ڏُٻِرا جي سنڌي معنيٰ
نٻل، ڪمزور، ھيڻا
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Weak.
ڏُٻِرا جا بيتن ۾ حوالا
وَسي تَڏِھِين وَسَ، مُندَ مِڙيائِي مِينھَن جِي،
کيٽا کَٽَرُنِ ڇَڏِئا، جٖي ٿي مِڙِيُون مَسَ،
گابا، مَٿي گَسَ، ڏُکَ نَہ ڪَندا ڏُٻِرا.
[ سُر سارنگ، آگمجڻ، 17 ]
کيٽا کَٽَرُنِ ڇَڏِئا، جٖي ٿي مِڙِيُون مَسَ،
گابا، مَٿي گَسَ، ڏُکَ نَہ ڪَندا ڏُٻِرا.
[ سُر سارنگ، آگمجڻ، 17 ]
ڪَسي ساڻُ ڪَسَنِ، ڏِيلَ ڪِئائُون ڏُٻِرا،
پيٽَ نَہ ھيرِئائُون پانھِنجا، چوري ساڻُ چَسَنِ،
اِنهين راھِ رَسَنِ، ڪاپَڙِي ڪابُولَ کي.
[ سُر رامڪلي، قوت ڪڙايا ۽ پوڄا ڪار، 9 ]
پيٽَ نَہ ھيرِئائُون پانھِنجا، چوري ساڻُ چَسَنِ،
اِنهين راھِ رَسَنِ، ڪاپَڙِي ڪابُولَ کي.
[ سُر رامڪلي، قوت ڪڙايا ۽ پوڄا ڪار، 9 ]
ڪَسي ساڻُ ڪَسي، ڏِيلَ ڪِئائُون ڏُٻِرا،
پيٽَ نَہ ھيرِئائُون پانھنجا، چوري ساڻُ چَسي،
واراڳِيَنِ وَسي، رامُ سَدائِين رُوحَ ۾.
[ سُر رامڪلي، قوت ڪڙايا ۽ پوڄا ڪار، 10 ]
پيٽَ نَہ ھيرِئائُون پانھنجا، چوري ساڻُ چَسي،
واراڳِيَنِ وَسي، رامُ سَدائِين رُوحَ ۾.
[ سُر رامڪلي، قوت ڪڙايا ۽ پوڄا ڪار، 10 ]
ڪَسي چيلِهہ ڪَسا، ڏِيلَ ڪِئائُون ڏُٻِرا،
لاھُوتِي لَطِيفُ چئَي، تَنَ کي ڏِينِ تَسا،
گُرُوءَ جي گَسان، پاسي ڪَنِ نَہ پاڻَ کي.
[ سُر رامڪلي، قوت ڪڙايا ۽ پوڄا ڪار، 11 ]
لاھُوتِي لَطِيفُ چئَي، تَنَ کي ڏِينِ تَسا،
گُرُوءَ جي گَسان، پاسي ڪَنِ نَہ پاڻَ کي.
[ سُر رامڪلي، قوت ڪڙايا ۽ پوڄا ڪار، 11 ]
ھَنجَ سَدائِين ڏُٻِرا، پَکِي ٻِئا مَچَنِ،
مارِيءَ سَندو مَنَ ۾، آھي وِرھُ ويچارَنِ،
ڪَنبَنِ ۽ ڪَڍَنِ، پِٿُون جٖي پاتارَ جا.
[ سُر ڪارايل، پاڙون پاتار ۾، 14 ]
مارِيءَ سَندو مَنَ ۾، آھي وِرھُ ويچارَنِ،
ڪَنبَنِ ۽ ڪَڍَنِ، پِٿُون جٖي پاتارَ جا.
[ سُر ڪارايل، پاڙون پاتار ۾، 14 ]
English Meaning
Weak.