گهورِئو جي سنڌي معنيٰ
قربان ٿيو، صدقي ٿئو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Have offered, sacrificed for.
گهورِئو جا بيتن ۾ حوالا
گهَڙو ڀَڳو تَہ گهورِئو، مَرُ چُورُ ٿِئي چُوڙو،
طالِبُ المولىٰ مُذَڪِرُ، اِيءُ ٻُڏَندَنِ ٻُوڙو،
گهورِئو ڏَمُ ڪُوڙو، مُون ميھارُ ئِي مَنَ ۾.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 21 ]

سَندا سَنگهارَنِ جي، ڪَنڌِي ڪَنَ ڏِنامِ،
آسانگي اَرواحَ جي، اُڀي تَڙَ تَڪِيامِ،
وَڏِي ويرَ لَڳِيامِ، گهِڙان گهورِئو جِندَڙو.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 12 ]

گهَڙو ڀَڳو تَہ گهورِئو، مَرُ ٻِيڙَ ٿِئي ٻانھِين،
طالِبُ المولىٰ مُذَڪِرُ، اِيءُ پَرِ اَسانھِين،
پُئان مَ پانھِين، مُون ميھارُ ئِي مَنَ ۾.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 22 ]

گهَڙو ڀَڳو تَہ گهورِئو، پاڻان ھوءِ حِجابُ،
واڄَٽُ وَڄِي وُجُودَ ۾، رَھِيو رُوحَ رَبابُ،
ساھَڙَ ريءَ ثَوابُ، آئُون گهَڻو ئِي گهورِيان.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 23 ]

گهَڙو ڀَڳو تَہ گهورِئو، تان ڪِي تَرُ ھِنيان،
اَدَبُ اَکَڙِيُنِ کي، ڏِھاڙِي ڏِيان،
مُون کي ميھارَ مِيان، سَنئُون سُونھايو پيچِرو.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 24 ]

گهَڙو ڀَڳو تَہ گهورِئو، آسَرَ مَ لاھيجِ،
لَا تَقْنَطُوْا مِنْ رَّحْـمَةِ اللّـٰهِ ، تُرَھي اِنَ تَريجِ،
حَبِيباڻي ھيجِ، پَسِين مُنھُن ميھارَ جو.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 25 ]

گهَڙو ڀَڳو تَہ گهورِئو، ڀَڄي تان مَ گهَڙِي،
اُونُهون ڪُنُ تارِ وَھي، دَرياھَ پوءِ مَ دَڙِي،
چِڪَڻِ مان چَڙِھي، مِلان مُحِبَ ميھارَ کي.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 26 ]

گهَڙو ڀَڳو تَہ گهورِئو، ويندِيَسِ تان نَہ وَرِي،
پِيءُ پَسَندِيَسِ پانھِنجو، تانگهو تارِ تَرِي،
ميھارَ مَرِي، پَلَڪُ پاسي نَہ ٿِيان.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 27 ]

گهَڙو ڀَڳو تَہ گهورِئو، تُرَھي ناھي تاتِ،
اَچِي پيئِي ڪُنَ ۾، جِتي ڏِينھُن نَہ راتِ،
عاشِقاڻِي ذاتِ، مُئِي مَلَهائي سُهڻِي.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 28 ]

ويٺِي رُوءِ وَڇُنِ سان، پُڄِئو پِينگهَنِ پاندَ،
ڪوھُ ڪَرِيندِيَسِ ڪانڌَ، گهَڙو ڀَڳو تان گهورِئو.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 14 ]