ڦِٽو جي سنڌي معنيٰ
جدا، الڳ، ضايع، اڇلي، نابود، وڃائي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
To drop, let go, abandon, throw down, or away, forsake.
ڦِٽو جا بيتن ۾ حوالا
ھوتُ نَہ چُنِيءَ پوتُ، ڦاڙي جو ڦِٽو ڪَرِيان،
ھاڙِھي جو بَلوچُ، ڏاڍي ڪَنھِن ڏُکِ مِڙِي.
[ سُر حسيني، سُور ۽ ڏکن ماري، 37 ]
ھاڙِھي جو بَلوچُ، ڏاڍي ڪَنھِن ڏُکِ مِڙِي.
[ سُر حسيني، سُور ۽ ڏکن ماري، 37 ]
ڦِٽو ڦوڙائو، وَرِئو وَرَقُ وِصالَ جو،
مُون کي ڏِنو سَڄَڻين، ڏُوران ڏيکائو،
ھِينئَڙو اَڳَ ڍائو ، ويتَرِ پِرِيَنِ پَراھِئو.
[ سُر بروو سنڌي، دل جو دلبر، 14 ]
مُون کي ڏِنو سَڄَڻين، ڏُوران ڏيکائو،
ھِينئَڙو اَڳَ ڍائو ، ويتَرِ پِرِيَنِ پَراھِئو.
[ سُر بروو سنڌي، دل جو دلبر، 14 ]
ھائِي وِجهان ھارَ کي، مَنجهان کارَ کَڻِي،
ڦِٽائي ڦِٽو ڪَرِيان، ھَٿَنِ سين ھَڻِي،
تو سين ڄامَ تَڻِي، اگَلِيُون سَڀَ اوڇون ٿِيُون.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 4 ]
ڦِٽائي ڦِٽو ڪَرِيان، ھَٿَنِ سين ھَڻِي،
تو سين ڄامَ تَڻِي، اگَلِيُون سَڀَ اوڇون ٿِيُون.
[ سُر ليلا، مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ، 4 ]
ھَئِي ڦِٽو ڪَرِ ھارُ، سونَ ڦُلَنِ سين ڪَنجِرو،
کوءِ اُھَندَڙُ پَٽَ جو، جَنھِن مان وِڏُوڻُو واپارُ،
ڪِيَڙُئِي جو ڪارُون ڪَري، سُورَنِ جو سِينگارُ،
تُون مُنڌَ مُٺِي بِيمارُ، ڇو ڳِچِيءَ جو ڳَهِڻُو ڪَرِين.
[ سُر ليلا، ڏيئي جي ڏھاڳ، 12 ]
کوءِ اُھَندَڙُ پَٽَ جو، جَنھِن مان وِڏُوڻُو واپارُ،
ڪِيَڙُئِي جو ڪارُون ڪَري، سُورَنِ جو سِينگارُ،
تُون مُنڌَ مُٺِي بِيمارُ، ڇو ڳِچِيءَ جو ڳَهِڻُو ڪَرِين.
[ سُر ليلا، ڏيئي جي ڏھاڳ، 12 ]
تاڙَ ڇَڏي ڄاڻَ سِکُ، مِتِيُون سَڀَ مُنجهاءِ،
پھرِين پاڻُ ڦِٽو ڪَري، پِرِين پوءِ پُڇاءِ،
وَحدَتَ ساڻُ وِڃاءِ، ڪَثافَتَ ڪَثرَتَ جِي.
[ سُر آسا، پاڻ پردو پاڻ، 12 ]
پھرِين پاڻُ ڦِٽو ڪَري، پِرِين پوءِ پُڇاءِ،
وَحدَتَ ساڻُ وِڃاءِ، ڪَثافَتَ ڪَثرَتَ جِي.
[ سُر آسا، پاڻ پردو پاڻ، 12 ]
English Meaning
To drop, let go, abandon, throw down, or away, forsake.