مُحتاجِي جي سنڌي معنيٰ
لاچاري، لاچارگي، گهرج، ضرورت، اڻسَرندي، حاجت، مجبوري، احتياجي، لوڙَ، لوڙه، مانگ. اڻ هوند، تنگي، سُڪَ، گهٽتائي، غريبي، ڪنگالپڻ، ڪنگالپڻو، کُٽلائي، مُفلسي، تنگدستي، اِفلاس، بي نَوائي، مسڪيني. پرواه، ڪاڻ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Disability, need, want, want of means, poverty, indigence
مُحتاجِي جا بيتن ۾ حوالا
مَھِندِ مُحتاجِي ڪَري، حُجَ وِڃائي ھَلُ،
عُذرِخواھِيُون عاجِزيُون، سَسُئِي ڪَنھِن مَ سَلُ،
ڏُونگَرُ ڏورَڻُ ڏاکَڙو، لَنئُن ري ڪونهي لَلُ،
اِيءُ ڀَلائِيءَ جو ڀَلۡ، جِيئَن پاسي ٿِيَڻُ پاڻَ کان.
[ سُر آبڙي، ويھُ مَ مُنڌ، 13 ]
عُذرِخواھِيُون عاجِزيُون، سَسُئِي ڪَنھِن مَ سَلُ،
ڏُونگَرُ ڏورَڻُ ڏاکَڙو، لَنئُن ري ڪونهي لَلُ،
اِيءُ ڀَلائِيءَ جو ڀَلۡ، جِيئَن پاسي ٿِيَڻُ پاڻَ کان.
[ سُر آبڙي، ويھُ مَ مُنڌ، 13 ]
مَھِندِ مُحتاجِي ڪَري، پُٺِيءَ پيرُ کَڻيجِ،
ڪُٻيلِياڻِي ڪيچَ ڏي، حُجَ مَ ھَلائيجِ،
پاڻَ ڌاران پِريَتَڻو، سَسُئِي ساڻُ کَڻيجِ،
اوڏِي عَزازِيلَ کي، ويجهِي تان مَ وَڃيجِ،
نااُميدِي نيجِ، تَہ اوڏِي ٿِيين اُميدَ کي.
[ سُر آبڙي، ويھُ مَ مُنڌ، 14 ]