پِرِڀاتِ جي سنڌي معنيٰ
باک، سج اُڀرڻ کان اڳ واري مھل. وڏو صبح ، صبح صادق ، پِرھ، ڍَڪي، علي الصباح.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
The dawn, early morning. The name of a ragini or musical mode.
پِرِڀاتِ جا بيتن ۾ حوالا
سَدا پُڇُ مَ سُهڻِي، اُونداھِي اَڌ راتِ ،
پِريان ڏي پِرِڀاتِ، وانءُ ڏيٺاري ڏيھَ کي.
[ سُر سھڻي، جيئري، ساھڙ ڌاران، 12 ]
پِريان ڏي پِرِڀاتِ، وانءُ ڏيٺاري ڏيھَ کي.
[ سُر سھڻي، جيئري، ساھڙ ڌاران، 12 ]
مَڪي کان ٿِي موٽِيُون، اُٺِيُون تي عَرَفاتِ،
روضي پاسِ رَسُولَ جي، ريجَهہ ڪِيائُون راتِ،
وِڄَڙِيُون پِرِڀاتِ، موٽِي مِصِرِ آيُون.
[ سُر سارنگ، آگمجڻ، 14 ]
روضي پاسِ رَسُولَ جي، ريجَهہ ڪِيائُون راتِ،
وِڄَڙِيُون پِرِڀاتِ، موٽِي مِصِرِ آيُون.
[ سُر سارنگ، آگمجڻ، 14 ]
وَسي سارِي راتِ، صُبوحَ جو ساھُ کَڻي،
مَنجهيئِي مِينھُن پِرِيَنِ جو، جَي تَنَ ۾ ھوئي تاتِ،
وِھاڻِيءَ پِرِڀاتِ، بادَلُ بَسِ نَہ ڪَري.
[ سُر سارنگ، بادل نيڻ ۽ مينھن، 11 ]
مَنجهيئِي مِينھُن پِرِيَنِ جو، جَي تَنَ ۾ ھوئي تاتِ،
وِھاڻِيءَ پِرِڀاتِ، بادَلُ بَسِ نَہ ڪَري.
[ سُر سارنگ، بادل نيڻ ۽ مينھن، 11 ]
ڪيچِي ڪالَهہ ڪَھِي وِئا، اَدِيُون آڌِيءَ راتِ،
جاڳان تان جيڪِي ٿِئو، وِھاڻِيءَ پِرِڀاتِ،
ڦوڙائو فَقِيرِ کي، ڏِنو جَتَنِ سَندِيءَ ذاتِ،
رَفِيعُ الدَرَجاتِ، پَرمَلُ پُنهون ميڙِيين.
[ سُر ديسي، واٽُون ۽ سُور، 9 ]
جاڳان تان جيڪِي ٿِئو، وِھاڻِيءَ پِرِڀاتِ،
ڦوڙائو فَقِيرِ کي، ڏِنو جَتَنِ سَندِيءَ ذاتِ،
رَفِيعُ الدَرَجاتِ، پَرمَلُ پُنهون ميڙِيين.
[ سُر ديسي، واٽُون ۽ سُور، 9 ]
رائو سَڄائِي راتِ، اوٺِيَنِ گهَڻو اُڇَلِئو،
بِرَھمَڻِ کي بَرَ ۾، سَندِي بوتَنِ باتِ،
وِڌائِين وَڻِڪارَ ۾، تَنُ پِريان جِيءَ تاتِ،
وِھاڻِيءَ پِرِڀاتِ، سَڳَرِ ٿِيندِي ساٿَ جي.
[ سُر ديسي، جبل ڏي نہ جواب، 13 ]
بِرَھمَڻِ کي بَرَ ۾، سَندِي بوتَنِ باتِ،
وِڌائِين وَڻِڪارَ ۾، تَنُ پِريان جِيءَ تاتِ،
وِھاڻِيءَ پِرِڀاتِ، سَڳَرِ ٿِيندِي ساٿَ جي.
[ سُر ديسي، جبل ڏي نہ جواب، 13 ]
لَيلَ نَہ جاڳِيئَن لِکَ سِيئَن، شامَ سُتِيئَن سَڀَ راتِ،
اوڳِي اوٺِيَڙَنِ جا، پَھَ پُڇين پِرِڀاتِ،
ٿِيءُ سَڳَرِ تَنِ جي ساٿِ، تَہ ڀورِي ڪَنھِن ڀالِ مِڙين.
[ سُر ڪوھياري، نِدورِي نِنڊ، 3 ]
اوڳِي اوٺِيَڙَنِ جا، پَھَ پُڇين پِرِڀاتِ،
ٿِيءُ سَڳَرِ تَنِ جي ساٿِ، تَہ ڀورِي ڪَنھِن ڀالِ مِڙين.
[ سُر ڪوھياري، نِدورِي نِنڊ، 3 ]
ھَلِي ھاڙِھي سامُھين، پُڻ وِھاڻِيَسِ راتِ،
پِريان جا پِرِڀاتِ، اُڀِي پُڇي پَھِيڙا.
[ سُر حسيني، وڳ قطارون ۽ ڪاروُن، 24 ]
پِريان جا پِرِڀاتِ، اُڀِي پُڇي پَھِيڙا.
[ سُر حسيني، وڳ قطارون ۽ ڪاروُن، 24 ]
راوَلُ رَھي نَہ راتِ، جيڏِيُون مُنھِنجو راوَلُ رَھي نَہ راتِ،
ڪوھُ ڪَرِيندِيَسِ ڪانڌَ ري، وِھاڻِيءَ پِرِڀاتِ،
مِٽَ نَہ مَعذُورِيَنِ جا، ڪا جَا جوڳِي ذاتِ،
لَڳُمِ لاھُوتِيَنِ جو، مَنجهان ڪِينَرَ ڪاتُ،
آيَلِ آديسِيَنِ جِي، آئُون مُٺِي مُلاقاتِ،
[ سُر رامڪلي، وايون، 9 ]

پُورَڀِيا پُوري وِئا، آسَڻَ آڌِيءَ راتِ،
سُئَمِ نَہ سَناسِيَنِ جُون، پَچارُون پِرِڀاتِ،
ڪا جَا جوڳِي ذاتِ، جِيئَن مِٽَ نَہ مَعذُورِنِ جا.
[ سُر پورب، جوڳي، 4 ]
سُئَمِ نَہ سَناسِيَنِ جُون، پَچارُون پِرِڀاتِ،
ڪا جَا جوڳِي ذاتِ، جِيئَن مِٽَ نَہ مَعذُورِنِ جا.
[ سُر پورب، جوڳي، 4 ]
ڀينَرُ ڀِنِيءَ راتِ، مُون چَنيسَرُ چِتُ ۾،
سُتو لوڪُ نِنڊُون ڪَري، مُون پِريان جِي تاتِ،
سَڄَڻُ سِينءَ پِرِڀاتِ، مَنان مُورِ نَہ وِسَري.
[ سُر ليلا، ھاڻي ويٺي رو، 11 ]
سُتو لوڪُ نِنڊُون ڪَري، مُون پِريان جِي تاتِ،
سَڄَڻُ سِينءَ پِرِڀاتِ، مَنان مُورِ نَہ وِسَري.
[ سُر ليلا، ھاڻي ويٺي رو، 11 ]
English Meaning
The dawn, early morning. The name of a ragini or musical mode.