مُسافِرَ جي سنڌي معنيٰ
مسافري ڪندڙ، سفر ڪندڙ، واٽھڙو، راهي، ويندل، راهگير. سَياح، ياتري، سئلاني، پانڌيڙا، رَمتا، گهُمندڙ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Travelers, voyagers. Roamers, wanderers.
مُسافِرَ جا بيتن ۾ حوالا
سَڌين سيڻَ نَہ ھُونِ، نِينھُن نِياپي نَہ ٿِئي،
ڪارِيءَ راتِ رَتُ ڦُڙا، جان جان نيڻَ نَہ رُونِ،
موٽَڻُ جَنِي ميھَڻو، پِڙَ تي سيئِي پُونِ،
جَنِ مُسافِرَ سُپِرِين، سي مَرُ رويو رُونِ.
[ سُر کنڀات، وايون، 4 ]
ڪارِيءَ راتِ رَتُ ڦُڙا، جان جان نيڻَ نَہ رُونِ،
موٽَڻُ جَنِي ميھَڻو، پِڙَ تي سيئِي پُونِ،
جَنِ مُسافِرَ سُپِرِين، سي مَرُ رويو رُونِ.
[ سُر کنڀات، وايون، 4 ]
آئُون جِيئَندِي ڪِيئَن، يااللهَ مُون مُسافِرَ سُپِرِين،
مُون کي ڇَڏي ھَلِئا، ھاڻي ڪَرِيان ڪِيئَن؟
[ سُر کنڀات، وايون، 6 ]
مُون کي ڇَڏي ھَلِئا، ھاڻي ڪَرِيان ڪِيئَن؟
[ سُر کنڀات، وايون، 6 ]
ڪَڪَرَ ھُونِ نَہ ھُونِ مِينھُن منجهائِين نِڪِري،
سارِيو سُپَيرِيَن کي، لُڙِڪَ لَڙِيو پُونِ،
سي مَرُ رويو رُونِ، جَنِ مُسافِرَ سُپِرِين.
[ سُر سارنگ، ڌرتي ڍُري، 21 ]
سارِيو سُپَيرِيَن کي، لُڙِڪَ لَڙِيو پُونِ،
سي مَرُ رويو رُونِ، جَنِ مُسافِرَ سُپِرِين.
[ سُر سارنگ، ڌرتي ڍُري، 21 ]
مِيرَ مَدِينِئان نِڪرِي، آيا نَہ موٽِي،
ڪارا رَڱِجِ ڪَپِڙا، اَدا نِيروٽِي،
آئُون تَنِي لَئِہ لُوٺِي، جي مِيرَ مُسافِرَ رانئئا.
[ سُر ڪيڏارو، ڏٺو محرم ماھ، 8 ]
ڪارا رَڱِجِ ڪَپِڙا، اَدا نِيروٽِي،
آئُون تَنِي لَئِہ لُوٺِي، جي مِيرَ مُسافِرَ رانئئا.
[ سُر ڪيڏارو، ڏٺو محرم ماھ، 8 ]
ويٺي وَرِ نَہ پُونِ، سُتي مِلَنِ نَہ سُپِرِين،
سي مَرُ رويو رُونِ، جَنِ مُسافِرَ سُپِرِين.
[ سُر آبڙي، جِيئڻ، ور ۽ ھيڪاندي، 15 ]
سي مَرُ رويو رُونِ، جَنِ مُسافِرَ سُپِرِين.
[ سُر آبڙي، جِيئڻ، ور ۽ ھيڪاندي، 15 ]
مُسافِرَ نَئُون ماءُ، وِرھُ وِھايُمِ وِتَرو،
اَچِي ٿِئَمِ اوچِتِي، تَنِ سانگِيَنِ سين ساڃاءِ،
جِيجان جَهلَ مَ پاءِ، ھِنيُون ھوتَ ھَڻِي وِئا.
[ سُر ديسي، وديسي وَرُ، 6 ]
اَچِي ٿِئَمِ اوچِتِي، تَنِ سانگِيَنِ سين ساڃاءِ،
جِيجان جَهلَ مَ پاءِ، ھِنيُون ھوتَ ھَڻِي وِئا.
[ سُر ديسي، وديسي وَرُ، 6 ]
وَٽِ سورِيندي وَلَها، وِئَڙو تيلُ ٻَرِي،
موٽُ مُسافِرَ سُپِرِين، چانگي تي چَڙِھي،
راڻي لَئي رَڙِي، ويئِي وِھامِي راتِڙِي.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 5 ]
موٽُ مُسافِرَ سُپِرِين، چانگي تي چَڙِھي،
راڻي لَئي رَڙِي، ويئِي وِھامِي راتِڙِي.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 5 ]
راھُو تُنھِنجي رِيتِ، پَرَکَنڊينَ پَڌِرِي،
گَهڻا گهوڙي چاڙِھئا، تو مُسافِرَ مَسِيتِ،
پُڇين ڪانَہ وِڏِيتِ، جٖي آئِيا سي اَگهِئا.
[ سُر بلاول، مجوسِي، ڄام ۽ جادم، 10 ]
گَهڻا گهوڙي چاڙِھئا، تو مُسافِرَ مَسِيتِ،
پُڇين ڪانَہ وِڏِيتِ، جٖي آئِيا سي اَگهِئا.
[ سُر بلاول، مجوسِي، ڄام ۽ جادم، 10 ]
English Meaning
Travelers, voyagers. Roamers, wanderers.