ڏِٺِي جي سنڌي معنيٰ
نظر آئي، ڏيکاءَ ۾ آئي، جهلڪي، نظارو ٿيو، چمڪي، نگاھ ۾ آئي، جاچي، غور ڪيو، (لقاءُ، مَنظَرُ، ڏيکُ. راءِ، سمجهه، مَتِ، ويچار، مُلاحِظو، خيال.)
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Seen, sought, observed, looked
ڏِٺِي جا بيتن ۾ حوالا
ڏِٺِي ڏِياري، سامُونڊِيَنِ سِڙَه سَنباھِئا،
وِجِهيو وَرُ وَنجَهہ کي، رَوئَي وَڻِجارِي،
مارِيندَءِ مارِيۡ، پِرھَ سُورَ پِرِيَنِ جا.
[ سُر سامونڊي، آيا وڻجارا، 5 ]
وِجِهيو وَرُ وَنجَهہ کي، رَوئَي وَڻِجارِي،
مارِيندَءِ مارِيۡ، پِرھَ سُورَ پِرِيَنِ جا.
[ سُر سامونڊي، آيا وڻجارا، 5 ]
طالِبُ قَصَرُ سُونھَن سَرُ، اِيءَ رُومِيءَ جِي رُوءِ،
جَنِي ڏِٺِي جُوءِ، تَنِ ڪُڇِئو ڪِينَڪِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، صوفي ۽ طالب، 11 ]
جَنِي ڏِٺِي جُوءِ، تَنِ ڪُڇِئو ڪِينَڪِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، صوفي ۽ طالب، 11 ]
طالِبُ قَصَرُ سُونھَن سَرُ، اِيءَ رُومِيءَ جي راحَتَ،
جَنِي ڏِٺِي سَٿَ، تَنِ ڪُڇِئو ڪِينَڪِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، صوفي ۽ طالب، 12 ]
جَنِي ڏِٺِي سَٿَ، تَنِ ڪُڇِئو ڪِينَڪِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، صوفي ۽ طالب، 12 ]
ڏِٺِي ڏِياري، سامُونڊِيَنِ سِڙَه سَنباھِئا،
اُنِ کي مُندَ اُتَرَ جِي، اوچِتِي آئِي،
وَڻِجارَنِ وائِي، آھي پَرِيين پارَ جِي.
[ سُر سامونڊي، آيا وڻجارا، 4 ]
اُنِ کي مُندَ اُتَرَ جِي، اوچِتِي آئِي،
وَڻِجارَنِ وائِي، آھي پَرِيين پارَ جِي.
[ سُر سامونڊي، آيا وڻجارا، 4 ]
ڏِٺِي ڏِيارِي، سَڄَڻَ سَفَرِ ھَلِئا،
پايو پاندُ ڳِچِي ۾، زورِ ڪَري زارِي،
ڪانُ ھَڻِي ڪارِي، وِئو وَڻِجارو اوھَرِي.
[ سُر سامونڊي، آيا وڻجارا، 6 ]
پايو پاندُ ڳِچِي ۾، زورِ ڪَري زارِي،
ڪانُ ھَڻِي ڪارِي، وِئو وَڻِجارو اوھَرِي.
[ سُر سامونڊي، آيا وڻجارا، 6 ]
واھُڙَ وَھَنِ نَواھَ، اَڃا وَھُ اَڳي ٿِئو،
گهَرِ ويٺِيون گَهڻا ڪَرِيو، سَرَتِيُون سَڱَ سَنوان،
صُورَتَ جَا ساھَڙَ جِي، سا جَي ڏِٺِي آن،
ھُوندَ نَہ پَلِئو مانۡ، گهِڙو سَڀَ گهَڙا کَڻِي.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 3 ]
گهَرِ ويٺِيون گَهڻا ڪَرِيو، سَرَتِيُون سَڱَ سَنوان،
صُورَتَ جَا ساھَڙَ جِي، سا جَي ڏِٺِي آن،
ھُوندَ نَہ پَلِئو مانۡ، گهِڙو سَڀَ گهَڙا کَڻِي.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 3 ]
صُورَتَ ساھَڙَ ڄامَ جِي، ڏِٺِي جَنِ ھيڪارَ،
سُتِيُون ڪِينَ سُکِ ٿِي، ڀِرِي ساڻُ ڀَتارَ،
گِهڙِيُون گهَڙَنِئان ڌارَ، ڪاھي پييُون ڪُنَ ۾.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 6 ]
سُتِيُون ڪِينَ سُکِ ٿِي، ڀِرِي ساڻُ ڀَتارَ،
گِهڙِيُون گهَڙَنِئان ڌارَ، ڪاھي پييُون ڪُنَ ۾.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 6 ]
جٖي ھاڙِھي ھيٺِ چَرَنِ، تَنِ مَيَنِ مارِي آھِيان،
ڏُکِيءَ سَندِيُون ڏُونگَرين، پَچارُون پَوَنِ،
ڏِٺِي ڏوٿِيَڙَنِ، پَارَ ڪَڍَندي پَٻَ ۾.
[ سُر ديسي، جبل ڏي نہ جواب، 5 ]
ڏُکِيءَ سَندِيُون ڏُونگَرين، پَچارُون پَوَنِ،
ڏِٺِي ڏوٿِيَڙَنِ، پَارَ ڪَڍَندي پَٻَ ۾.
[ سُر ديسي، جبل ڏي نہ جواب، 5 ]
ڏِيندِيَسِ ماھُ مِرُنِ کي، آئُون ذَرا جِيءُ ڪَري، اي ھوتا،
ڏيئِي باھِ ڀَنڀورَ کي، آئُون آيسِ تو ڳَري،
آرِياڻِيءَ پُنهونءَ ري، ھَڏِ نَہ ساھَ سَري،
جَنڊِي پايو جانِ ۾، ڏُکرِي ڏُکَ ڏَرِي،
آءُ اوراھُون سُپِرِين وَڃُ مَ پِيَ پَري،
مُون ڏِٺِي مُون وِسَھو، وِرِچِي تان نَہ وَري،
ڏُکِيءَ جَي ڏيکارِيين، ڌَران مُنھَن مَري،
پِيالي پِرِيَنِ جي، موھِيَسِ ميٺَ کَري،
آرِيءَ جِي عِشقَ جِي، مُون کي اَندَرِ آڳِ ٻَري،
توکي توءِ نَہ ڇَڏيان، جَي وَڃان ڀُون تَري،
ڌَڙُ وِجَهندِيَسِ ڌُوڙِ ۾، مَٿو ڌارَ ڌَري،
ھَلَڻُ سُڻِي ھوتَ جو، ڏُکِي پَسُ ڏَري،
پِرِين کَڻِجِ پانھِنجُون، اَکِيُون ٻاجَهہ ڀَري.
[ سُر حسيني، وايون، 32 ]

اَڄُ پُڻ اَکَڙِيُنِ، پَنھِنجا سَڄَڻَ سارِئا،
ڳَلَنِ تان ڳوڙَھنِ جُون، بُوندُون بَسِ نَہ ڪَنِ،
سَندِي سِڪَ پِرِيَنِ، لوڪَ ڏِٺِي نَہ لَھي.
[ سُر بروو سنڌي، صُورت فانِي ۽ مڙه مقام، 2 ]
ڳَلَنِ تان ڳوڙَھنِ جُون، بُوندُون بَسِ نَہ ڪَنِ،
سَندِي سِڪَ پِرِيَنِ، لوڪَ ڏِٺِي نَہ لَھي.
[ سُر بروو سنڌي، صُورت فانِي ۽ مڙه مقام، 2 ]
English Meaning
Seen, sought, observed, looked