پُٺِ جي سنڌي معنيٰ
بدن جو پٺيون يا ڪَرنگهي وارو پاسو، پُٺي، پُٺا، پُشت.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
The back, rear. Backside.
پُٺِ جا بيتن ۾ حوالا
ڪيڏاھَن اُٿِي وييُون، ڪيڏاھَن گِهنڊَ گُڙَنِ،
تيڏاھَن ٿِيُون چَرَنِ، جيڏاھَن پُٺِ ميھارَ جِي.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 18 ]
تيڏاھَن ٿِيُون چَرَنِ، جيڏاھَن پُٺِ ميھارَ جِي.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 18 ]
ڀَڳو آئُون نَہ چَوان، مارِيو تَہ وِسَھان،
ڪانڌُ مُنھَن ۾ ڌَڪَڙا، سيڪِيندِي سُونھان،
تَہ مَرُ لَڄَ مَران، جي ھُونِسِ پُٺِ ۾.
[ سُر ڪيڏارو، ڪامل ڪربلا ۾، 16 ]
ڪانڌُ مُنھَن ۾ ڌَڪَڙا، سيڪِيندِي سُونھان،
تَہ مَرُ لَڄَ مَران، جي ھُونِسِ پُٺِ ۾.
[ سُر ڪيڏارو، ڪامل ڪربلا ۾، 16 ]
ڀُلِيُون ڪوھُ پُڇَنِ، پَرَ پُٺِ پِيرُ پُنهونءَ جو،
لَهسِيُون ٿِيُون لُڇَنِ، ڏٺو جَنِ اَکِينِ سين.
[ سُر آبڙي، ڳول سندو پاڻ، 11 ]

ھَلَندي ھاڙھو مَڻِي، ڪَرَڻُ ڪوھَ پِئامِ،
اَرڏا آرِيءَ ڄامَ ري گُوندَرَ گُذَرِئامِ،
لَڪِيُون لَڪَ لَطِيفُ چئَي، اپرانگهَڻُ آيامِ،
پُرڻُ پُنهونءَ پُٺِ ۾، اِيءَ سَعادَتَ سَندِيامِ،
مَٿِسِ ڪَمَ وِڌامِ، وِھان تان نَہ وَسِ پِئو.
[ سُر معذوري، ھاڙھو پنڌ، 1 ]

وِلاڙِيو وَڻين چَڙِهي، ڪِي جو ڏِٺائِين،
مَوتُ مارِيائِين، پاڻُ تَنھِنجِيءَ پُٺِ ۾.
[ سُر معذوري، نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ، 13 ]
مَوتُ مارِيائِين، پاڻُ تَنھِنجِيءَ پُٺِ ۾.
[ سُر معذوري، نہ گڏجڻ ۽ وڻين چڙهڻ، 13 ]
ڇَپَرُ ڇَمَرُ ڀانيان، ڪانڀُو ۽ ڪارَو،
پَٻُ وِجَهندِيَسِ پُٺِ تي، صُبوحِ سَوارو،
وَڃَڻُ مُون وارو، ڪِينَ وِھَندِيَسِ وِچَ ۾.
[ سُر ديسي، واٽُون ۽ سُور، 18 ]
پَٻُ وِجَهندِيَسِ پُٺِ تي، صُبوحِ سَوارو،
وَڃَڻُ مُون وارو، ڪِينَ وِھَندِيَسِ وِچَ ۾.
[ سُر ديسي، واٽُون ۽ سُور، 18 ]
وَڃَڻُ تو واري، پُرَڻُ پُنهونءَ پُٺِ ۾،
ڪَرَھَ ڪوھِيارِي، سُتي تو سَڀَ وِئا.
[ سُر حسيني، لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل، 24 ]
ڪَرَھَ ڪوھِيارِي، سُتي تو سَڀَ وِئا.
[ سُر حسيني، لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل، 24 ]
سَڱُ ڪَري سين شِينھَن، ڪَنڌُ مَ ڦيرِجِ ڪيڏَھِين،
رَمِج راڻي پُٺِ ۾، نِرتو مَنجهان نِينھَن،
اُونءَ مَ وَسِجِ عامَ تي، جِيئَن مُومَلَ وَسَنِ مِينھَن،
سَندي حَشَرَ ڏِينھَن، سوڍو سارِييندِينءَ گهَڻو.
[ سُر راڻو، ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ، 2 ]
رَمِج راڻي پُٺِ ۾، نِرتو مَنجهان نِينھَن،
اُونءَ مَ وَسِجِ عامَ تي، جِيئَن مُومَلَ وَسَنِ مِينھَن،
سَندي حَشَرَ ڏِينھَن، سوڍو سارِييندِينءَ گهَڻو.
[ سُر راڻو، ھلو ھلو ڪاڪ ۽ ڀُونءِ، 2 ]
نااُميدِي آجِڪو، اوڇَڻُ آديسِيَنِ،
ڪَڏِھِين تازِيءَ پُٺِ تي، ڪَڏِھِين ھيٺِ ھَلَنِ،
سامِيَڙا سَمُنڊَ ۾، تُنبي جِيئَن تَرَنِ،
جٖي واڳُو واتِ وَڃَنِ، ڪُسَنِ ڪُڇَنِ ڪِينَڪِي.
[ سُر رامڪلي، سڳا سيلهيون ۽ نااميدي، 19 ]