ڪابُولَ جي سنڌي معنيٰ
ڪابل. هڪ شھر جو نالو، افغانستان جي گاديءَ جو هنڌ. (گهڻو اڳ ڪابل طرف فقير ايندا ويندا ھُئا.)
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Kabul. Capital city of Afghanistan. (Long time ago Fakirs & sadhus were use to go there as wanderers.)
ڪابُولَ جا بيتن ۾ حوالا
سامِيَنِ سِڱُ ڪُلَهنِ تي، سِڱُ مِڙيوئِي سُورُ،
ڪَھَندا وِئا ڪابُولَ ڏي، ڪو جو پَيَڙُنِ پُورُ،
مَڙِهيءَ جو مَذڪُورُ، ڪالَهہ ڪَندا وِئا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي، 25 ]
ڪَھَندا وِئا ڪابُولَ ڏي، ڪو جو پَيَڙُنِ پُورُ،
مَڙِهيءَ جو مَذڪُورُ، ڪالَهہ ڪَندا وِئا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي، 25 ]
ڪَھَندي ڪابُولَ ڏي، جوڳِيَنِ جُڳَ ٿِئا،
راھَ سُوٺائُون رَبَ جِي، وِرِچِي تان نَہ وِئا،
جيلاھَ ڌَڻِيءَ ڌُئا، تيلاھَ مُحَّمَدَ مَڃِئا.
[ سُر رامڪلي، جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ، 5 ]
راھَ سُوٺائُون رَبَ جِي، وِرِچِي تان نَہ وِئا،
جيلاھَ ڌَڻِيءَ ڌُئا، تيلاھَ مُحَّمَدَ مَڃِئا.
[ سُر رامڪلي، جوڳي، سامي ۽ ڪن ڪپڻ، 5 ]
ڪَسي ساڻُ ڪَسَنِ، ڏِيلَ ڪِئائُون ڏُٻِرا،
پيٽَ نَہ ھيرِئائُون پانھِنجا، چوري ساڻُ چَسَنِ،
اِنهين راھِ رَسَنِ، ڪاپَڙِي ڪابُولَ کي.
[ سُر رامڪلي، قوت ڪڙايا ۽ پوڄا ڪار، 9 ]
پيٽَ نَہ ھيرِئائُون پانھِنجا، چوري ساڻُ چَسَنِ،
اِنهين راھِ رَسَنِ، ڪاپَڙِي ڪابُولَ کي.
[ سُر رامڪلي، قوت ڪڙايا ۽ پوڄا ڪار، 9 ]
تان ڪِي وَٽَنِ آءُ، جان آھِينِ اوطاقُنِ ۾،
وِئو تَنِ نَہ وِسَرِي، لاھوتِيءَ ڪو لاءُ،
فَنا ۽ فِراقَ جو، سامِيَنِ چَکِئو ساءُ،
وَٽان تو ويندا، ڪاپَڙِي ڪابُولَ ڏي.
[ سُر رامڪلي، اڄ نہ اوطاقن ۽ جياسُون، 6 ]