هاڻي جي سنڌي معنيٰ
هن وقت، هينئر، جلدي، تازو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Now
هاڻي جا بيتن ۾ حوالا
هُوندَ مُون کي نِينِ مَلِيرَ ۾، پَرَ آئُون بَندِياڻِي بَندِ،
ويٺِي لِکِئو لوڙِيان، هاڻي هِنَ هَنڌِ،
پُئان پائُرَ پَنڌِ، جي وَري وَرَقُ وِصالَ جو.
[ سُر مارئي، سيئي سارئان سومرا، 8 ]
ويٺِي لِکِئو لوڙِيان، هاڻي هِنَ هَنڌِ،
پُئان پائُرَ پَنڌِ، جي وَري وَرَقُ وِصالَ جو.
[ سُر مارئي، سيئي سارئان سومرا، 8 ]
کاروڙِئا کَڻِي، ويڙِهِي جَهپَ وِئا،
سيڻَ مُنھِنجا سَيِّدُ چئَي، هاڻي هِتِ هُئا،
پَسِي پَڊَ اُنِ جا، لَڙِي لُڙِڪَ پِئا،
ڏيھِي ڏُورِ وِئا، ڏِيان ڏوراپو ڪَنِ کي.
[ سُر مارئي، کائر ڏانھن کڻي وئا، 16 ]
سيڻَ مُنھِنجا سَيِّدُ چئَي، هاڻي هِتِ هُئا،
پَسِي پَڊَ اُنِ جا، لَڙِي لُڙِڪَ پِئا،
ڏيھِي ڏُورِ وِئا، ڏِيان ڏوراپو ڪَنِ کي.
[ سُر مارئي، کائر ڏانھن کڻي وئا، 16 ]
دَرَ دَرِوازا دَرِيُون، هاڻي هِتي هُوءِ،
ڪوڙيِين مَنڊِئا ڪيتِرا، تَنبُو مَٿان تُو،
جي مُلِ نَہ آئِيا مارُئِي، تَنِي رَڙُ مَ رَو،
ڪُوڪَٽُ آهي ڪو، پُسِيءَ پَنوَهارَنِ ۾.
[ سُر مارئي، مَ رو، پانڌي پرين پنھوار، 10 ]
ڪوڙيِين مَنڊِئا ڪيتِرا، تَنبُو مَٿان تُو،
جي مُلِ نَہ آئِيا مارُئِي، تَنِي رَڙُ مَ رَو،
ڪُوڪَٽُ آهي ڪو، پُسِيءَ پَنوَهارَنِ ۾.
[ سُر مارئي، مَ رو، پانڌي پرين پنھوار، 10 ]
جِتِ پَرُ پيرُون هُئا، اُتي اَباڻان،
هُو جٖي ماڳَ مَلِيرَ جا، سي سَڀَ سُڃاڻان،
هاڻي نَہ ڄاڻان، تَہ ڪِھَڙو واقِعو ويڙِه ۾.
[ سُر مارئي، جيھا جي تيھا، 22 ]
هُو جٖي ماڳَ مَلِيرَ جا، سي سَڀَ سُڃاڻان،
هاڻي نَہ ڄاڻان، تَہ ڪِھَڙو واقِعو ويڙِه ۾.
[ سُر مارئي، جيھا جي تيھا، 22 ]
English Meaning
Now