪتو، جيڪو ھن وڏي واڪ پڙهيو:
ڀِنِيءَ جي ڀُوڻَن، تَنِ جو ڀيڄَ ڀُڻڪو نَہ سُڻان،
سِنجَڻَ وارِيُون سُتِيوُن، وَڃِي ويڙِه وَرَنِ،
پِئَڙا سيٽَ سَڙَنِ، تَرَھي ٻِنهي ڪَنڌِيين.
(شيخ، ٻانهون خان، (2012ع)، ’شاھ جو رسالو‘، جلد ٽيون، سُر مارئي، داستان 10، بيت 17، ص:447)
شاھ لطيف، جنھن وقت اھو بيت پڙهي رهيو ھو، تہ ان وقت سندس ويجهو ھڪ ٻُوڙي جي پاسي ۾، انهيءَ خطي جو مشھور درويش ميھار فقير پلي، ياد الاھيءَ ۾ مشغول ھو، تنھن ڪنڌ مٿي کڻي کيس ورندي ڏني: نڪي سِنجڻ واريون ستيون، نڪي سيٽ سڙن، تَڙ وڏي ترتيب سان، ٿا ٻاڌار! ٻڌن. (معمور يوسفاڻي، (2001ع)، ’لطيف جا ٿر تان ڀيرا‘، ص:91) بيت پورو ڪري ميھار فقير اٿي، شاھ لطيف وٽ آيو ۽ معذرت ڪري ساڻس مليو. پوءِ شاھ لطيف ۽ ميھار فقير ڪيترو ئي وقت ڪچھري ڪندا رهيا. اھڙيءَ طرح اتي ھڪ ڏينھن رهڻ کان پوءِ، شاھ لطيف اتان، اتر طرف کيجراڙي جي شھر ۾ آيو ۽ شھر جي عالمن حافظ عبدالحميد پلي ۽ حافظ عبدالرحيم پليءَ سان مليو ۽ پاڻ ۾ علمي رهاڻ ڪيائون. اتان پوءِ وري اٽڪل 6 ڪلوميٽر اتر طرف پنڌ ڪري، ويھري جي ڳوٺ ۾ ميين نور محمد ڪيريي جي مدرسي ۾ آيو ۽ اتي ميين جي مست شاگرد، ابن فقير دھلڙيءَ واري سان رهاڻ ڪيائين. جتان وري عمرڪوٽ ڏي روانو ٿيو، جتي کيجراڙيءَ جي شاعر رحيم ڏني پليءَ سان مليو ۽ عمرڪوٽ ۽ کاروڙي شھر جا کنڊر بہ ڏٺائين. عمرڪوٽ کان ڇور ڏانھن ويندڙ روڊ تي ٻن ڪلوميٽرن جي پنڌ تي، درگاھ کارڙو شريف آھي، جنھن جي اڀرندي پاسي واري لڳ ڀڳ چاليھارو کن ايڪڙ زمين تي ھي کنڊر اڃا بہ موجود آھن. ھڪ پاسي مزار وارن ھيءَ زمين والاري آھي تہ، ٻئي پاسي ھندو ڌرم جو ھڪ مندر بہ آھي، جنھن جي چارديواري بہ ڪيترن ئي ايڪڙن ۾ پکڙيل آھي، جا ھنن کنڊرن جي زمين تي ئي ٺھيل آھي. کاروڙي جي کنڊرن وٽان لنگهندي، شاھ لطيف جي ھڪ بيت چيو:
کاروڙِئان کَڻِي، ويڙِي جَھپِ وِيا،
سيٖڻَ مُنھِنجا، سَيّدُ چَئٖي، ھاڻٖي ھِتِ ھُئا،
پَسِي پَڊَ اُنھِين جا، لَڙِي لَڙڪَ پِيا،
ڏيھِي ڏُورِ وِيا، ڏِيان ڏوراپو ڪَنِ کي!
(قاضي، علامہ آءِ آءِ (1996ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُرمارئي، داستان 9، بيت 9، ص:741)
شاھ لطيف، کاروڙي ۾ چورس کوھ ڏٺا، جيڪي مارئيءَ جي دؤر جا ھئا ۽ کاروڙي شھر جي اوڀر طرف، ولھار نالي وڏو ڏهر ڏٺو، جنھن جو ذڪر شاھ لطيف سُر سارنگ ۾ ھن طرف ڪيو آھي:
ڪَھِين اَچِي عُمَرڪوٽَ تان، وَسايا وَلھارَ،
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سارنگ، داستان 4، بيت 12، ص: 700)
ان کان پوءِ اڀرندي طرف، ھن پدمات جو پَٽ ۽ دودات جا پَٽ ڏٺا، جتي قديم دؤر جي ڪيترن ئي فقيرن جي رهائش ھئي. ان بعد شاھ لطيف، مھراڻي جون حدون ڇڏي کاھڙ طرف روانو ٿيو.
شاھ لطيف جو کاھڙ تان ڀيرو:
مُهراڻي کان پوءِ شاھ لطيف کاھڙ واري ايراضيءَ ۾، کاھڙ جي ڏڪار توڙي سڪار جو ماحول ڏٺو. ان موقعي تي فرمايائين:
وَرُ سٖي وَطَنَ ڄائِيُون، صَحرا سَتُرَ جَنِ،
گَولاڙا ۽ گُگِرِيُون، اوڇَڻ اَباڻَن،
ويڙھيا گهُمَنِ وَلِيٖين، جھانگِي مَنجِھ جَھنگَنِ،
مون کي ماروُئَڙَنِ، سُڃَ ڳڻائِي سيڄَ ۾.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مارئي، داستان 3، بيت 15، ص:568)
مارئيءَ جو اصل ڳوٺ کاھڙ ھو، شاھ لطيف، مارئي جي ديس جي خوشحاليءَ جو ذڪر ھيئن ڪري ٿو:
ھِنَ مُندَ مارُو سَنَرا، کائُرَ ۾ خُوشحالَ،
سَائُون، سِيارِڇ، مَکَڻِي، جيڏِيُون! آڻينِ جَالَ،
سَتِيءَ جِي، سَيّدُ چٖي، ڪا ساڻيھه مَنجِھ سَنڀالَ،
لِڱنِ تان، لَطِيفُ چي، لوئِي لاھ مَ لالَ،
ڀَلو ڪَندو ڀالَ، مينھن وَسَندا، موٽُ تُون.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مارئي، داستان9، بيت 5، ص:593)
کاھڙ ۾، ’ساکيءَ جو گڍ‘ ۽ ’ڀوڻيو‘ تاريخي آثار ھئا، جيڪي ڏسڻ کان پوءِ شاھ لطيف، مشھور سورهيہ رڻمل راٺوڙ جا آثار ڏٺا.
کاھڙ ۾ پَيرُن جا ڪيترائي قسم ٿين ٿا، جن ۾ ساڏوھين ڄارين جا پيرون مشھور آھن، جن کي اڇا يا ڌونئرا پيرون چوندا آھن. انهن ڄارين کي شاھ لطيف ھن طرح ياد ڪيو آھي:
نيڻيٖن نِنڊَ وِھُه ٿِئِي، ساري ساڏوھُيون،
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مارئي، داستان 10، بيت 10، ص:599)
کاھڙ جي کاري پاڻيءَ، وڻن ۽ ٻوٽن جو شاھ لطيف تفصيل سان ذڪر ڪيو آھي، جيڪو مارئيءَ جي سُر ۾ تفصيل سان مِلي ٿو. کاھڙ جون کٿيون بہ مشھور آھن، جن کي ساراھيندي شاھ لطيف ھيئن چيو آھي تہ:
کائر کَٿِيُون خاصِيُون، اُوچِيُون اُتِ اُڄَنِ،
ڪَڍِئو پَيٖڻُ ڪَھَنِ، ’مَليرِ گُهرجٖي مارُئي!‘.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُرمارئي، داستان7، بيت 2، ص:584)
شاھ لطيف جو پارڪر تان ڀيرو:
شاھ لطيف، کاھڙ جي سير کان پوءِ، پارڪر ۾ داخل ٿيو. ھتي کيس پاري ننگر جي کنڊرن جي ويجهو، پراڻي ھاڪڙي جو بچيل حصو نظر آيو، جيڪو ھن وقت ’سانگها‘ جي نالي سان سڏجي ٿو ۽ اھو قديمي دؤر ۾ راجا جسوڌڻ آڳڙي جي راڄڌانيءَ ۾ شامل ھو. جڏهن راجا جسوڌڻ جي دور ۾ملڪ ۾ سخت ڏڪار اچي پيو، تہ انهيءَ علائقي جا ماڻهو سخت تڪليف ۾ گذاريندي بہ اتان کان پري نٿي ويا، نيٺ مجبور ٿي، راجا جسوڌڻ وٽ وڃي اجازت گهريائون تہ پنھنجي ملڪ کان ٻاھر وڃي پورھيو ڪن ۽ پوءِ وسڪارو ٿيڻ تي موٽي اچن. انهيءَ ڳالهہ بابت شاھ لطيف ھڪ بيت ۾ ھن طرح اشارو ڏنو آھي تہ:
ڪَنڌِيين اَڪَ ڦُلارِئَا، سَانگِ سُڪو گَاھ،
مِهراڻي وَٽان، رويو راڄُ رَضا ڪَري.
(شيخ، ٻانهون خان، (2012ع)، ’شاھ جو رسالو‘، جلدٽيون، سُرڏهر، داستان 1، بيت 14، ص:232)
جسوڌڻ مھراڻي جو راڄ، اڀرندي طرف پارڪر جي حد کان اولهہ طرف، پٽيھل درياھ تائين ھو. پٽيھل ويجهو، آڳڙين جو وڏو شھر ھو، جتي آڳڙيا لوھه ۽ رُڪَ جون تلوارون ٺاھيندا ھئا. شاھ لطيف اھي ھنڌ بہ ڏٺا جن جو نقشو ھيئن چٽيو اٿس.
اَڄُ آڳَڙِيا آئِيا، سُوڌا سِراڻِي،
پياري پاڻِي، تيغُون ڪَندا تِکِيون.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر يمن ڪلياڻ، داستان 3، بيت 27، ص:99) آڳڙين جو ڪم تلوارون ٺاھڻ ۽ انهن کي پاڻي ڏيئي تيز ڪرڻ ھو. انهن جي شھر، آڳڙي جا کنڊر اڄ بہ موجود آھن.
’سانگهہ‘ کان اڳتي نڪري، شاھ لطيف جيئن ئي ڪارونجهر تي پھتو تہ کيس فقط ڇاپرو ٻيرين جا وڻ ڏسڻ ۾ آيا ھوندا. نہ اُتي ’گاڏيليون‘ ھيون ۽ نہ ئي وري ’گوندا‘ ھئا، جنھن ڪري پاڻ سُرمارئيءَ ۾ ذڪر ڪندي چيائين تہ:
پَنھوارَنِ پاٻوھِيو، وَرِيا واھوندا،
سارِيَم سيڻَ، سَيّدُ چـٖي، گَاڏِيلُيُون گُوندا،
ڀِٽُن ڀَرِ ھوندا، ڀُنگا ڀَڙَ ڀَتارَ جا.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مارئي، داستان7، بيت 1، ص:583)
ان بعد شاھ لطيف ڪارونجهر جي غارن ۽ وھڪرن جو چڱيءَ طرح سير ڪيو. ان مان ھڪ غار اندر ھن چلو پڻ ڪڍيو. چلي واريءَ غار ۾ ھڪڙي ننڍڙي کوھي بہ ملي ٿي، جنھن کي مقامي ماڻهو ’مدن مھتي جي واءِ‘ ڪوٺيندا آھن. انهن کان سواءِ پارڪر ۾ ڳوٺ ھستڙو چانڊيو جي ڀرسان ھڪ وڻ جي چوڌاري لوڙهو آيل آھي. جنھن لاءِ چون ٿا تہ اتي شاھ لطيف چلو ڪڍيو ھو، جيڪو اڄ بہ شاھ جو تڪيو يا شاھ جو چلو سڏجي ٿو. انهيءَ علائقي ۾ ھڪ خطي جو نالو چوٽاڻ يا چوٽاڻو آھي، جيڪو قديم دؤر ۾ مشھور سخين ۽ بهادرن جي رهڻ جو ھنڌ ھو. ھتي رهندڙن مان ابڙا اگهام ۽ انڙ وير مشھور ھئا. انهن سڀني کي شاھ لطيف مختلف سُرن ۾ ڳايو آھي. انهيءَ کان سواءِ وڏو سخي ۽ ڏاتار، ڏياچويراڻي پڻ ھن خطي جو رهاڪو ھو. جنھن کي شاھ لطيف جدا سُر سورٺ ۾ ڳايو آھي. شاھ لطيف اھي سڀ جايون گهميون ۽ انهن سخين سورمن جون سخاوتون ۽ نيڪ ناميون عام ماڻهن واتان ٻڌيون ۽ پوءِ پنھنجي بيتن ۾ انهن ڳڻن جو ذڪر پڻ ڪيو.
شاھ لطيف جو پائر جي پٽ تان ڀيرو:
شاھ لطيف پارڪر جي چوٽاڻ واري حصي مان نڪري، پائر جي پٽ واري پاسي کان قديم شھرن جا کنڊر ڏسندو، ڪونجي جي رڻ پٽ تائين پھتو ھوندو. ان دوران کيس انهيءَ واٽ ۾ ڪيترائي بُت ۽ بتخانا ڏسڻ ۾ آيا، جن ۾ ڪي بت وڏا ۽ انسانن جي قد جيڏا ھئا، تہ ڪي ننڍا فوٽ جي جيڏا ھئا. پڇڻ تي کيس اھو ٻڌايو ويو تہ اھي جهونجهارن جا بت آھن، جيڪي رڻ ۾ ڌارين سان وڙهندي شھيد ٿيا ھئا. اھي گهڻي ڀاڱي ڪونجهي جي رڻ پٽ ۾ ئي شھيد ٿيا ھئا، جن ۾ گهڻي ڀاڱي سڀ جهونجهار ئي ھئا. انهن جهونجهارن جو ڄام ٻانڀيڻي جي دؤر سان واسطو ھو، انهن مقامي سورهيہ سونھن تغلقن جي فوج کي ڪونجهي جي رڻ ۾ رُلايو ھو، جتي جو پاڻي ڪوڙو ھو.
شاھ لطيف جهونجهارن جي بھادريءَ ۽ جرئت کي سامهون رکي، انهن کي خوب ڳايو آھي، جيئن سُر ڪيڏاري ۾ ’جهونجهار‘ لفظ ڪتب آڻيندي فرمائي ٿو:
ڏِٺو ڪالهه ڪِنهِين، جُھونجهارَڪو جَهڳَڙو،
ھاٿِيَنِ ھَڏَ مُڇائِيا، ريلو رَتَ نَئِين، ڀانئِينِ سا سَنئِين، جِئان جِيءَ جوکو ٿِئي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪيڏارو، داستان 3، بيت 1، ص: 666)
اھو ساڳيو ئي پَٽُ ھو، جنھن جي ڀر ۾ بڊامن جي ڀِٽَ ھئي، جنھن ۾ پھرئين دؤر ۾ ماڻهن توڙي پکين ۽ جانورن لاءِ بہ سلامتي ھئي. شاھ لطيف جنھن دؤر ۾ ھتي آيو، ان وقت اھا سلامتي ختم ٿي چڪي ھئي ۽ ڪيئي شڪاري، ٻين پاسن کان اچي، ھتي پکين جو شڪار ڪندا ھئا، جن ۾ ڪونجن جو شڪار خاص ھوندو ھو. شاھ لطيف ڪونجن کي شڪار ٿيندو ڏسي، کين نصيحت ڪئي تہ:
چيٖتا ڪِيو چُڻيجِ، بُڊاماڻِي بُٺِ ۾،
نيڻين نِنڊَ مَ ڏيجِ، ڇيڙون ڇَپَرِ آئِيُون.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڏهر، داستان 4، بيت 20، ص:884)
انهيءَ رڻ پٽ کان پوءِ شاھ لطيف، راھمڪي بازار ڏانھن مُڙيو ۽ اتي ڍنڍ ڪرو جي ڀرسان ھڪ ڀِٽ تي آرام ڪيائين، جيڪا راھمڪي بازار کان اولهہ طرف ھئي ۽ جتي شاھ لطيف ھميشه اچي رهندو ھو. اڄ بہ ان کي ’ڀٽائيءَ جي ڀٽ‘ سڏيو وڃي ٿو.
انهي علائقي ۾ قاضي اسماعيل، ڌنو فقير ۽ ھندي فقير شاھ لطيف جا خاص دوست ھئا. جڏهن بہ شاھ لطيف اتي اچي مھمان ٿيندو ھو تہ، ان ڀٽ يا دڙي تي ترسندو ھو. ان جي ويجهو ھن وقت ھندي فقير جو قبو آھي، جنھن جي پاسي ۾ راھمون جي مُرشد شاھ حسن جو مقبرو آھي. اھو مقبرو ديھ لياري ۽ تپي راھمڪي بازار، يونين ٻولهاڙي، تعلقي ڏيپلي ۽ ضلعي مٺيءَ ۾ ڳوٺ ڍنڍ ڪرو کان ھڪ ميل الهندي طرف آھي، ھن مزار تي وڃڻ لاءِ ڪڍڻ، ڏيپلي روڊ تي 40 ڪلوميٽر کان پوءِ ڏکڻ طرف ڏاندري اسٽاپ کان چار ڪلوميٽر ڍنڍ ڪرو ڳوٺ وٽ پھچبو تہ اولهہ طرف مزار، پري کان پڌري آھي. واٽ ۾ جيڪي شھر اچن ٿا، انهن ۾ ڏهر ٻلھياري ۽ جتن جي ترائي مشھور آھن. قديم دؤر ۾ ڏهر ۽ ٻلھياري سنڌ جا قديم وھڪرا اچي، سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندا ھئا، جن ۾ ڍاڳي، ڍور ۽ ٻلھيارو وغيرہ ھئا، جن لاءِ شاھ لطيف فرمايو آھي تہ:
جَڏِهِن ڍاڳِي ڍورُ، ٻَئِي وَھَنِ ٻَلِيارَ ۾،
تَڏهن تاجَڙُينِ طورُ، ھئو جَسوڌنِ سين.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڏهر، داستان 1، بيت 8، ص:869) جسوڌڻ جي دؤر ۾ اھي شھر آباد ھئا. انهن مان ڍوري جي ڪناري تي مشھور وڏو ڪنڊو بيٺل ھو، جنھن سان مخاطب ٿيندي شاھ لطيف فرمايو تہ:
ڪَنڊا! تُون ڪيڏو، جَڏَهِن ڀَرِيو ڍورُ وَھي؟
جَسوڌَنِ جيڏو، تو ڪو گڏيو پَھِيڙو؟
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڏهر، داستان 1، بيت 6، ص:869)
اھڙيءَ طرح شاھ لطيفَ ڪنڊي کي ۽ ڪنڊي ڌڻيءَ جسوڌڻ مھراڻي کي مخاطب ٿيندي، انهي دؤر جي تاريخ جا اھڃاڻ ڏنا آھن، جن ۾ پارڪر کان پٽيھل تائين جاگرافي ۽ تاريخ ملي ٿي. ان کان پوءِ شاھ لطيف ڏيپلي واري علائقي ۾ ويڙھيجهپ آيو ۽ اتي راول فقير درس سان دوستي ٿي ويس، جنھن شاھ لطيف جو معتقد بڻجي، شاھ جو راڳ ڳايو، ۽ راڳ جو اڳواڻ ٿيو. ان کان پوءِ ويڙھيجهپ ۾ شاھ جي تڪيي تي، جتي ھڪ ڄار ھيٺ ھن چلو ڪڍيو ھو، راڳ جو بنياد پيو، جيڪو اڃا تائين قائم آھي. راول فقير کان پوءِ احمد فقير ۽ ان کان پوءِ اسحاق فقير راڳ جو اڳواڻ ٿيو. اسحاق فقير کان پوءِ اسماعيل فقير ۽ ان کان پوءِ باجيت فقير راڳ جو اڳواڻ ٿيو. ھن وقت ان جو پُٽ نالي مٺو اھو ورثو سنڀالي رهيو آھي. اھي سڀئي فقير راول فقير جي اولاد مان آھن، جيڪي درس فقير سڏجن ٿا ۽ سومرا دؤر جي مشھور بزرگ جرڪس ڏناڻيءَ جي اولاد مان آھن، جيڪي پھرين ويڙھيجهپ ۾ ويٺل ھئا ۽ پوءِ اتان نڪري ڳوٺ تياوري ۽ کيتلاريءَ ۾ رهڻ لڳا. راول فقير جي قبر، پارو فقير/پار برهم کان اولهہ طرف آھي، مٿس نون ٿنڀن وارو چئني پاسن کان کليل ڇت وارو پڪو مقبرو بہ ٺھيل آھي، جنھن جي سامهون ڪنڊيءَ جو ھڪ پراڻو وڻ بيٺل آھي. راول فقير جي مزار، پارو فقير جي سماڌي ۽ سندس درشن واري جاءِ جي بنه وچ واري مفاصلي تي آھي. اُتي ھن وقت نہ شاھ لطيف جو تڪيو آھي ۽ نہ وري شاھ جو راڳ ٿئي ٿو.
ويڙھيجهپ ۾، شاھ لطيف جي تڪيي واري چادر، مشھور آھي، جنھن تي ھندو توڙي مسلمان باس باسين ٿا ۽ ميلي ۾ ايندا رهن ٿا. پارو فقير تي اڄ بہ ھندو ڌرم وارن جو وڏو ميلو لڳي ٿو. ويڙھيجهپ کان ونگي ڏانھن، پُراڻ جي ڪناري تي پاتال شھر جا پراڻا آثار آھن، جتي بيان ڪيل روايت موجب قديم دؤر ۾ مشھور سخي جکرو اوڍاڻي رهندو ھو. سندس ماءُ ھوٿل نڱامري پارڪر جي رهاڪو ھئي، جنھن جا ٻہ پٽ جادم ۽ جکرو ھئا ۽ ڌيءَ سکر نالي سان ھئي. انهن کي بہ شاھ لطيف سُر مارئي ۾ ياد ڪيو آھي، جيئن:
سونھن وِڃايَمِ سُومَرا! سِکرَ جِھَڙي سونھن،
دِلِ ۾ دُکِي دُؤنھن، منھنجو مُنھن ميرو ٿِيو.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مارئي، داستان5، بيت 3، ص:576)
تہ وري سخي جکري جي ساراھ، شاھ لطيف سُر بلاول ۾ تفصيل سان ڪئي آھي ۽ ان کي ھر طرح ساراھيو آھي. فرمائي ٿو:
جَکَرو جَسَ کَرو، ٻئا مِڙيئي خانَ،
مِٽي اِنَ مَڪان، اَصُلِ ھُئي ايتَرِي.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (2009ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر بلاول، داستان 2، بيت 12، ص:143)
جکري کان سواءِ، ھن ڌرتيءَ تي ٻيا بہ ڪيئي نالي وارا حاڪم ۽ سخي ٿي گذريا آھن، جن ۾ ڄام ڏاھر سڀني ۾ آڳاٽو سردار ھو. ھن جي نہ رڳو پائر تي حڪومت ھئي، پر ٻني ۽ ٻيلي وارا ٻيٽ، گريڙ ۽ کاھڙ بہ انهن ۾ شامل ھئا، جن جي وچان رڻ مان، گوڙيءَ جي نار وھندي ھئي، جنھن جي آسپاس وارا ٻيٽ ۽ سنڌ جي ٿرپارڪر ۽ بدين ضلعن جا ٽڪر بہ، انهيءَ ۾ شامل ھئا. ڄامڏاھر کان پوءِ، اتي جسوڌڻ آڳڙو مشھور حاڪم ٿي گذريو آھي. جسوڌڻ کي نرينو اولاد ڪونہ ھو، کيس فقط ٻہ ڌيئرون، سهڻي ۽ سانجهي نالي سان ھيون، جيڪي ڄام انڙ ولد سمي ولد راءِ راڌڻ جي ٻن پٽن ڄام ھوٿي ۽ ڄام جکري جي نڪاح ۾ آيون. ڄام ھوٿيءَ کي سھڻيءَ جي پيٽان ڄام ابڙو، ڄام جوڻو ۽ ڄامکيبر ٿيا ۽ ڄام جکري کي، سانجهيءَ جي پيٽان ڄام ساند ۽ ڄامسيو نالي ٻہ پُٽ ٿيا، جن ڄام جسوڌڻ کان پوءِ پنھنجي ناني جي راڄڌاني سنڀالي. جسوڌڻ جي ڏهٽن کان پوءِ، ھنن خاندان ۾ ڄام ھٻو ولد ڄام انڙ نالي وارو حاڪم ٿيو. ھُن ڪڇ جي علائقي مان ڪافي حصو ورتو، جن ۾ ھٻو جبل ۽ ھٻو پٽ شامل آھن. ڄام ھٻي کي ٻہ پٽ ھڪ ’سمون‘ ۽ ٻيو ’ڪيريو‘ ٿيا، جن مان ’ڪيريو‘ وڌيڪ سپوت ٿيو، جنھن جي نالي سان ٻنيءَ جي ڪناري تي ’ڪيرو‘ نالي جبل مشھور آھي.(بيتن جو ذڪر اڳ ۾ اچي چڪو آھي.)
ڄام ڪيريي کان پوءِ، ڄام جهوجهي ولد سمي ھٻي جو راڄ ٿيو، جيڪو پڻ پنھنجي دؤر جي يادگار شخصيت ھو. ان کان پوءِ سندس پُٽ ڄام ڏاھر ساماڻو، جنھن جو اثر سڀني اڳوڻن سردارن کان اڳرو ھو. ھن ٻلهيار واري ايراضيءَ ۾، ڍوري جي وڏي وھڪري تي نئون شھر ٻڌايو، جيڪو سندس نالي پٺيان سڏجڻ لڳو ۽ ھينئر ان کي ڏاھر جي بدران ڏهر ڪوٺيو وڃي ٿو. ڄام ڏاھر کان پوءِ ’ڄام ڀينئن سين‘ وڏو درويش ۽ فقير ٿي گذريو، ان کي ڄام بدران فقير ڀينئن سين ڪري ڪوٺيندا ھئا، جنھن جو اولاد سنڌ توڙي ڪڇ ۾ موجود آھي.
شاھ لطيف، اھي سڀ ماڳ ۽ مڪان ڏسڻ کان، پوءِ انهيءَ سفر ۾ سنڌ ۽ ڪڇ جي وچ ۾ اچ وڃ جي لاءِ چوڏهن چارن جو ذڪر ڪيو آھي، (چارو ان عام رستي کي چئبو آھي جتان قافلا، ماڻهو توڙي چوپايو مال ان رستي تان ھلي ٻي وسندي/شھر پھچي) جيڪو ھن طرح آھي:
راءَ سِين رُٺا جي، تَنِ جاڙيجَن جاڙ ڪِي،
ڪِيئن ماڻِيندا سي، چوڏهن چارو ڪَڇَڙو.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (2009ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڏهر، داستان 3، بيت 17، ص:165)
1. جاتيءَ وارو چارو: ھي چارو، جاتي شھر کان لکپت پھچي ٿو ۽ اُتان ساندرو نالي ھنڌ ڏانھن وڃي ٿو.
2. ڪرهي وارو چارو: ھي چارو، ڪرهي کان وانر پھچي ٿو ۽ اتان پوءِ لکپت پھچي ساندري ڏانھن وڃي ٿو.
3. گهاڙيءَ وارو چارو: ھي چارو شيخاڻي گهاڙيءَ کان ڪھري پھچي ٿو ۽ اتان لکپت پھچي ساندري ڏانھن وڃي ٿو.
4. راھمڪي بازار وارو چارو: ھي رستو، راھمڪي بازار کان دنگ پھچي ٿو، اھو ماڳ ڏيپلي تعلقي جي ڏاکڻي دنگ تي آھي. اتان ڪريم شاھي رڻ، اتان لوڻي رڻ ۽ اتان ڀٽاري رڻ جي ڏاکڻين دنگ وٽان ٿيندو حاجي پير پھچي ٿو.
5. علي بندر وارو چارو: ھي چارو، علي بندر کان دنگ، اتان ڪريم شاھي، اتان لوڻو ۽ اتان حاجي پير پھچي ٿو.
6. ڏهر وارو چارو: ھي چارو، ڏهر کان ڀينار سري، اتان کوئٿ سري، اتان سرن واري سري، اتان دونارا چونڪي، ’پڇم‘، اتان ڌنار سليمان سھي جي ڳوٺ ۽ اتان کاھوڙي شھر پھچي ٿو.
7. ونگر وارو چارو: ھي چارو ونگر کان ڀينار سري، اتان کوئٿ سري، اتان سرن واري سري، اتان ڌرم شالا سري، اتان ڪنوار ٻيٽ جي سري، اتان دونالا، اتان ڌنارا ۽ اتان کاھوڙي شھر پھچي ٿو.
8. ٻلھياريءَ وارو چارو: ٻلھياري/ٻلھيار کان ڪنوار ٻيٽ، اتان ڪنوار ٻيٽ جي سري، اتان دونالا، اتان ڌنارا ۽ اتان کاھوڙي شھر پھچي ٿو، ھتان رڻ جو فاصلو اٽڪل 39 ڪلوميٽر آھي.
9. ننگر وارو چارو: ننگر پارڪر کان کريڙ/کريھر، اتان جڙويون، اتان رڻ ۾ نڙو ٻيٽ، اتان وائو ٿرادر جو علائقو اچي ٿو، جيڪو ڪڇ واري رڻ جو پريون دنگ آھي. کريڙ جو ذڪر بہ شاھ لطيف وٽ ملي ٿو:
آيُون ڍَورِ ڍَرِي، اَصلَ سَندي آسَري،
کَرِيھَرَ ڀُونءَ کَرِي، پيرَ ڏُکويَا پَکَڻين.
(شيخ، ٻانهون خان، (2012ع)، ’شاھ جو رسالو‘، جلد ٽئو، سُر ڏهر، داستان 5، بيت 18، ص: 250)
10. ونگي وارو چارو: ونگي کان ٻلھياري رڻ اچي ٿو. اتان کاھوڙ شھر سامهون جيڪو پڇم جي علائقي ۾ اچي ٿو. ان کان اڳتي ٻني آھي.
11. جليلي وارو چارو: ھتي رڻ مٿانھون آھي، مِينھَن جو پاڻي ٻن فوٽن کان مٿي ڪونہ چڙهي. پار وڃڻ لاءِ مفاصلو اٽڪل 4 ڪلوميٽر آھي.
12. بڙ تلاء وارو چارو: بڙ تلاء کان ڌڻ ٻيٽ، اتان بربتاڻو ٻيٽ ۽ اتان سوئي گاھ پھچبو. ھتان رڻ جو مفاصلو اٽڪل 39 ڪلوميٽر آھي.
13. سوراچند وارو چارو: ھن چاري ۾ سورا چند کان ناھر ٻيٽ، اتان سرنگهو ٻيٽ ۽ اتان ڪڇ جي ايراضيءَ ۾ پھچبو. ھتان رڻ جو مفاصلو اٽڪل 52 ڪلوميٽر آھي.
14. آڌي گام وارو چارو: ھي چارو، پراڻو آھي ۽ ھتان رڻ جو مفاصلو اٽڪل 23 ڪلوميٽر آھي. ھتان ’آڌي گام‘ کان ’لودرا‘ پھچبو، جنھن جي سامهون ميداني علائقو اچي ٿو.
ھنن چارن مان ڪيترائي چارا، اھڙا آھن، جن تان فقط وھٽن تي سفر ڪري سگهبو. جن رستن تي واٽ ۾ ڪو نخلستان وغيرہ ڪونهي، انهن تان تکن وھٽن جي ذريعي سفر ڪبو تہ جيئن ڏينھن ڏٺي جو، رڻ پار ڪري وڃجي. پارڪر جي پاسي وارا چارا، گاڏين ھلڻ جي لائق آھن، جن ۾ ٿر تلاءَ وارو چارو خاص آھي، جتان پاڪستان وجود ۾ اچڻ کان اڳ، بيل گاڏين جي ذريعي سنڌ کان ڪڇ ڏانھن مال ويندو ھو. چارن جي واٽ تي جيڪي نخلستان آھن، انهن ۾ نيڪ مردن کوھ کڻايا ۽ تلاء ٺھرايا آھن، جتان مسافرن کي پاڻي بہ ملي ٿو ۽ کاڌي پيتي جون شيون بہ ميسر ٿين ٿيون.