مَڻِڪو جي سنڌي معنيٰ
مَڻيو، موتِي، داڻو، تسبيح جو داڻو. مڙڪو. پٿر جو موتي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A bead, a kind of pebble worn as a charm.
مَڻِڪو جا بيتن ۾ حوالا
سِرُ نايو سَجِدا ڪَرِيين، تَنَ تَواضِعُ تو نَہ،
ھُو جو مَڻِڪو مَنَ جو، جان سُوڌو سورِيُئِي سو نَہ،
ڪُوڙا ٿِيندُءِ ڪونَہ، اِنَ ڦوڪِيءَ ڌوتي فائدو.
[ سُر آسا، آئون، تُون، روزا نمازُون، 19 ]

مَنُ مَڻِڪو تَنُ تَسبِيحَ، دِلِ دَنبُورو جَنِ،
تَندُون جٖي طَلَبَ جُون، وَحدَتَ ساڻُ وَڄَنِ،
وَحۡدَہٗ لا شَرِيڪَ لَهٗ ، اِھو راڳُ رڳُنِ،
سي سُتا ئِي سُونھَنِ، نِنڊَ عِبادَتَ اُنِ جِي.
[ سُر آسا، من، گولو ۽ جنڊ، 18 ]