ڪَلِمي گو جي سنڌي معنيٰ
ڪلمو ڀريندڙ، مسلمان، الله ۽ سندس رسول کي مڃيندڙ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
One who recites kalima, a Muslim.
ڪَلِمي گو جا بيتن ۾ حوالا
مَٿي پُرِسَ پاڳَ، سُونھَنِ سِرَ ساھَڙَ جا،
ڪانهِين جا ڪُلابَ جِي، چَريو ڪَنِ ٿِيُون چاڳَ،
جوڙِيائُون جَنَتَ ۾، سَندا مينھِيُنِ ماڳَ،
سَڀَ لَنگهِيائون لاڳَ، ڪَلِمي جي قَرارَ سين.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 34 ]
ڪانهِين جا ڪُلابَ جِي، چَريو ڪَنِ ٿِيُون چاڳَ،
جوڙِيائُون جَنَتَ ۾، سَندا مينھِيُنِ ماڳَ،
سَڀَ لَنگهِيائون لاڳَ، ڪَلِمي جي قَرارَ سين.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 34 ]
ڪَلِمي گو ڪوٺائِيين، اِنَ پَرِ نَہ اِيمانُ،
دَغا تُنھِنجي دِلِ ۾، شِرڪُ ۽ شيطانُ،
مُنھَن ۾ مُسلِمانُ، اَندَرِ آذَرُ آھِين.
[ سُر آسا، ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو، 25 ]
دَغا تُنھِنجي دِلِ ۾، شِرڪُ ۽ شيطانُ،
مُنھَن ۾ مُسلِمانُ، اَندَرِ آذَرُ آھِين.
[ سُر آسا، ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو، 25 ]
English Meaning
One who recites kalima, a Muslim.