واري جي سنڌي معنيٰ
گهمري، ڀيري، موٽي، وري، ورائي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Again, repeatingly.
واري جا بيتن ۾ حوالا
ھِينئَڙو ٿو ھُنَ ساري مُنھِنجو ساھُ سَيِّدَ کي ٿو ساري،
جيڏِيُون آئُون ھَلَندِي ويندِي ھوتَ ڏي،
جيرو اَندَرِ جِندَڙي، وِئو ٻاروچو ٻاري،
سَچو سُخُنُ سُپِرِين، قَولُ پُنَهلُ پَنھِنجو پاري،
پَنڌَ اَڙانگا پَٽِيين، مُون کي ڪوھِيارو ٿو ڪاري،
ھوتَنِ ھَلَڻُ مَنَ ۾، ڪيرَ گهَڙِي ھِتِ گهاري،
آسَرَ ڀَري آھِيان، واحِدُ آڻينِ واري،
وِڌا ڪَمَ ڪَرِيمَ تي ھِنَ ويچارِيءَ واري.
[ سُر ديسي، وايون، 3 ]

ڪُوماڻا ڪَڙِيُون ڪَري، چاڪَ اُڀَرِئامِ،
واري ويڄَ ڏِنامِ، ڏَنڀَ ڏُکَندي سامُھان.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 28 ]
واري ويڄَ ڏِنامِ، ڏَنڀَ ڏُکَندي سامُھان.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 28 ]
مِيمَ مان مَعلُومُ ٿِئو، تَہ اَلِفُ آھِين تُون،
تيلانھَن آيَلِ مُون، وَرَقَ واري ڍَڪِئا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 28 ]
تيلانھَن آيَلِ مُون، وَرَقَ واري ڍَڪِئا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پنا پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ، 28 ]
ھُو چوِنِئِي تُون مَ چَئُہ، واتان وَرائي،
اَڳھَيِن اَڳِرائِي جَو ڪَري، خَطا سو کائي،
پاندَ ۾ پائي، نِيو ڪِيني واري ڪِينَ ڪي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 20 ]
اَڳھَيِن اَڳِرائِي جَو ڪَري، خَطا سو کائي،
پاندَ ۾ پائي، نِيو ڪِيني واري ڪِينَ ڪي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 20 ]
جٖي اُونِهي وِئا اوھَرِي، اللهُ سي واري،
آئُون اُنِ آساري، تَڙَ پُوڄارِي آھِيان.
[ سُر سامونڊي، پڳھ ۽ سامونڊين سڱ، 12 ]
آئُون اُنِ آساري، تَڙَ پُوڄارِي آھِيان.
[ سُر سامونڊي، پڳھ ۽ سامونڊين سڱ، 12 ]
وَڻِجارَنِ واري، پِرھَ پَڳَھَ ڇوڙِئا،
کيڙائُو کاري، سَنڀُوڙا سَيِّدُ چئَي.
[ سُر سامونڊي، سيءَ ۽ جهيڙا، 22 ]
کيڙائُو کاري، سَنڀُوڙا سَيِّدُ چئَي.
[ سُر سامونڊي، سيءَ ۽ جهيڙا، 22 ]
پَڳَھَ پاءِ پَنھِنجي مَڪُڙِي، مَتان ڇُوھي ڇِنائي،
ساندارو سَمُنڊَ جو، اَڙانگو آھي،
تو پانھِنجا نَہ ڪِئا، واري وَرائي،
ھُوندَ نَہ پيئِيَنءَ ھيتِري، ڀورِي رَنجائي،
مَکِ پَنھِنجي مَڪُڙِي، چَڱِي چِٽائي.
[ سُر سامونڊي، وايون، 6 ]
ساندارو سَمُنڊَ جو، اَڙانگو آھي،
تو پانھِنجا نَہ ڪِئا، واري وَرائي،
ھُوندَ نَہ پيئِيَنءَ ھيتِري، ڀورِي رَنجائي،
مَکِ پَنھِنجي مَڪُڙِي، چَڱِي چِٽائي.
[ سُر سامونڊي، وايون، 6 ]
جَنِ لاءِ نيڻَ جِهڄَنِ، تَنِ پَرَڏيھِ پُورِيُون،
آيَلِ سارِئو اُنِ کي اوڇِنگارُون اَچَنِ،
کاري کيڙائُنِ، واحِدَ واري آڻِيين.
[ سُر سامونڊي، آيا وڻجارا، 21 ]
آيَلِ سارِئو اُنِ کي اوڇِنگارُون اَچَنِ،
کاري کيڙائُنِ، واحِدَ واري آڻِيين.
[ سُر سامونڊي، آيا وڻجارا، 21 ]
کَرَڪَنِ کِجاياسِ، مَحبَتيءَ ميھارَ جي،
ڇَڙِڪَنِ جي ڇيڄَ ڪِئا، تَنِ واري وَھِ وِڌِياسِ،
لالَڻَ لاءِ لَطِيفُ چئَي، اَچِي آبِ گهِڙِياسِ،
سَرَتِيُون ڪَنھِن سَڀَاڳَ کي، سِڪَڻُ آئُون سِکِياسِ،
وَسان تي ويياسِ، مِلِيَسِ جي نَہ ميھارَ کي.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 7 ]

لَھِرِيين لَکَ لِباسَ، پاڻِيءَ پَسَڻُ ھيڪِڙو،
اُونِهي ھِنَ عَمِيقَ جِي، واري ڇَڏِ وِماسَ،
جِتِ ناھِ نِھايَتَ نِينھَن جِي، تِتِ کُوءِ پَنھِنجي خاصَ،
تَرَڻَ جِي تَلاشَ، لاھِ تَہ لالَڻَ لَڳِ ٿِيين.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 11 ]